پريا ڪماري جي گمشدگي ۽ سوشل ميڊيا جو منفي ڪردار

تحرير: وفا گولو

گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان سنڌ جو امن تباھ ٿيل آهي چوري اغوا ته هاڻي روز جو معمول بڻيل آهن ڪشمور کان ڪراچي تائين ڪو به محفوظ ناهي امن امان ڪرائيندڙ ادارا يا حڪمران رڳو بيان ڏيئي وري گم ٿيو وڃن ٿا عوام ساڳيو سورن ۾ ئي رهي ٿو.سنڌ اندر خاص ڪري اقليت برادري سان گهڻي عرصي کان ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ بربريت وارو رويو اختيار ڪيو ويو آھي جنهن ۾ ھنن جي روزگار جي دڪانن تان منٿلين سميت سندن ٻار زبردستي اغو ڪري انهن سان شاديون رچايون وڃن ٿيون اھڙي صورتحال پيدا ڪري انهن کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. جڏھن ته سنڌ جا اصل وارث ۽ مالڪ سنڌي ھندو آھن ۽ انهن کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي تمام گهڻو ظلم  ڪيو  پيو وڃي.ظلم ته ظاهري گهڻا ئي ٿي رهيا آهن پر جڏهن ڳالهھ معصوم پريا ڪماري جي ٿئي ٿي ته اکين مان لڙڪ لڙي پون ٿا ۽ هڪ معصوم جي امڙ جي ممتا دانهون ڪندي نظر اچي ٿي.

ڪجھه ڏينهن اڳ جڏهن چار جون تي سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير وائرل ٿي ته پريا آزاد ٿي وئي آهي ته هر ڪنهن خوشي وچان مبارڪ جا اسٽيٽس لڳائي ڇڏيا پر ڪنهن به تصديق جي زحمت ڪا نه ڪئي اها تصوير ناياب جاگيراڻي جي تصوير جي هئي جيڪا سوشل ميڊيا جي دوستن بنا ڪنھن تصديق جي پريا ڪماري جي نالي سان منسوب ڪري وائرل ڪئي پر ان وقت ئي ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاھ سنڌ جي نياڻي پريا ڪماريءَ جي بازياب ٿيڻ بابت خبرون رد ڪري ڇڏيون هيون.هن ميڊيا سان ڳالھائندي پير محمد شاھ اهو چيو هو ته سوشل ميڊيا تي ڪجهھ ماڻھو فالورز جي چڪر ۾ حقيقت کان ابتڙ خبرون ھلائي ڪريل حرڪت ڪري رھيا آھن. ھن غلط خبرون ھلائندڙن بابت سخت لفظ استعمال ڪندي چيو ته قلم آخر ڪھڙن ماڻھن وٽ اچي ويو آھي؟ جن کي لائيڪ ۽ فالو لاءِ ماءُ جي ممتا جو به خيال ناھي، ماءُ حساس ھوندي آھي، پر سوشل ميڊيا تي ان ممتا سان کيڏيو پيو وڃي. پير محمد شاھ پريا جي بازيابي بابت ڪا سڌي خوشخبري ڏيڻ بدران اھو چيو ته ھو پُراميد آھن.پر اها پُراميدي خبر ناهي ڪڏهن پوري ٿيندي جنهن جو سنڌ واسين کي تمام گهڻي بيچيني سان انتظار آهي.

ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ اها به خبر هلي هئي ته پريا کي اغوا ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪا پنجاب جي هڪ شهر ۾ رهائش پذير هئي ان سان گڏ جوابدارن جي به نشاندهي ڪئي وئي هئي.

سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي حوالي سان اها خبر وڏي اهميت واري هئي ان انتهائي اهم اڳڀرائي سامهون اچڻ بعد وري سوشل ميڊيا تي پوليس کي ساراهيو ويو هو،ان وقت اها ڳالھه به ٿي هئي ته پريا کي اغوا ڪري پنجاب ڏانهن موڪليندڙ عورت کي ڪجهه هفتا اڳ جي آءِ ٽي حراست ۾ وٺي سکر پوليس حوالي ڪيو هو ان عورت جو تعلق روهڙي تعلقي جي ڪچي سان آهي ۽ سندس نالو (ر) شيخ آهي، عورت کي چار ٻار پڻ آهن،ابتدائي رپورٽ موجب عورت پاران ڏهين محرم 19 آگسٽ تي ٻارڙي کي اغوا ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان ڳالهه جي جاچ به ڪئي پئي وڃي ته اغواڪار عورت جا سهولتڪار ڪير هئا

جي آءِ ٽي کي ان عورت پاران ٻڌايو ويو ته هن پريا کي پنجاب جي هڪ لاڏائو گروهه جي حوالي ڪيو آهي، جنهن بعد جي آءِ ٽي جي سربراهه جاويد جسڪاڻي قصور ۽ لاهور پوليس سان رابطو ڪيو هو

اهو انڪشاف به سامهون آيو آهي ته پنجاب ۾ ڪجهه اهڙا لاڏائو گروهه آهن، جيڪي ٻارڙين کي اغوا ڪندا آهن يا خريد ڪندا آهن، انهن جا واسطا ملڪ جي اهڙن مختلف اغوا ڪارن سان آهن، جيڪي ٻارڙين کي اغوا ڪندا يا ڪنديون آهن، اهو به معلوم ٿيو آهي ته خانداني تڪرارن سبب يا ڪجهه ٻين معاملن سبب به اهڙا اغوا جا واقعا ڪيا وڃن ٿا

پوليس پريا ڪماري جي حوالي سان رڳو ايتري پراميد آهي ته اها زندهه آهي ۽ کين ان گروهه بابت به معلوم ٿي چڪو آهي پر گذريل مهيني اهو گروهه ڪهڙي علائقي ۾ ويل آهي اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو جي آءِ ٽي کي اهي شاهديون به مليون آهن ته پريا ان گروهه وٽ آهي ۽ وقت سان گڏ وڏي به ٿي وئي آهي، پر اهو گروهه ٽريس ناهي ٿي سگهيو، گروهه ڪڏهن بهاولپور ته ڪڏهن بهاولنگر ته ڪڏهن لاهور ڊويزنن جي درياهي، ميداني ۽ ريگستاني علائقن ڏانهن نڪري وڃي ٿو، ڪجهه وقت اڳ جي آءِ ٽي جي سربراهه  اهڙي تصديق پڻ ڪئي هئي ته پريا زندهه آهي

هندو پنچائت وفد جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سان ملاقات پڻ ٿي هئي  نئين مقرر ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي امجد احمد شيخ سان هندو پنچائت جي اڳواڻ چندر ڀان ۽ ٻين ملاقات ڪري پريا جي بازيابي جو مطالبو ورجايو هو، جن ڪيس ۾ اڳڀرائيءَ جو ٻڌائيندي چيو ته پريا ڪماري جي زنده هجڻ جي تصديق ٿي آهي، جنهن جي بازيابيءَ لاءِ پوليس ڪم ڪري رهي آهي گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پريا ڪماريءَ جي زنده هجڻ جي تصديق ڪندي چيو هو ته پريا ڪماري زندا آهي ۽ هو هن وقت پنجاب جي چولستان واري علائقي ۾ آهي، جنهن جي جلد بازيابي عمل ۾ اچي ويندي پر ڏسجي ته مسلسل پريا جي امڙ بيحال آهي جنهن کي رڳو دلاسا ڏنا پيا وڃن

نياڻي جي اغوا بعد ھڪ سال تائين پنھنجي مڙس سان سنگرار ويجھو پير اخلاص شاھ درگاھ تي رھندڙ پريا ڪماري جي امڙ واقعي کان ھن وقت تائين روئيندي رھي ٿي ۽ نياڻيءَ جي جدائيءَ جي صدمي ۾ ڪنھن سان به نٿي ڳالھائي

سنڌ ۾ اغوا انڊسٽري ته عروج تي آهي ئي، پر انتظامي بيحسي پڻ پنهنجي انتها تي آهي، سنڌ ۾ امن امان جي خراب حالت ڏسي ائين ٿو لڳي ته امن امان حڪمرانن جي ايجنڊا تي ئي نه رهيو آهي. شايد ئي ڪو ڏينهن هجي، جو سنڌ مان ماڻهو اغوا نه ٿيندا هجن ۽ مجال آهي جو پوليس انهن جي آزاديءَ لاءِ ڪو تحرڪ وٺي. معصوم پريا ڪماري ۽ ٻيا مغوي ئي ڌاڙيلن وٽ يرغمال نه آهن، دراصل سنڌ جو امن امان ئي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهي، پوليس ان انتظار ۾ هوندي آهي ته مغوين ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ ڊيل ٿي وڃي ته پوليس جو ڪم سهل ٿي پوي. پر سوال اهو آهي ته پوليس ڏوهارين تائين پهچي ويئي آهي ته پوءِ اڃا اتنظار ڇا جو آهي؟ پوليس کي ڀلا ڏوهارين تائين پهچڻ کان پوءِ ٽي چار ڏينهن ڇا جي لاءِ درڪار هوندا آهن؟ پوليس کي ته معصوم مغويءَ جي ماءُ جي ڳوڙهن ۾ ٻڏڻ گهرجي، جيڪا لڳ ڀڳ ٽيهن مهينن کان پنهنجي جگر جي ٽڪر جي جدائيءَ جي اذيت ۽ عذاب ڀوڳي رهي آهي.ڏٺو وڃي ته پوليس کاتو، عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام رهيو آهي، ۽ اهو اهم کاتو پنهنجي هجڻ جو جواز ئي وڃائي ويٺو آهي. جڏهن پوليس عوام جو تحفظ نٿي ڪري سگهي، ته پوءِ ان کي عوام جي ٽيڪسن تي چٽي بڻائي ڇو پاليو پيو وڃي؟هاڻي وقت گهڻو ئي گذري چڪو آهي سنڌ حڪومت ۽ پوليس کي جلد معصوم پريا کي آزاد ڪرائي يا اهو ٻڌائين ته معصوم پريا جي بازيابي آخر ڪار ڪڏهن ممڪن ٿيندي؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.