ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ مبينا طور تي ترقياتي ڪم مڪمل ٿيڻ کانسواءِ عملي ۽ ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت سان سيڪيورٽي جي مد ۾ ڪروڙين رپيا ڪڍرائي ڦٻائڻ جي جاچ ڪئي پئي وڃي جنهن کانپوءِ لاڳاپيل عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. ان سلسلي ۾ نيب سکر جي ٽيم ٽن ڏينهن کان ڪنڌڪوٽ ۾ ترسيل آهي. گذريل ٽن ڏينهن ۾ روڊس کاتي، بلڊنگ کاتي، ايجوڪيشن ورڪس کاتي، ايريگيشن کاتي جي آفيسن تي ڇاپا هنيا ويا. ذريعن موجب ٽيم کي ڇاپن باوجود ڪو رڪارڊ هٿ نه اچي سگهيو جنهن کانپوءِ 2013 کان 2020 ۽ 2023 تائين ڪروڙين رپين جي مبينا گهوٻين جي جاچ جي سلسلي ۾ خزاني آفيس تي ڇاپو هنيو ويو. مختلف کاتن جي عملي پاران برساتن ۾ رڪارڊ ختم ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي نيب سکر جي ٽيم کي واپس ڪيو ويو. ڇاپن دوران ڪا گرفتار عمل ۾ ناهي آئي جڏهن ته جاچ هلندڙ آهي. ٽيم جي ڪنڌڪوٽ ۾ موجودگي تي عملدارن ۾ ٿرٿلو متل آهي.
-
فوجي عدالتن ۾ سول ڪيس موڪلڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر
اسلام آباد(م ڊ) نو مئي واقعن ۾ ملوث شهرين جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواستن جي ٻڌڻي 8 جولاءِ تي ٿيندي..جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ست رڪني بينچ انهن درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪري ڇڏيون آهن. سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني بينچ فوجي عدالتن کي انهن ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي جيستائين سپريم ڪورٽ درخواستن تي فيصلو نه ڏيندي.
-
تعليم کاتي ۾غيرقانوني طور نوڪريون ڏيندڙ ڊائريڪٽر خلاف جاچ ڪميٽي قائم
ڪراچي(رپورٽر) تعليم کاتي ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ڪراچي يار محمد بالادي خلاف جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڊائريڪٽر جنرل جي سربراهي ۾ ٽي رڪني ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها جاچ ڪري هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪري،ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن يار محمد بالادي خلاف ٻين صوبن جا ڊوميسائل رکندڙ جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽيز کي مقرر ڪرڻ،غيرقانوني ترقيون ڏيڻ ۽ ڊائريڪٽر جي رٽائرمينٽ واري عمر جي معاملن جي جاچ ڪئي ويندي.