اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وفاقي بجيٽ تي عملدرآمد کانپوءِ مهانگائي جي ور چڙهيل عوام لاءِ دالن جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، گوشت ۽ ڀاڄين کانپوءِ عوام لاءِ دال کائڻ به مشڪل ٿي ويو،ڪراچي سميت سڄي ملڪ دال جا اگهه وڌي ويا. هڪ هفتي دوران چنا جي دال جو اگهه 69 رپيا ۽ چنا پهرين درجي جو اگهه 231 رپين مان وڌي 295 رپيا ٿي ويو. هول سيل گريسر ايسوسيئيشن جي صدر جو چوڻ آهي ته ٻئي درجي جي دال جو اگهه 216 کان وڌي 285 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي، جڏهن ته دل مونگ پهرين درجي جي قيمت 60 رپين جي واڌ سان 330 رپيا ۽ دال مونگ ٻئي درجي جي قيمت 260 کان وڌي 300 رپيا ٿي ويو آهي، ان سان گڏ دال ماش جي قيمت ۾ 10 رپيا، ڪابلي چڻا جي قيمت ۾ 60 رپيا ، ڪاري چڻا جي اگهه ۾ 38 رپين جي واڌ ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ دال ماش 520 رپيا في ڪلو، ڪابلي چنا 362 جڏهن ته ڪارو چڻا 255 رپيا في ڪلو ٿي ويو، جڏهن ته بيسن جو اگهه 30 رپيا واڌ کانپوءِ 280 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.