دوشنبي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف تاجڪستان دوري ۾ چين، تاجڪستان ۽ افغانستان واپاري راهداري جو حصو بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ تاجڪستان جي تخت گاهه دوشنبي پهتو.
صدارتي محل قصر ملت پهچڻ تي صدر امام علي رحمانوف سندس آجيان ڪئي ۽ کيس تاجڪ هٿياربند فوج جي تندرست دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
وزيراعظم تاجڪ صدر سان قصر ملت ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم تاجڪ صدر کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ علائقائي ۽ سماجي لاڳاپا وڌائڻ جي دعوت ڏني.
پوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.
شهباز شريف چيو ته تاجڪستان سان پنهنجا ڀائراڻا لاڳاپ وڌيڪ مستحڪم بڻائينداسين، ڪراچي پورٽ کان افغانستان رستي تاجڪستان لاءِ شين جي چرپر ٿي رهي آهي، چاهيون ٿا ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ ريل ۽ روڊ نيٽ ورڪ گڏيل هجي.
هن چيو ته چين، تاجڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ واپاري راهداري جو حصو بڻجڻ جا خواهشمند آهيون.
وزيراعظم شهباز شريف تاجڪستان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.
ان موقعي تي تاجڪ صدر چيو ته پاڪستان جي بندرگاهن جي استعمال ذريعي واپار ۾ واڌ ڪري سگهون ٿا، ريل ۽ روڊ لنڪ ذريعي علائقائي رابطن کي هٿي ملندي ۽ واپار جي حوالي سان ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچندو.
هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي حوالي سان قدم کڻنداسين.
پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.
چين، تاجڪستان ۽ افغانستان واپاري راهداري جو حصو بڻجڻ جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم
Next Post
You might also like