دنيا ۾ جتي انسان ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري، بنا ڪنهن جنسي فرق جي عورت ۽ مرد ڪلهوڪلهي سان ملائي سماج ۾ تعليمي، سماجي ۽ اقتصادي طور پنهنجي معاشري کي مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪا نه ڇڏي رهيا آھن ۽ ان جي ڀيٽ ۾ افسوس ته اسان جي عورت دشمن سماج ۾ عورت کي مرد کان حقير ۽ ڪمزور سمجهي کيس ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي معاشري ۾ هر روز ڪا نياڻي هڪ نئين ڪهاڻي بڻجندي وحشتپڻي ۽ سفاڪيت جو شڪار ٿي رهي آھي، ڪڏهن اها حوا ڄائي سماج ۾ موجود ڪڌي رسمن جو شڪار ٿيندي غيرت جي نالي تي ماري وڃي ٿي ته ڪڏهن ڪا حوا ڄائي ڪنهن درندن جي ور چڙھندي زيادتين جو شڪار ٿيندي رهي ٿي ته وري ڪڏهن ڪا نياڻي ڪنهن سفاڪ ۽ ظالم جي بليڪ ميلنگ جو شڪار ٿيندي پنهنجي حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويهي ٿي ته ڪڏهن ڪا نياڻي گهريلو تشدد جو بي رحمي سان شڪار ٿيندي رهي ٿي۔
توڙي جو دنيا جي هر مذهب ۾ هميشه عورت کي خاص مان ۽ مرتبو ڏيندي معاشري ۾ برابري جا حق ڏئي کيس ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ جيون ساٿي جهڙن عظيم رشتن ۾ منسلڪ ڪري سماج ۾ پيش ڪيو ويو آھي ۽ دنيا جي هر خطي ۾ عورت کي مذهبن ۽ انساني بنيادن تي پنهنجو پنهنجو معيار حاصل ٿي رهيو آھي ۽ اتي اهي عورتون برابري واري زندگي گذاريندي پنهنجي وطن جي واڌ ويجهه ۽ ترقي لاءِ مردن سان برابر پنهنجو پنهنجو حصو وجهي اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آھن، پر افسوس اسان وٽ اڄ به عورت جي روپ ۾ هر رشتي جو تقدس پائمال ڪيو پيو وڃي، برابري ته پنهنجي جاءِ تي پر کيس صرف انسان جي ئي نظر سان ڏسي هن معاشري ۾ کيس جيئڻ ڏنو وڃي ته ڪا به نياڻي ظلم جو شڪار نه ٿيندي.
تازو سنڌ جي شھر ٽنڊي مستي ۾ غيرت جي نالي تي ڪارو ڪاري رسم جي ور چڙهندي بيدردي سان ماڻهن جي هجوم ۾ قتل ڪيل نياڻي روبينا چانڊيو جو واقعو هجي يا ان کان اڳ بلوچستان ۾ ساڳي غيرت جي نالي تي قتل ڪيل نياڻي نور بانو بيبي هجي، انهن کان علاوه به ڪيترائي واقعا جيڪي سوشل ميڊيا ذريعي وڏو واقعو بڻجي ظاهر ٿين ٿا نه ته اهڙا ته روزاني ڪيترائي واقعا پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي ظاهر ٿيندا رهن ٿا پر انهن واقعن خلاف لاڳاپيل ڌريون خاموش تماشائي بڻجي اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ خاطر خواه قدم ڪٿي به کڻندي نظر ڪو نه اچي رهيون آھن.
عورتن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ قانون ته ڪيترائي متعارف ڪرايا ويا آھن پر انهن تي عملدرآمد ٿيندي مشڪل نظر اچي رهيو آھي، جيڪڏهن قانون جي بالادستي ۽ رٽ قائم هجي ها ته هر آئي ڏينهن ڪا به نياڻي ڪنهن به وحشي يا درندي هٿان لاقانونيت جو تماشو نه بڻجي ها. ان لاءِ حڪمرانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائيندي انهن وحشي درندن ۽ نياڻين جي سفاڪ قاتلن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائي کين ڪنهن عبرت جو نشانو بڻائيندي سماج ۾ موجود باقي اهڙن ڪارندن لاءِ مثال بڻائين ۽ سماج ۾ رهندڙ هر فرد کي به عورتن جي حقن ۽ تحفظن بابت سنجيدگيءَ سان سوچيندي عورت کي اظهار ۽ خوابن جي آزادي جو حق ڏيندي پوري پوري مرضيءَ موجب زندگي جيئڻ جو حق ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي