دنيا ۾ هيل تائين ڪيتريون ئي تنظيمون، اين جي اوز ۽ تحريڪون وجود ۾ آيون آهن. جن مان گھڻيون تڻيون ننڍي ڄمار ۾ ختم ٿي ويون. ڪي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺيون. اهڙين تنظيمن جا هينئر نالا به ڪونه ٿا ورتا وڃن. اهي دنيا جي دز ۽ مٽيءَ ۾ لاوارث لاش وانگر دفن ٿي ويون آهن. پر، ڪي وري اهڙيون تنظيمون آهن جيڪي وقت گذرڻ سان وڌيڪ مقبول، مضبوط ۽ سگھاريون ٿينديون ويون. جيئن وقت گذري رهيو آهي تئين انهن جا بنياد طاقتور ٿيندا پيا وڃن. اهڙين تنظيمن مان “اسڪائوٽنگ” به هڪ آهي.
هيءَ تنظيم دنيا جي هر ملڪ ۾ متعارف ڪرائي ويئي آهي. تعليمي ادارن ۾ ان جو ڌاڪو ۽ اثر وڌندو پيو وڃي. اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ ان جون جڙون مضبوط ٿينديون پيون وڃن. اسڪولي ٻارن کي “اسڪائوٽنگ” جي باري ۾ ٻڌائڻ لاءِ تربيتي پروگرام پڻ ڪيا وڃن ٿا. هر ضلعي ۽ صوبائي هيڊڪواٽرن تي شاگردن کي سکيا ڏني پئي وڃي. پاڪستان ۾ اسڪائوٽس جي سڀ کان وڏي ڪئمپ گھوڙا گلي مري ۾ آهي. ان ڪئمپ ۾ راقم به هر سال گرمين ۾ ويندو رهندو آهي ۽ هڪ هفتي جي تربيتي ڪورس ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن ڪئمپ جو انچارج محترم محمد عادل فاروق صاحب آهي. جنهن هن سال نوٽ بڪ ۾ جيڪي ڳالهيون لکرايون سي هڪ اسڪائوٽ لاءِ لازمي آهن. مون ضروري سمجهيو ته انهن جي باري ۾ آئون هتي چند سٽون رقم ڪريان ته جيئن ٻيا شاگرد توڙي اهل علم ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ۽ اهو پيغام ٻين تائين پهچائي سگھن.
اسڪائوٽ جو بنيادي روح ۽ عنصر اهو آهي ته، هميشه سٺي سوچ ۽ هاڪاري رويو رکڻ گھرجي جن ماڻهن ۾ اهڙيون خصلتون آهن تن جي حوصله افزائي ۽ همت افزائي به ڪرڻ گھرجي. اهو حسن اخلاق آهي جنهن جا سٺا نتيجا نڪرن ٿا. جنهن ڪري ”اسڪائوٽنگ“ ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو پيو وڃي. جيڪي شاگرد ان تي عمل ڪندا اهي يقينن وڌ ۾ وڌ پنهنجا دوست پيدا ڪري سگھن ٿا. سندن واقفيت ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو. هاڪاري سوچ ۽ مثبت رويو هڪ سٺو عمل آهي. هر حال ۾ مثبت سوچ ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ جي عادت پيدا ڪرڻ گھرجي. دنيا ۾ هاڪاري سوچ ۽ رويي کي سٺي موٽ ملندي رهي ٿي.
قائدانه صلاحيتون اسڪائوٽ جي اسپرٽ کي واڌ ڏين ٿيون. ان ۾ وڌيڪ مضبوطي پيدا ڪن ٿيون. اسڪائوٽنگ ۾ وڌ ۾ وڌ تربيتي پروگرام ڪيا وڃن ٿا. جنهن سان شاگردن جي ذهني نشوونما ٿئي ٿي. مختلف سرگرمين ۽ تربيتي پروگرامن جي ذريعي قيادت ڪرڻ جون مهارتون سيکاريون وڃن ٿيون. جيڪي اڳتي هلي فائديمند ثابت ٿينديون ۽ اوهان ئي قيادت ڪرڻ جي قابل ٿي ويندئو.
اسڪائوٽ جي ترقيءَ جو خاص سبب اهو آهي ته، گڏيل ڪم ڪار جو تمام گھڻو ڪردار رهندو پيو اچي. جنهن ڪري اجتماعي ڪم جي سرگرمين ۾ حصو وٺو ۽ ٻين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو تجربو حاصل ڪريو. گڏيل سرگرميون ڪرڻ سان سولائي پيدا ٿئي ٿي ۽ ڪم به جلدئي نبري وڃي ٿو. گڏيل ذميواريون نڀائڻ مان ته اهو ئي خاص فائدو آهي. جنهن کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگھجي.
اسڪائوٽ جي روح ۽ سگهھ لاءِ نظم و ضبط انتهائي ضروري آهي. وقت جي پابندي ته اسڪائوٽ کان سکجي. وقت جي پابندي، ذميوارين جو احساس ۽ اصولن جي پيروي ڪريو. ائين ڪرڻ سان هر ڪم ۾ ڪاميابي و ڪامراني حاصل ڪري سگھجي ٿي. جيڪڏهن وقت جي پابندي، ذميوارين جو احساس ۽ اصولن جي پيروي نه ڪئي ويئي ته ڪڏهن به مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهندي ۽ گھربل نتيجا حاصل ڪري نه ٿا سگھجن ۽ جڏهن نتيجا حاصل ڪري نه سگھبا ته، سموري محنت ضايع ٿي ويندي. هر ڪم ڪار ۾ نظم و ضبط هئڻ لازمي آهي ان جي سوا بدنظمي پيدا ٿيندي.
ٻين جي خدمت ڪرڻ اسڪائوٽ جو اهم جز ۽ حصو آهي. تنهن ڪري مختلف سرگرمين ۾ رضاڪارانه طور حصو وٺو ۽ ماڻهن جي خدمت ڪريو. خدمت ڪرڻ عبادت ۾ شامل آهي . دنيا جو هر مذهب، خدمت ڪرڻ کي وڏي اهميت ڏيئي ٿو. بلڪل اهڙي طرح اسڪائوٽنگ ۾ به خدمت ڪرڻ کي وڏي اهميت، اوليت ۽ ترجيح ڏني وڃي ٿي. شاگردن تي زور ڀريو وڃي ٿو ۽ تاڪيد ڪئي وڃي ٿي ته اهي عوام الناس جي خدمت ڏانهن خاص ڌيان ڏين. اهو ثواب جو ڪم آهي. جنهن سان دنيا آخرت سنوارجي ٿي. خلق جي خدمت ڪرڻ سان ٻين جا ڏک گھٽجن ٿا. خلق جي خدمت ڪرڻ سان انسانيت جو گس ملي ٿو. ان ڪم ۾ سستي ۽ ڪاهلي هرگز نه ڪرڻ گھرجي. خلق جي خدمت جو جذبو پيدا ڪريو ۽ اهرو ماحول پيدا ڪريو جو هر ماڻهو خدمت ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي.
مختلف راندين ۽ جسماني سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ئي اسڪائوٽنگ جو اصل مقصد آهي اهڙين سرگرمين سان اسڪائوٽ مضبوط ۽ صحتمند رهي ٿو. ان سان نه رڳو جسماني بلڪه ذهني صحت به بهتر ٿئي ٿي. جسماني ورزش ڪرڻ مان انيڪ فائدا آهن. اهوئي سبب آهي جو اسڪائوٽس کي جسماني ورزش ڪرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪيا وڃن ٿا. راند روند ۽ جسماني سرگرميون انسان کي صحتمند بنائين ٿيون. جنهن ڪري صحتمند معاشرو قائم ٿي سگھي ٿو صبح جو سوير ورزش ڪرڻ هڪ بهترين عمل آهي.
اسڪائوٽنگ ۾ قاعدا ۽ قانون خاص مقرر آهن ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ واعدا به ڪيا وڃن ٿا قانونن ۽ واعدن تي پابندي ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو وڃي ٿو انهن تي عمل ڪرڻ جي بغير اسڪائوٽنگ اڻ پوري ۽ نامڪمل سمجهي ويندي آهي. ياد رهي ته ڄاڻايل اصول توهان کي سٺو انسان بنائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. جن کي هرگز نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي.مختلف تعليمي ۽ تربيتي پروگرامن ۾ شرڪت لازمي ڪريو ته جيئن اسڪائوٽ جا مختلف پهلو ۽ شعبا سمجهي سگھو ۽ انهن تي عمل ڪري سگھو.
ياد رهي ته، مٿين ڄاڻايل نقطن تي عمل ڪرڻ سان توهان اسڪائوٽ جي واڌ ويجهه ڪري سگھو ٿا. اسڪائوٽ مهم کي هٿي ڏئي سگھو ٿا. ان کي مضبوط ڪري سگھو ٿا ۽ پنهنجي شخصيت ۾ مثبت تبديليون آڻي سگھو ٿا. جنهن ڪري مٿين نقطن تي عمل ڪرڻ وقت جي تقاضا آهي.
والدين کي گھرجي ته هو پنهنجي ٻارن کي اسڪائوٽ ڪئمپ ۾ موڪلي اسڪائوٽنگ جي تربيت ڏيارين. ان سلسلي ۾ استادن کي به استدعا آهي ته هو، اسڪول ۾ شاگردن کي اسڪائوٽ سرگرميون ڪرائن جنهن سان ٻار جي ذهني نشوونما ٿئي. اها به حقيقت آهي ته اسڪائوٽ هڪ غير سياسي پليٽ فارم آهي. جيڪو سياست، ذاتيات ۽ حسب نسب جي فرق کان پاڪ و صاف آهي. اتي صرف انسانيت کي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو. جنهن ڪري خلق جي خدمت تي زور ڏنو وڃي ٿو. هڪ اسڪائوٽ ملنسار، همدرد ۽ وفادار جهڙين خوبين سان ٽمٽار رهندو آهي. هن پليٽ فارم تان دنيا جا ٻار هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي رهيا آهن. جنهن سان محبت، اخوت، ڀائيچارو پيدا ٿي رهيو آهي. نفرتون ختم ٿينديون پيون وڃن. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي اچو ته، پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان روشناس ڪرڻ سان گڏوگڏ اسڪائوٽ بنايون ته جيئن اهو دنيا لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھي.