اضافي ٽيڪسن خلاف عوامي ردعمل  اچڻ شروع ٿي ويو

جيڪڏھن عوام جي ڏکن سورن کي ماپڻ جو ڪو پئمانو ھجي تھ اھو ثابت ڪري سگھجي ٿو تھ ھن وقت حڪومت جي حڪومت عوام مٿان بجيٽ جي انگن اکرن سان اھڙي راند ڪئي آھي،جنھن سان غريب وڌيڪ غريب ۽ امير وڌيڪ امير ٿي رھيو آھي.نتيجي ۾ ٽيڪس جي وڌايل بار سان عام ماڻھن جي چيلھه چٻي ٿيڻ ڪري ھو دانھون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آھي.

اھو درست آھي تھ ھي حڪومت اڳوڻي جو تسلسل آھي، ماضيءَ ۾ بھ اقتدار ۾ھئڻ وقت ٽيڪس نيٽ وڌائڻ  جي ڳالھھ ڪئي ھئي.جنھن جو مقصد حاصل نه ڪري سگهي.حڪومتون عوامي مشينري ۽ رياستي انتظاميه تي اعتماد پيدا ڪرڻ کان قاصر آهن. ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪنهن به مسئلي جي صورت ۾ انهن کي پنهنجو معاملو پاڻ  ئي درست ڪرڻو آهي. سرڪاري ادارا نه ته سندن ٻارن جي تعليم جا ذميوار آهن ۽ نه ئي کين علاج جون سهولتون ڏئي سگهيا آهن.

عوامي بي اعتمادي جو ٻيو پاسو  ناقص انتظامي ڍانچو آھي. جنهن ۾ ڪا به بهتري نظر نٿي اچي. ڄڻ ته حڪومت سرڪاري طور تي نظام ۾ ڪرپشن کي تسليم  ڪري رھي آھي.جنھن ڪري عوام جو اعتماد ختم ٿي رھيو آھي.

آمدنيءَ ۾ واڌ لاءِ نعرا هڻڻ جي باوجود قومي بجيٽ ۾ اهڙو ڪو به قدم نه کنيو ويو آھي جنھن مان اھو محسوس ٿئي تھ ان سان غريب ماڻھو کي ڪو فائدو ٿيندو.ان جي ابتڙ ماڻھو سمجھن ٿا تھ حڪومت اميرن ۽ اشرافيا کي بچائڻ جي لاءِ غريبن مٿان ئي ٽيڪس جو بار وڌائي رھي آھي.

ھاڻوڪي بجيٽ ۾ حڪومت جنھن طريقي سان عالمي مالياتي اداري جي شرطن کي پوري ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪس مڙھيا آھن.ان سان غريبن جي دانھن نڪري وئي آھي.ٻئي پاسي سروسز مھيا ڪندڙ ادارا پڻ ڪنھن ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نھ آھن.

ملڪ جي مختلف حصن ۾غريبن مٿان مڙھيل اجائي ٽيڪس جي بار،بجلي جي  قيمتن ۾ اضافي ۽ مھانگائي خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي.ڪراچيءَ ۾بجلي جي اک ٻوٽ سبب شهرين احتجاجي مظاهرا ڪيا.بجلي جي بلن ۾ واڌ ۽ لوڊشيڊنگ  ٽيڪس ۾ اضافي خلاف  اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ واپاري برادري احتجاج  ڪندي حڪومت کان لاڳو ٽئڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.ڪوئيٽا ۾ واپاري برادري  انجمن تاجران مظاهرو ڪيو سندن چوڻ ھو ته بجلي جي بلن تي ٽئڪسن ۾ اضافو ظالماڻو قدم آهي، مهانگائي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي آهي، بجلي جي وڌندڙ بلن سبب ڪاروبار هلائڻ مشڪل ٿي ويو آهي.  جيڪڏهن بجلي جي بلن تي ٽيڪس واپس نه ٿيو ته احتجاج جاري رهندو.خيبرپختونخواهه جي واپاري تنظيمن به بجلي جي بلن ۽ ٽئڪسن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪيو ويو، واپارين اشرف روڊ  تي مظاهرو ڪيو. ٽريڊ يونين جي اڳواڻ مطالبو ڪيو ته بجلي جي بلن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي.

اسلام آباد ۾ به بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف  آل پاڪستان انجمن تاجران اسلام آباد ۾ آبپارا چوڪ تي احتجاج ڪيو ۽  ھنن حڪومت کان  استعيفي’ جو مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏهن بجلي جي بلن تان ٽئڪس ختم نه ٿيو تھ ته هڙتال ڪئي ويندي.

اھڙي احتجاج سان محسوس ٿي رھيو آھي تھ ماڻھو ٽيڪسن جي وڌائڻ خلاف ھاڻي احتجاج ۽ مزاحمت جو رستو اختيار ڪري رھيا آھن.ٻئي پاسي اھا بھ عجيب ڳالھھ آھي تھ حڪومت جي شاھي خرچن ۾ هڪ رپئي جي بھ ڪٽوتي نھ ڪئي وئي آھي ۽ عام ماڻهو تي تمام ننڍين شين تي ٽيڪس مڙھيو ويو آھي. جنھن سان ھيٺين ۽ وچولي طبقي جي ماڻھن جي ڳچيءَ ۾ پيل ڦاھي اڃان پڻ سوڙھي ٿي رھي آھي ان جي مقابلي ۾ اشرافيا ۽ نوڪرشاھي کي ھڪ اندازي موجب 770 ارب رپين جي بجلي ۽ پيٽرول  مفت ۾ ڏنو پيو وڃي.تنهن هوندي به حڪومت  غريبن جي کيسي مان پئسا ڪڍي اشرافيه جي عيش عشرت کي جاري رکڻ چاھي ٿي.

هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي90 سيڪڙو پڙهيل لکيل ماڻهو ايف بي آر جي پيچيده اعلان کي سمجهڻ کان قاصر آهن ۽ جنھن ڪري فائلر جي چڪر ۾ماڻھن کي وڪيلن کان رجوع ڪرڻو پئجي رھيوآھي.جيڪو وري عوام مٿان اڃان اضافي بار آھي.

ڪروڙين رپيا ڪمائيندڙ صنعتڪار رڳو 86 ارب رپيا ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن ۽ 320 ارب رپيا پگهاردار طبقي جي کيسي مان ڪڍيا ويا آھن.حڪومت بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي ايترو ته بار وڌائي ڇڏيو آهي جو ھاڻي اھو بيزار ٿي ويو آھي.

نوڪري پيشھ ماڻھن جي انڪم ٽيڪس جي شرح ۽ حد ۾ واڌ جي حساب سان نظرثاني ڪئي وڃي ها. بجيٽ دستاويز موجب 12 لک رپين تائين جي سالياني آمدني تي 5 سيڪڙو ۽ 24 لک رپين تائين جي سالياني آمدني تي ٽيڪس جو نئون حساب مقرر ڪيو ويو آهي. 180 هزار رپيا ٽيڪس ادا ڪرڻ کان سواءِ 24 لک رپين کان وڌيڪ آمدني تي 25 سيڪڙو انڪم ٽيڪس به ادا ڪرڻو پوندو. اهڙي طرح انڪم ٽيڪس جو بار خاص ڪري پگهاردار طبقي تي وڌيڪ پوندو.

ناڻي واري وزير ٽيڪس چوري کي گهٽائڻ لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم آندو  آهي، جنهن جو مقصد تمباڪ، سيمينٽ سميت هر شعبي ۾ ٽيڪس چوري کي روڪڻ هو، اسان وٽ ڊيٽا آهي ته ڪنهن وٽ ڪيتريون گاڏيون آهن ۽ ڪير ڪيترو ادا ڪري ٿو ؟ ٻئي طرف عوام تي بار وڌائڻ جي فوري منظوري ڏني وئي آهي، پيٽروليم جون شيون جيڪي اڳ ئي مهانگيون آهن، ليوي ۾ 20 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي پئي وڃي، اهڙي طرح بجلي، ڪاغذ، اسٽيشنري، طبي سامان، کنڊ، ٽيڪس. موبائيل فون وغيره تي اضافو ڪيو ويو آهي.

عوام۽ واپارين بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ احتجاج ڪري رهيا آهن ته هي ڪهڙي بجيٽ آهي. جيڪڏھن حڪومت عوام جي ڪاوڙ ۽ احتجاج جو نوٽيس نھ ورتو ۽ عام ماڻھن کي اھجن ۽ تڪليفن جو ڪو داد فرياد نھ ڪيو تھ اھو احتجاج وڌي ڪري ھاڻوڪي حڪومت خلاف وڏو محاذ بڻجي ويندو اڳي ئي ھن حڪومت جي مٿان ماڻھن جو اعمتاد نھ رھيو آھي.اپوزيشن جو بھ سگھاري آھي.ان ڪري ماڻھن جي شڪايتن کي ٻڌڻ ۽ انھن جي تڪليفن کي دور ڪرڻ جي لاءِ ڪو بھتر ۽ جوڳو رستو ڪڍو وڃي.عوام مٿان مڙھيل ڳرن ٽيڪسن جي بار کي ھٽايو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.