سکر(رپورٽر) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ امان پٺاڻي اڄ ڪراچي پريس ڪلب کان وزير اعلي هائوس تائين نڪرندڙ ريلي ۽ ڌرڻو ۾ شرڪت لاءِ سڀني سياسي سماجي پارٽين ۽ وڪيل برادري سميت صحافي برادري کي شرڪت جي اپيل ڪندي چيو آهي ته شهيد جي قاتلن جي گرفتار ۽ سندس خون سان انصاف لاءِ اڄ نڪرندڙ ريلي ۽ ڌرڻو ۾ شريڪ ٿي اسان جو ساٿ ڏيو هن شريڪ ٿيندڙ کي اها پڻ اپيل ڪئي آهي ته شرڪت ڪندڙ پارٽيون صرف شهيد جا بينر ۽ سندس خون سان انصاف لاءِ نعرا هڻي ڪنهن به پارٽي وٽ سندس پارٽي جو جهنڊو نه هجي صرف اميد ته سڀ سنڌ واسي جيڪي منهنجا بچا آهن مونکي مان ڏيندا.