190 ملين پائونڊ ريفرنس: بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي چيو ته بشريٰ بي بي جي گرفتاري جي ضرورت نه آهي.  نيب چيئرمين انهي جا گرفتاري وارنٽ جاري نه ڪيا آهن. جيستائين وارنٽ جاري نه ٿيندا ضمانت جي درخواست غير موثر آهي. 10 مهينا اڳ به اسان جو ساڳيو موقف هو ته بشريٰ بي بي جا گرفتاري وارنٽ جاري ناهن ڪيا ويا. عدالت بشريٰ  بي بي جي ضمانت کان اڳ  گرفتاري جي درخواست منظور ڪندي ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 5 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف جيل اختيارين چيو آهي ته ضمانت منظور ٿيڻ جي باوجود بشريٰ بي بي کي آزاد نٿو ڪري سگهجي ڇو ته اها عدت نڪاح  ڪيس ۾ سزا ڪاٽي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.