موسمي تبديلين ۽ اسانجي ماحول دشمن روين جي ڪري گذريل ڪجھه سالن کان مسلسل گرمي پد ۾ غيرمعمولي اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آھي. هر گذرندڙ سال ايندڙ سال کان وڌيڪ گرم ثابت ٿي رهيو آھي. وڌندڙ گرمي پد سبب انسانن توڙي جانورن لاءِ ھن قهر جي گرمي ۾ جياپو ڏاڍو مشڪل ٿي پيو آھي. اسان سڀ وڌندڙ گرميءَ کي ته محسوس ڪري رهيا آھيون پر اسان اهو وساري ويٺا آھيون ته ان قهر جي گرميءَ پُٺيان اسان جا پنهنجا ماحول دشمن رويا آھن. اسان فطرت سان هٿ چراند ڪئي آھي. اسان فطرت کان اُن جو حسن کسي ورتو آھي ۽ بدليءَ ۾ اسان پنهنجي عملن جا نتيجا قهر جي گرمي، قدرتي آفتن، خشڪ سالي، سامونڊي طوفانن، غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ جهڙي قدرتي تباهين جي صورت ۾ ڏسي رهيا آھيون.
هن سال ته اپريل جي مهيني کان ئي گرميءَ جي لهر شروع ٿي وئي هُئي ۽ اپريل جي مهيني ۾ به گرمي پد ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو هو. يورپي يونين جي موسمياتي معلوماتي اداري پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته اپريل مهينو گذريل پوڻن ٻه سئو سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ گرم ترين مهينو ثابت ٿيو آھي ۽ اها اڳڪٿي به ڪئي وئي هئي ته ايندڙ مهينن ۾ گرميءَ جا نوان رڪارڊ قائم ٿيندا. جيڪو سڀ ڪجھه اڄ سچ ثابت ٿي رهيو آھي ۽ هن شديد گرميءَ جي لهر جي صورت ۾ اسان جي سامهون آھي. پهرين گرمي صرف ريگسانن ۽ صحرائي علائقن تائين محدود هوندي هئي پر گذريل ڪجھه سالن کان وٺي شهرن جو گرمي پد به ريگستاني علائقن جي برابر ٿي ويو آهي جنهن سبب شھر ۽ علائقن رهڻ جي قابل ئي نه رهيا آھن.
هڪ رپورٽ ۾ ته ان حد تائين خبردار ڪيو ويو آھي ته 2080ع تائين مُلڪ جي ڪافي شھرن ۽ علائقن جو گرمي پد ان حد تائين وڌي ويندو جو اُهي رهڻ جوڳا ڪو نه رهندا. اڄڪلھه جيڪو گرمي پد ظاهري طور تي نظر اچي رهيو آھي اُن کان وڌيڪ محسوس ٿي رهيو آھي ۽ سنڌ جي ڪافي شھرن ۾ ته پنجاھ سينٽي گريڊ کان به گرمي پد وڌي ويو آھي جنهن سبب انساني صحت، معيشت، زراعت توڙي جو توانائيءَ واري شعبن کي ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آھي. هيٽ ويوو ۽ هيٽ اسٽروڪ سبب انساني جانيون به گهڻي انگ ۾ ضايع ٿي رهيون آھن.
هڪڙي طرف قهر جي گرمي آھي ته ٻئي طرف اسان جا ماحول دشمن رويا آھن. اسان وٽ گذريل ڪجھه سالن ۾ جيڪڏھن گرمي پد ۾ غيرمعمولي اضافو رڪارڊ ٿي رهيو آھي اُتي ئي وڻن جي واڍي ۾ به غير معمولي اضافو ٿيو آھي. پوئتي نظر ڪنداسين ته ڪجھه سال پهرين، جون ۽ جولاءِ جا ٻئي گرميءَ وارا مهينا شهرن ۾ رهندڙ ماڻھو پنهنجي اباڻن ڳوٺن ۾ گذارڻ ايندا هئا ڇاڪاڻ ڳوٺن ۾ جهجهي مقدار ۾ وڻ هجڻ ڪري ڳوٺن ۾ گرمي پد تمام گهٽ هوندو هيو پر هاڻي شھر، ريگستان، صحرا ۽ ڳوٺ سڀئي گرميءَ جي لپيٽ ۾ آھن ۽ هرهنڌ ساڳيو حشر آھي. موسمياتي ماهرن مطابق گلوبل وارننگ ۽ گرمي پد کي هيٺ آڻڻ جو هاڻي هڪ ئي حل آھي وڏي مقدار ۾ وڻ پوکڻ. اسان کي گهرجي اسين جهجهي مقدار ۾ ماحول دوست وڻ لڳايون ته جيئن گرمي پد هيٺ اچي سگهي ۽ اسان سُک جو ساھ کڻي سگهون.