وفاقي حڪومت مهانگائي گهٽائڻ جو ساليانو هدف ماڻڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  شماريات جي وفاقي بيورو مهانگائي جي حوالي سان هڪ مهيني جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جون ۾ مهانگائي جي شرح 0.46 سيڪڙو وڌي وئي آهي،  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جون مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 12.57 سيڪڙو رهي، مئي 2024 ۾ مهانگائي جي شرح 11 ڏهائي 76 سيڪڙو رهي آهي. رپورٽ موجب جون دوران شهرن ۾ مهانگائي جي شرح 0.58 سيڪڙو جڏهن ته ڳوٺن ۾ 0.28 سيڪڙو وڌي وئي، مالي سال 24-2023ع دوران شهرن ۾ مهانگائي جي شرح 24.12 سيڪڙو رهي. رپورٽ موجب جون دوران شهرن ۾ مهانگائي جي شرح 0.58 سيڪڙو جڏهن ته ڳوٺن ۾ 0.28 سيڪڙو وڌي وئي، مالي سال 24-2023ع دوران شهرن ۾ مهانگائي جي شرح 24.12 سيڪڙو رهي.شماريات اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل مالي سال ۾ ڳوٺن ۾ مهانگائي جي شرح 22.41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ياد رهي ته 3 جون تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ 3 ڏهائي 24 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن بعد مئي ۾ مهانگائي جي شرح 11.76 سيڪڙو تائين پهچي وئي.  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مئي ۾ پٽاٽا 14.73 سيڪڙو، گوشت 4 سيڪڙو ۽ لوبيا 3.9 سيڪڙو، ٽماٽر، بصر 51 سيڪڙو، مرغي 35.2 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 22.7 سيڪڙو اضافو ٿيو، هڪ سال دوران بصر 86 ڏهائي 6 ، ٽماٽر 55 ڏهائي 4 ۽ مصالحا 39 ڏهائي 17 سيڪڙو مهانگا ٿيا.

  1. پاڪستان ۾ مهانگائي شرح 6 مهينن کانپوءِ پهريون ڀيرو وڌي آهي: بلوم برگ

نيويارڪ(م ڊ) عالمي مالياتي ويب سائيٽ بلومبرگ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واڌ  بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. بلومبرگ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 6 مهينن ۾ پهريون ڀيرو جون جي مهيني ۾ وڌي وئي. بلوم برگ ان جو سبب ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ کي قرار ڏيندي چيو ته روزاني استعمال جي شين جي صارف انڊيڪس ۾ هڪ سال دوران 12.57 سيڪڙو اضافو ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.