ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي اليڪٽرانڪس ڊيلرز موبائيل فونن تي اضافي ٽيڪس کي رد ڪري ڇڏيو، ڪراچي موبائيل اينڊ اليڪٽرونڪس ڊيلرز ايسوسي ايشن جي صدر مناج گلفام چيو آهي ته ٽيڪس سان ڪاروبار متاثر ٿيندو، مهانگائي وڌندي ۽ عوام تي بار پوندو. منہاج گلفام مارڪيٽ ٻاهران شديد فضائي فائرنگ ۽ آتشبازي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ايشيا جي سڀ کان وڏي موبائيل مارڪيٽ خطري ۾ پئجي وئيايسوسيئيشن جي عهديدارن جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ ناڻي واري وزارت بجيٽ کان اڳ واپاري برادري سان مشاورت نه ڪئي.
-
جسٽس بابر ستار جي ڊيٽا ليڪ ڪرڻ بابت آمريڪي سفارتخاني سان رابطي جي هدايت
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) جسٽس بابر ستار ۽ سندس خاندان جي ذاتي ڊيٽا ليڪ ڪرڻ واري معاملي ۾ايف آءِ اي پاران ايڪس جي چيف ليگل آفيسر کي جاچ ۾ مدد لاءِ لکيل خط جو جواب ملي ويو آهي ، جواب ملڻ کانپوءِ جسٽس بابر ستار ۽ خاندان جي ڊيٽا ليڪ ڪرڻ واري معاملي ۾آمريڪي سفارتخاني سان رابطي جي هدايت ڪئي وئي آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کي امريڪي سفارتخاني سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جسٽس بابر ستار ۽ سندس ڪٽنب جو ڊيٽا بابت عدالت ايڪس جي چيف ليگل آفيسر کي خط لکي ڇڏيوهو خط ۾ ايڪس ڊيٽا ليڪ ڪندڙ جي اڪائونٽ جي سڃاڻپ لاءِ مدد گهري ورتي هئي ، جسٽس بابر ستار ۽ سندس خاندان جي ذاتي ڊيٽا ڪنهن ليڪ ڪئي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ غير معمولي قدم کڻندي ايڪس جي چيف ليگل آفيسر کي اهم خط لکي ايڪس ڊيٽا ليڪ ڪندڙ جي اڪائونٽ جي نشاندهي ۾ مدد طلب ڪري ورتي هئي.عدالتي ذريعن موجب رجسٽرار هاءِ ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس جي چيف ليگل آفيسر کي پرڏيهي وزارت ذريعي اهم خط لکيو . خط ۾ چيو ويو هو ته ايڪس پنهنجي نمائندي کي هاءِ ڪورٽ ۾ موڪلڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن ايڪس هڪ نمائندو موڪليندو ته اهو قابل قدر هوندو ته جيڪڏهن ڪا منظم مهم هئي ته پوءِ ايڪس کي به ان جي لنڪ کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي. عدالتي ذريعن موجب ايڪس جي مطابق ايڪس طرفان برطانيا ۽ ڀارتي حڪومتن کي گذريل امداد جو حوالو خط جو حصو آهي.عدالتي ذريعن موجب رجسٽرار چيو ته پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي خط آمريڪا ڏانهن اماڻيو وڃي ۽ پاڪستان جي جاچ ادارن جي نشاندهي ڪيل اڪائونٽن جا تفصيل به خط سان ڳنڍيل آهن.