ڪنھن ٻئي جي ڪهاڻي، منهنجي زباني

تحرير: امر جليل

مان پاپن  ۾ پليو آھيان. منهنجي ڪبير ه ۽ صغيره گناهن جي فهرست گھڻي ڊگهي آهي.سمجهان ٿو ،هر جنم ۾ مان وڏا گناهه ڪندو رهيو آهيان ۽ هر جنم ۾ ڪيل گناهن جو لکيو يعني حساب ڪتاب ايندڙ جنم ۾ پاڻ سان گڏ منتقل ڪندو رهيو آهيان. نه ته منهنجي گناهن جي فھرست ايتري ڊگهي نه ھجي ها. مون کي ائين بھ  محسوس ٿيندو رهيو آهي ته مان جنم در جنم کان پنھنجي گناھن جي مالھا  پائي جنم جي ُڀل ۾ ڀٽڪندو رھيو آھيان.مان ايترو ويل بھ نھ آھيان جو گناھن  کان توبھ تائب جو منڪر بڻجان.

پر ڇا ڪريان جو مان پئدائشي طور تي ارٿميٽڪ ۾ ڪمزور آهيان. ڏھن گناھن جي صدق دل سان معافي وٺندو آھيان ۽ ان دوران هڪ سئو کان وڌيڪ نوان ۽ تازن تڪڙن گناهن جو گناھگار بڻجي چڪو ھوندو آھيان.انسان آهيان، انسان جو ٻچو آهيان. گناهن جي سلسلي جي ابتدا  ازل کان ٿي ھئي ۽ ابد تائين ھلندي رهندي. هي حيات ۽ موت جي ڳالهھ نھ  آهي. ھي جيئڻ ۽ مرڻ جي ڳالهھ نھ آھي.ھي جي ڳالهھ نھ آھي.ان محاوري ۾ ڪجهھ غلط آھي،بي معنيٰ،بي مطلب ۽ مھمل آھي.لائف يعني زندگي  ڪڏھن ختم نھ ٿيندڙ.لا  انتھا سلسلو آهي.۽ ڊيٿ پڄاڻي آھي.انھن ٻنھي لفظن لائف اينڊ ڊيٿ يعني حيات ۽ممات جو ناتو،رشتو،ٻنڌڻ واجب نٿو لڳي.ڊيٿ يعني  موت جو ٻنڌڻ جنم يعني برٿ سان آھي.يعني زندگي لائف لا انتھاسلسلو آهي، ابدي آهي،ڪڏهن ختم نھ ٿيڻ وارو آهي.اسين مري ويندا آھيون، زندگي دائم رھي ٿي. ڪڏهن ختم نه ٿيندڙ لڳاتار آھي،زندگيءَ ابد تائين ھلندي رھندي آھي، تنھنڪري ڊيٿ يعني موت جو مناسب ۽ موزون جوڙ برٿ آھي،نھ وري لائف يعني زندگي .برٿ اينڊ لائف جنم۽ مرڻ،مونکي مناسب لڳي ٿو.

هن تمھيدکان پوءِ توهان سمجهي ويا ھوندا ته منهنجي گناهن جي فھرست  گهٽ ڇو نٿي ٿئي.مان عرض ڪري چڪو آھيان  ته مان گناهن کان معافي جو طلبگار رھندو آهيان، پر مان  ڇا ڪريان ته هڪ انسان  ھئڻ جي ناتي مان گناهن کان پاسو نٿو ڪري سگهان. گناهن جي فھرست گهٽجڻ بدران وڌندي رهندي آھي.

اڪثر سوچيندو آهيان ته ڪرڪيٽ جي حوالي سان آخري بال تي ست رنسون ٺاهي ميچ کٽڻ جو گر ُ اپنائي وٺان.جي ها، آخري بال تي ست رنسون ٺهي سگهن ٿيون. تقدير جي ڪرم فرمائڻ  جي ضرورت  محسوس ٿيندي آهي. بالر آخري بال نو بال اڇلائي سگھي ٿو.ان نو بال تي  توھان  نو بال چوڪو لڳائي سگھو ٿا.

بالر جا حوصلا خطا ٿي وڃن ٿا. آخري بال ھو وڪيٽن ۽ بيٽسمين کان پري اڇلائي سگهي ٿو.بال ايتري قدر وائڊ  ھوندو آهي جو  وڪيٽ ڪيپر جي پهچ کان ٻاهر ھوندوآهي ۽ توهان جي ٽيم کي چار رنسون ملي وڃن ٿيون. اهڙي طرح توهان آخري بال تي 8 رنسون ٺاهي توھان ميچ کٽي سگھو ٿا، اها قسمت جي راند آهي، مان بھ آخري بال تي ست رنسون ٺاهي ڪري ميچ کٽڻ جي امڪانن جو جائزو وٺندو رھندو آهيان.ھڪ ئي وقت ۾ نيڪي جو ڪو اھڙو ڪم  ڪرڻ جو خواھشمند آھيان،جو جنھن سان منهنجا سمورا گناهه معاف ٿي وڃن.مشورو وٺندو رھندو آھيان،نيڪي جي غيرمعمولي ڪمن جي باري ۾ عالمن سان صلاح ڪندو رھندو آھيان.ملندڙ صلاحن جو جائزو وٺندو رھندو آھيان،ان دوران مونکي حيرت ۾ وجھندڙ مشورا مليا،ھڪ ڪھنھ مشق گناھگار چيو تھ  ”روزاني خوفناڪ واقعا ماحول کي شرمسارڪري رهيا آهن. اهي ماڻهو قانون کان مٿي آهن. عدالتن مان اپيلن ۾ کٽي ويندا آهن. توهان تيزاب ۾  ڳري ويندڙ ٻارن کي موت جي وادين مان واپس نٿا آڻي سگهو. توهان پر ايترو ڪري سگهو ٿا ته سئو ٻارن جي قاتل کي موت جي سزا ڏئي ڇڏيو“. مان سوچ ۾ پئجي ويس. ڪھنھ مشق ڪندڙ گنهگار چيو. ” آئي ڏينھن حويلين ۾ نوڪرياڻين جي بي حرمتي ڪرڻ بعدکين قتل ڪيو وڃي ٿو. اڄ تائين ڪنهن سردار، جاگيردار، زميندار، وڏيري کي ڪنھن سزا نھ ڏني آهي. هي دين ۽ دنيا جو معاملو آهي، توهان طاقتور ڏوهارين کي نابود ڪري ڇڏيو. توهان جا سڀ گناهه معاف  ٿي ويندا.“ گناهن  بخش ڪرائڻ جي مونکي ھڪ ترڪيب  مون کي اھا بھ ڏني وئي تھ خودڪش جيڪٽ پهري ڪري جيڪڏھن مان ڪنھن  ميڙ ۾ ڌماڪو ڪري ڇڏيان تھ  اڳ ئي مان پاڻ حورن جي ميڙ ۾ ھوندس۽ پنهنجي پسند جا مزي مزي جا طعام جيڪي مون کي بي بقا عارضي دنيا ۾ نه مليا ھئا ۽ مان لذيذ کاڌي جي لاءِ سڪندو رھندو ھوس ڌماڪي کان پوءِ  اک پورڻ کان اڳ ملي ويندا.

جيڪڏهن مان خودڪش  حملي سان اسڪول کان ايندڙ يا ويندڙ ٻارن سان کچا کچ ڀريل بس کي اڏائي ڇڏيان ته ان جو صلو اڃان وڌيڪ دلفريب ۽ دلڪش هوندو.تجويزون مان ٻڌي تھ وٺندو آھيان پر اکيون بند ڪري انھن تي فوري عمل نه ڪندو آهيان. اندر کان تصديق نه ٿيندي آهي.ُٻڌل ُسڌل ڳالهين ۾ ڪٿي مان ضايع نھ ٿي وڃان.مون کي ُٻڌل ُسڌل ڳالهين  جي تصديق ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آھي. ڌماڪن جي تاريخ ۾ اڄ تائين اهڙو انسان نھ ٿيو آھي جو خودڪش حملي ۾ ٻين  سان گڏ پاڻ کي نيست و نابود ڪندڙ حملي آور مرڻ کان پوءِ موٽي آيو هجي ۽ هن مرڻ بعد اکين ڏٺو حال اسان کي ٻڌايو ھجي. ھڪ مثال بھ نه ٿو ملي. تنھنڪري ُٻڌل ُسڌل حورن جي حسن ۽ طرح طرح جي طعامن جي ھوش اڏائيندڙ قصا مون کي ٻارن جون ڪهاڻين لڳندا آهن. ٻارن جي ڪھاڻين تي مان پنهنجي قيمتي جان نٿو ڏئي سگھان.ھي مان پنهنجي طرفان  دعويٰ نه ڪري رهيو آهيان. ھرجنس ۽ نسل  جو سياستدانن پنهنجي دلفريب تقريرن ۾ ٻڌائي چڪو آھي ته پاڪستاني قوم جو هر فرد قيمتي آهي.ستر  اسي سالن کان اسان کي يقين ٿي  ويو آهي ته اسان ووٽ ڏيندڙ ڪيترا قيمتي ھوندا آهيون. مون کي ڊپ آھي تھ سياست جو ڪو شودو رانديگر  اسان کي وڪڻي نھ ڇڏي ۽ دبئي ۾ وڃي ڪوٺي ٺاھي ويھي رھي.گناھ معاف ڪرائڻ جي لاءِ مرڻ مارڻ جي تجويزن کي ھڪ پاسي رکي ڪري مان سنجيدگيءَ سان بلاسفيمي جي الزام ھيٺ آيل کي سرعام لوھي سيخن،لٺين،ڏنڊن ،ڪھاڙين ۽ خنجرن سان مارڻ جي تجويز تي غور ڪري رهيو آهيان. پر مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته ان نيڪ ڪم کان پوءِ منھنجي گناهن جي مونکي معافي ملندي ويندي؟

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.