سنڌ جي سرڪاري پرائمري اسڪولن ۾ شمولياتي تدريسي طريقن جو عملدرآمد اڄ جي دور جو هڪ اهم تعليمي موضوع بڻجي چڪو آهي. تعليم ڪنهن به ترقي يافته سماج جي بنياد سمجهي ويندي آهي، ۽ شمولياتي تعليم اهو يقين ڏياري ٿي ته هر ٻار، ڀلي هو ڪنهن به جسماني يا ذهني صلاحيت، جنس، ٻولي يا سماجي پس منظر سان تعلق رکي، پر ھو هڪ جهڙي ڪلاس روم ۾ سکڻ جو برابر حق رکي ٿو. سنڌ ۾ سنڌ امپاورمينٽ آف پرسنز وِد ڊس ايبلٽيز ايڪٽ 2018 هن حق کي قانوني تحفظ ڏئي ٿو، جنهن تحت سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن کي پابند بڻايو ويو آهي ته هو معذور ٻارن کي بنا ڪنهن امتياز جي داخلا ڏين ۽ سندن لاءِ مناسب سهولتون فراهم ڪن، پر حقيقت ۾ هن قانون تي مڪمل عملدرآمد اڃا تائين هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي۔
سنڌ ۾ هزارين سرڪاري پرائمري اسڪول آهن، جن مان گهڻا ڳوٺاڻن علائقن ۾ واقع آهن، جتي هڪ ئي ڪلاس ۾ 50 کان 70 شاگردن جي موجودگي، گهڻ درجا تدريس (ملٽي گريڊ ٽيچنگ) ۽ محدود وسيلن سبب استادن لاءِ هر ٻار جي ضرورت مطابق سکيا مهيا ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو۔ اهڙين حالتن ۾ معذور ٻار، سست سکڻ وارا شاگرد، ڇوڪريون ۽ مختلف ٻولين ڳالهائيندڙ ٻار گڏ ويهي پڙهن ٿا، پر اڪثر استادن وٽ شمولياتي تدريسي طريقن جهڙوڪ يونورسل ڊيزائن فار لرننگ (UDL)، فرقائتي تدريس ۽ ملٽي سينسري طريقن بابت مناسب ڄاڻ ۽ تربيت موجود ناهي۔
جيتوڻيڪ ويجهڙ ۾ ئي ڪجهه حوصلا افزا قدم کنيا ويا آهن، جهڙوڪ ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز وِد ڊس ايبلٽيز (DEPD) ۽ NOWPDP پاران استادن لاءِ تربيتي پروگرام، پر اهي ڪوششون اڃا محدود سطح تائين آهن، خاص ڪري پٺتي پيل ضلعن ۾ انهن جو اثر گهٽ نظر اچي ٿو۔ بنيادي ڍانچي جي کوٽ پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي، جتي ڪيترن اسڪولن ۾ رئمپ، مناسب ٽوائلٽ، بريل ڪتاب، ٻڌڻ جا اوزار يا سادي تدريسي مواد تائين موجود ناهي، جڏهن ته ٻوڏن کان متاثر علائقن ۾ تعليمي سرگرميون بار بار متاثر ٿين ٿيون۔ ان کان علاوه، پاليسي ۽ عملي صورتحال ۾ واضح فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو۔ قانون هجڻ باوجود ڪيترائي اسڪول معذور ٻارن کي داخلا ڏيڻ ۾ لاپرواهي ڪن ٿا يا انهن لاءِ مناسب سهولتون مهيا نٿا ڪن، جڏهن ته سماجي رويا، شعور جي کوٽ ۽ منفي سوچ به هن مسئلي کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائين ٿا۔ سنڌ جي گهڻ ٻولي واري ماحول پڻ هڪ چئلينج آهي، جتي سنڌي، اردو ۽ ٻين علائقائي ٻولين ڳالهائيندڙ ٻارن لاءِ هڪجهڙي تدريس بغير مناسب حڪمت عملي جي اثرائتي ثابت نٿي ٿئي، جنهن سبب خاص ڪري شروعاتي درجن ۾ سکيا جا مسئلا وڌن ٿا۔ ان سڀ نتيجي ۾ اسڪول ڇڏڻ جي شرح پڻ وڌي رهي آهي، خاص ڪري ڇوڪرين، غريب خاندانن جي ٻارن ۽ معذور شاگردن ۾۔ غربت، ٻار مزدوري، اسڪولن تائين فاصلو ۽ صحت جا مسئلا انهن ٻارن کي تعليم کان پري ڪن ٿا، جيڪو سماجي برابري لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي۔ تنهن هوندي به، سنڌ وٽ بهتري جا روشن موقعا موجود آهن۔ استادن جي مسلسل تربيت ذريعي کين عملي ۽ آسان شمولياتي طريقا سيکاريا وڃن، جيڪي گهٽ وسيلن سان به لاڳو ٿي سگهن ٿا۔ مقامي سطح تي تدريسي مواد تيار ڪري، جهڙوڪ چارٽس، ڪهاڻيون، گيت ۽ گروهي سرگرميون، مختلف شاگردن جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو۔ والدين، اسڪول مينيجمينٽ ڪميٽين ۽ سماجي تنظيمن کي شامل ڪري شعور وڌائڻ ۽ داخلا کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو۔
ٽيڪنالاجي جو سادو استعمال، جهڙوڪ موبائل ايپس ۽ آڊيو مواد، خاص ڪري ڳوٺاڻي علائقن ۾ سکيا کي بهتر بڻائي سگهي ٿو، جڏهن ته اسڪولن جي باقاعده نگراني ۽ احتساب سان پاليسين تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو۔ ابتدائي تعليم ۽ بنيادي سکيا واري پاليسي 2024 تحت ننڍپڻ کان ئي شمولياتي طريقن کي اپنائڻ سان ڊگهي مدي وارا مثبت نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا۔ شمولياتي تعليم ڪنهن خاص گروهه لاءِ اضافي سهولت نه پر سڀني ٻارن لاءِ بهتر تعليم جو ذريعو آهي۔ جڏهن استاد هر ٻار جي ضرورت کي سمجهي ڪري ڪن ٿا، تڏهن سڄي ڪلاس روم ۾ سکيا جو معيار بهتر ٿي وڃي ٿو۔ سنڌ حڪومت، استادن، اسڪول انتظاميا ۽ سماج کي گڏجي سنجيده قدم کڻڻا پوندا ته جيئن وسيلن جي فراهمي، بهتر تربيت ۽ مضبوط نگراني ذريعي هن خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪري سگهجي۔ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهڙا اسڪول ۽ ڪلاس روم ٺاهجن جتي هر ٻار کي برابر موقعا ملن ۽ ڪو به ٻار پوئتي نه رھي سگھي ـ