ٿرڪول مان پيدا ٿيندڙ بجلي ڪيڏانهن وڃي ٿي؟

تحرير: سڪندر چنو

مولانا فضل الرحمٰن اسيمبلي ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف صرف نالي ماتر وزيراعظم آهي. هن جي هٿ ۽ وس ۾ ڪجهه به ناهي. هن کان صرف اڇي پني تي آڱوٺي جو نشان ورتو وڃي ٿو. پاڪستان جي سياستدانن ۽ اشرافيا جي طرز حڪمراني تي دنيا ٺٺوليون ڪري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن پهريان پيٽرول کي سستو ڪيو ويو ۽ وري 15 ڏينهن کان پوءِ پيٽرول مهانگو ڪيو ويو آهي. بجلي ۽ گئس جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ ۽ وڌندڙ قيمتن عوام کي ايڏو ته پريشان ڪيو آهي جو ڪنهن به وقت خوني انقلاب ڪٿان به اٿي سگهي ٿو.

لاگوس ۾ ڇا ٿيو؟ ڪينيا ۾ ڇا ٿيو؟ نيروبي ۾ آخرڪار عوام ٽيڪسن جي واڌ خلاف ملڪ جي اسيمبلي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ صدارتي رهائش گاهه تي پٿرن سان حملو ڪيو ويو. نيٺ حڪومت عوام آڏو گوڏا کوڙيا ۽ ٽيڪسن جي واڌ وارو بل واپس وٺي ڇڏيو. خبر ناهي قوم ڪڏهن جاڳندي ۽ هنن ظالمن حڪمرانن کي ٻاهر ڀڄڻ به نه ڏيندي. هڪ چوڻي آهي ته بک مداريءَ کي لڳندي آهي ۽ نچڻو باندر کي پوندو آهي. ساڳيو حال پاڪستان جو به آهي. اشرافيا جي جڏهن خرچ گهٽ ٿيندا آهن ته پوءِ غريب  عوام تي وڏا وڏا ٽيڪس لڳايا ويندا آهن. جيڪا بجٽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري منظور ڪري ڇڏي آهي ان بجٽ جا اثر آهستي آهستي اچڻ شروع ٿيندا ۽ عوام کان رڙيون نڪرنديون. جڏهن عوام پنهنجي جان کان به عاري ٿي ويندو ته پوءِ مون کي الائجي ڇو لڳي ٿو ته ڪٿان نه ڪٿان انقلابي چڻنگ اٿي پوندي ۽ انقلاب جي اڳواڻي ٻه مشهور سياسي اڳواڻ ڪندا.

اشرافيا هڪ طرف فيصلا ڪري ملڪ کي معاشي طور ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن نوجوان بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻايو وڃي ها ته ان ۾ آخرڪار حرج ڪهڙو هيو؟ بلاول جيڪڏهن وزيراعظم ٿئي ها ته ساڻس نواز شريف به ڪم ڪري ها. هاڻي ته نواز شريف به پنهنجي ڀاءُ تي ناراض آهي هن وقت ماڻهو ڏاڍو پريشان آهن. ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ ماڻهن احتجاجن طور پنهنجا بجلي ۽ گئس جا بل به ساڙي ڇڏيا آهن.

ٿر مان وڏي مقدار ۾ بجلي پيدا ٿي رهي آهي پر اها سنڌ ۾ ڏيڻ بدران پنجاب جي عوام کي سک ۽ چين ڏيئي ٿي. اسان جا حڪمران ننڊ ۽ آرامي آهن. اليڪشن 2024 ۾ جيڪي شهباز شريف اعلان ڪيا. اهي اعلان ڪيڏانهن ويا؟ ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪرڻ بند ڪئي ويئي آهن. ڇاڪاڻ ته بجلي پيدا ڪندڙ اڪثر ڪارخانا پنجاب جي سرمائيدارن جا آهن. پاڪستان ۾ غازي بروٿا ڊيم ۽ ٿر جي ڪوئلي مان وڏي مقدار ۾ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. آخرڪار اها بجلي ڪيڏانهن وڃي ٿي؟ افغانستان يا ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي ٿي؟ ظلم ۽ زيادتي وارو هي نظام هاڻي مان سمجهان ٿو گهڻو وقت هلي ڪونه سگهندو. ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ اشرافيا جي عياشين تي لت ڏيڻ گهرجي. دنيا ۾ اڪثر ڪري اهي ملڪ ڏاڍا ڀاڳ ڀريا خوشي قسمت وارا هوندا آهن جتي ملڪ جي اشرافيا پنهنجي ملڪ تي ايندڙ بري وقت تي پنهنجي خزاني جون ٽجوڙيون حڪومت جي مدد لاءِ کولي ڇڏينديون آهن ته جيئن رياست ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي. پر ان جي برعڪس اهي ملڪ ڏاڍا بدنصيب هوندا آهن جن جي اشرافيا چوي ته اسان وٽ ايندؤ ته ڇا کڻي ايندؤ؟ جيڪڏهن اسين توهان وٽ هلي اچون ته پوءِ اسان کي ڇا ڏيندؤ؟ پاڪستان به بدقسمتيءَ سان انهن ملڪن ۾ هاڻي شمار ٿي چڪو آهي. جتي اڪثر ڪري اهڙي قسم جي اشرافيا موجود آهي.

پاڪستان جي بجٽ به اشرافيا جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي بڻائي ويندي آهي. اشرافيا جا وڏا کانچا آهن. ملڪ لٽجي ويو. ڦرجي ويو اڳتي هلي عوام کي انگ ڍڪڻ لاءِ لٽو به ڪونه هوندو. جڏهن ڪنهن معاشري مان انسانيت جو روح پرواز ڪري وڃي ته پوءِ ان معاشري ۾ انسانن جو باقي ڪهڙو ذڪر ڪجي. ملڪ ۾ انسان ته تمام گهڻا آهن پر انسان جو قدر ۽ عزت احترام ختم ٿيندو پيو وڃي. عوام کي سک چين ملڻ گهرجي. آزاد ڪشميرين کي بجلي سستي ۽ پاڪستانين کي مهانگي؟ آخرڪار مسئلو ڇا آهي؟ عوام پڇي ٿو ته غازي بروٿا ڊيم ۽ ٿر جي بجلي مان ڪير فائدو وٺي رهيو آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.