اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف پگهاردار طبقي تي ٽئڪس هڻڻ جو ناهي چيو. بجيٽ ۾ ٿيل غلطين جو ذميوار محمد اورنگزيب ناهي. مون سياست نه ڇڏي هئي، سياست تان پوئتي هٽي ويو هئس. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ هر پارٽي پاور پاليٽڪس ڪري رهي آهي، ڪا به اصولي سياست واري پارٽي ناهي. سڀني سياسي اڳواڻن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي بهتري جو رستو ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته بجيٽ ۾ ڏٺو ته عوام جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي، هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن توهان وٽ پارليامنٽ ۾ اڪثريت ناهي ته پوءِ توهان کي وزيراعظم نه ٿيڻ گهرجي. غير جمهوري طريقي سان وزيراعظم کي هٽائڻ مناسب ناهي، پر جمهوري طريقي سان وزيراعظم کي هٽائڻ ۾ ڪو به حرج ناهي. هن چيو ته مصطفيٰ نواز کوکر اسان کان پري ناهي، هن ۾ اسان ۾ ٽائيمنگ جو فرق آهي. هن چيو ته مصطفيٰ نواز اليڪشن کان اڳ پارٽي ٺاهڻ جو چيو هو، ان وقت شاهد خاقان نه سوچيو هو، هاڻي مصطفيٰ نواز سمجهي ٿو ته سياست ۾ گهڻي گنجائش آهي پر هي وقت صحيح ناهي. هن چيو ته اسان جي سياست درست ناهي، فوج ۽ عدالت سياست ۾ تمام گهڻو ملوث آهن، ملڪي معيشت اشرافيه جي هٿن ۾ آهي. هن چيو ته اسان جاگيردارن ۽ اميرن کي تحفظ ڏيون ٿا ۽ غريبن تي ٽئڪس هڻون ٿا، تعليم جو نظام تمام خراب آهي، سرڪاري خدمتون ۽ ادارا بهتر ناهن، اهو نظام تبديل ڪرڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ترقياتي بجيٽ لاءِ 500 ارب رپيا وڏي رقم آهي، ان کي ٺيڪ ڪريو، چئني صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن تي 30 هزار ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته هڪ طرف توهان ٻارن جي کير ۽ دل جي مريضن جي اسٽنٽس تي ٽئڪس لڳائي رهيا آهيو ته ٻئي طرف ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي منصوبن تي 500 ارب رپيا خرچ ڪري رهيا آهيو. هن چيو ته ملڪ ۾ 1 هزار 18 ارب رپين جي پينشن آهي، جنهن مان 600 يا 662 ارب رپيا دفاعي ادارن جي پينشن ۽ باقي 350 ارب رپيا سول ملازمن جي پينشن ٺهي ٿي. هن چيو ته پينشن ۾ سڌارا آڻڻ گهرجن، ٻه پينشن نه ڏنيون وڃن، پينشن پگهار کان وڌيڪ نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته بجيٽ ۾ ڪيتريون شيون اهڙيون آهن، جيڪي آءِ ايم ايف جا شرط نه هئا. هن چيو ته ايران مان پئٽرول سمگل ٿي رهيو آهي، ان تي پي ڊي ايل لڳايو، توهان اهو نه ڪيو. هن چيو ته آءِ ايم ايف نه چيو ته پگهاردار طبقي تي ٽئڪس لڳايو وڃي. مفتاح اسماعيل چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته هي بجيٽ سڄو سال برقرار رهندي، ان ۾ تمام گهڻا خال آهن، ان تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. هن چيو ته توهان بجيٽ جي ڪنهن به حصي سان ٽڪراءُ نٿا ڪري سگهو، جيڪڏهن دفاع توهان کي معلومات نه ڏيندو ته پوءِ ريلوي به نه ڏيندو. هن چيو ته هتي سڀ مقدس ڳئون آهن ۽ انهن ڳئن لاءِ هڪ وڏي ڪاسائي جي ضرورت آهي.