ڇا اسين آءِ ايم ايف کان سواءِ زندهه رهي نه ٿا سگهون

تحرير: غلام مصطفيٰ جمالي

يقين ۽ اعتبار ٻه اهڙيون شيون آهن جنهن سان انسان ترقي به ڪندو آهي ۽ انسان پنهنجي مستقبل کي تباهه به ڪندو آهي.آمريڪا هيروشاما ۽ ناگا ساڪي تي ٻه ايٽم بم ڪرايا، اهوانساني تاريخ جو وڏو الميو هو ۽ انساني تاريخ جي وڏي ۾ وڏي تباهي ٿي هئي،هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي ايٽم بم ڪرڻ سان هر طرف موت ئي موت ئي هو ۽ هر طرف لاش جا انبار هئا اها ايڏي تباهي هئي جنهن کي دنيا اڄ تائين وساري سگهي آهي،ايٽم ڪرڻ سان سوا ٻه لک ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ڏيڍ لک انسان زخمي ٿيا هئا ۽ اڍائي ڪروڙ سرسبز زمين بنجر بڻجي وئي هئي،هرطرف شور هو،وڏيون وڏيون عمارتون،روڊ رستا، ريلوي نظام، فيڪٽريون،اسڪول،آفيسون،بجلي جو نظام،پاڻي ۽ کاڌ خوارڪ جا ذخيره وغيره سڀ مڪمل طور ختم ٿي ويا هئا،پر اڄ انهي جپان جي عوام وٽ اُن وقت جيڪو ڪجهه موجود هو اهو صرف يقين هو ۽ خوداعتمادي هئي.

هو يقين اهو هو ته ملڪ جي تاريخ جو هي جيڪو جاني توڙي مالي نقصان ٿيو آهي  ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي پر اعتبار اهو هو به جپان جي حڪومت انهي نقصان کي ٿوري يا گهڻي وقت ۾ ڪنٽرول  ڪري وٺندي ۽ عوام لاءِ جياپو وري به عروج تي اچي ويندي، اڄ جپان جيڪو ترقي جي اهڙي موڙ تي اچي بيٺو آهي جو انهي جو مقابلو ڪير به نه ٿوڪري سگهي،اهو يقين ۽ اعتبار هو جنهن هڪ دفعو ٻيهر جپان کي معاشي صورتحال ۾ ڪڍي ڪري ترقي جي بلندين تائين پهچايو اها به حقيقت آهي ته عوام  يقين ۽ اعتبار ڪري ته ڪئين ڪري.!عوام ڄاڻي  ٿو ته کين ڏيڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪجهه به ناهي،اها حقيقت آهي ته اها حڪومت جيڪا آءِ ايم ايف جي سهارن تي هلي انهي مان عوام ڪهڙيون اميدون رکي،جنهن ملڪ جي عوام بي خوف هوندي آهي ۽ معاشرو مضبوط هوندو آهي انهي ملڪ ۾ هر شئي تيزي سان ترقي ڪندي آهي ان ملڪ جو لٽريچر،ان ملڪ جي شاعري،ان ملڪ جي موسيقي،ان ملڪ جي مصوري، ان ملڪ جون رانديون،ان ملڪ جو آرٽ ڪلچر،ان ملڪ جي سياست،ان ملڪ جي تجارت،ان ملڪ جو صعنت،ان ملڪ جي تعليم،ان ملڪ جي صحت،ان ملڪ جي سائنس،ان ملڪ جي اسٽاڪ ايڪسچئيج،ان ملڪ جي بيروڪرسي،ان ملڪ جي سياحت،ان ملڪ جي آرٽ،ان ملڪ جي ثقافت تيزي سان ترقي ڪندي آهي، پر جنهن ملڪ ۾ عوام خوف ۽ معاشي حالتن سان وڙهندو نظر اچي انهي ملڪ کي ترقي پسند ملڪ ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو ان جو انداوز لڳائڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي.

اسان جو معاشرو ايترو ته بي يقين ٿي ويو آهي جو اسانجي جي صبح جو آغاز ئي بي يقيني کان ٿيندو آهي صبح ٿيڻ مهل اهو ڊپ هوندو آهي ته آفيس لاءِ گاڏي ملندي الائي نه، صبح واري بس ايندي الائي نه، اسٽاپ تي رڪشا موجود هوندا الائي نه،جتي اسان وٽ صبح جو آغاز اهڙي ڪشمڪش ۾  ٿيندو آهي اتي پاڪستان جي عوام جون درد ڪٿائون الائي ته ڪيتريون آهن،جئين عوام کي سموري خبر آهي ته بيمار ٿيڻ سان کيس سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ڪهڙو  ٿيندو ۽ غيرسرڪاري اسپتالن ۾ اعلان ڪهڙو ٿيندو،سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائي ڪيتري آهي ۽ غيرسرڪاري اسڪول ۾ پڙهائي ڪري مضبوط،اسان وٽ مائرون ٻار پيدا ڪرڻ کان پهرين انهي خوف ۾ ورتل هونديون آهن ته ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اسپتال وڃڻو پيو ته هو واپس سهي سلامت گهر اينديون يا سندس جنازا گهر ايندا، جڏهن ته اسانجي ملڪ کانسواءِ يورپ کي ڏسو ته اتي جي مائرن جي سوچ ڪهڙي آهي،يورپ ۾ ماءُ ٻار ڄمڻ کان پهرين اهو ناهي سوچيندي ته ٻار ڄمڻ لاءِ کيس اسپتال ۾ سهولتون مهيا ڪيون وينديون يا کيس ٻار جي کير جو فڪر نه ناهي ٿيندو،کيس ايندڙ ٻار جي تعيلم جو ڊپ به ناهي هوندو،کيس ايندڙ ٻار جي نوڪري جو ڊپ به ناهي هوندو انهي کي ڀيٽ ۾ اسانجو معاشرو ڪٿي وڃي ٻيٺو آهي وهان پنهنجي دل تي هٿ رکي ڏسو ته ڇا اسانجي ملڪ ۾ اهو سڀ ڪجهه يقيني آهي يا نه.اسان ته ڪنهن ٽوٽي مان پاڻي پئيڻ لاءِ ويندا آهن ته پهرين ٽونٽي کولي ڏسندا آهيون ته پاڻي آهي يا نه، ٽي وي هلائن لاءِ پهرين ببل کولي ڏسندا آهيو ته بجلي آهي يا نه،پيٽرول ڀرائڻ کان پهرين پڇندا آهيون ته پيٽرول آهي يا نه.؟اسان ڇو ايڏا لاچار هيڻا بي وس آهيون انهي سوال جو جواب شايد ئي ڪٿي ملي،اسانجي حڪمرانن اسانجي پوري ملڪ کي بي يقينو بڻائي ڇڏيو آهي،اسين سڀ بي وس آهيون اسان کي حالتن سان وڙهڻ وسري ويو آهي،اسان وٽ سڀ کان وڏي ۾ وڏو الميو اهو آهي جو اسان 20ڪروڙ عوام آهيون ۽ اسان مان عالمي سطح تي شاعر، اديب، سائنسدان، پروفيسر،بزنس مين،ليڊر،۽ صحافي به آءِ ايم ايف جي مدد کان سواءِ نه ٿو بڻجي سگهي.

اسان آءِ ايم ايف کان سواءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون،وڏي ۾ وڏو الميو ته اهو آهي جو اسانجي ملڪ کي  اسٽيٽ بينڪ جو گورنر به آءِ ايم ايف کان سواءِ نه ٿو ملي سگهي،اسانجي بيوروڪريسي کي پڙهائڻ ۽  هلائڻ جي ذميواري  به اسٽيٽ بئينڪ وٽ آهي جنهن سان اسانجي معيشت سعودي عرب،يو اي اي،قطر ۽ چين جي ذميواري  ۾ شامل ٿي ويندي آهي،انڪري هاڻ اسانکي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته اسان جو هر ماڻهو بي يقين بڻجي ويو آهي اسان وٽ سواءِ هڪ ٻئي کي دلاسا ڏيڻ جي ٻيو ڪجهه به ناهي بچيو ڇو جو اسان جي معيشت ڪمروز ۽ نظام بهتر ناهي! اسان جي ملڪ جي ترقي جي چاٻي آءِ ايم ايف وٽ آهي ان جي مرضي آهي ان کي هوُ جهڙي ريت استعمال ڪري،ڪالهه ناڻي بابت  صلاحڪار چيو آهي ته هو ملڪ جي ادارن کي بهتر انداز۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ نيٺ پنهنجي ڳالهه تي ايندي چيائين ته اسين شفاف انداز سان ادارن جي نجڪاري چاهيون ٿا،انهي ڪري هاڻ يقين ٿي ويو آهي ته آءِ ايم ايف جو مقصد ٿا آهي،انهي لاءِ پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ واري راهه تي صرف نجڪاري ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي،پر نجڪاري جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته انهن باقي ڇڏيو به ڇا آهي،پي آءِ اي،کان ويندي پي ٽي سي ايل،۽ اسٽيل مل تائين ته نجڪاري جي باهه ۾ اڇلائي ويا آهن،باقي ڪهڙي ڪسر رهيل آهي جو حفيظ شيخ پوري ڪرڻ وڃِي رهيو آهي.ملڪ ۾ ٽيڪس جي شرح ايتري حد تائين وڌائي وئي آهي جو غريب مسڪين بخار جي گوري لاءِ پرِيشان حال نظر اچي رهيو آهي ۽ اڃان هانءُ نه ٺريو آهي ته وڌيڪ نجڪاري جو شوق به پوري ڪري ڏسي !عوام ته اڳ ئي خوابن ۽ خيالن جي پيڙاهه جي بٺي ۾ پڇي رهي آهي ۽ وڌيڪ پچڻ سان هو وڌيڪ مضبوط ٿيندي..

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.