سنڌ جي سماج ۾ ڪارو ڪاري کي اڪثر روايت، ثقافت يا غيرت سان ڳنڍي پيش ڪيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اهو هڪ گهڻ رخو، منظم ۽ بي رحم نظام آهي. ھڪ اهڙو نظام، جتي عورت جي زندگي رڳو هڪ علامت بڻجي وڃي ٿي ۽ ان علامت کي طاقت، ڪنٽرول ۽ مفادن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.ڪارو ڪاري (Honor Killing) جا اصل ڪارڻ گهڻ رخي ۽ سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ نفسياتي پاسن سان جڙيل آهن جنھن جا اهم ڪارڻ هيٺيان آهن: غيرت جو غلط تصور، گهڻن معاشرن ۾ غيرت کي عورت جي روين سان ڳنڍيو ويندو آهي ۽ مرد پنهنجي عزت کي عورت جي آزادي تي ضابطو رکي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پدرشاهيت: اهو نظام جتي مرد کي فيصلا ڪرڻ جو مڪمل اختيار هوندو آهي، ۽ عورتن کي گهٽ حيثيت ڏني ويندي آهي. تعليم جي کوٽ: جهالت ۽ شعور جي کوٽ سبب ماڻهو قانون، انساني حقن ۽ اخلاقي قدرن کان اڻواقف رهندا آهن. سماجي دٻاءُ: برادري يا ڳوٺ جي دٻاءَ سبب ماڻهو اهڙا قدم کڻندا آهن ته جيئن عزت بچائي سگهجي. ڪمزور قانوني نظام: قانونن جو صحيح لاڳو نه ٿيڻ يا ڏوهارين کي سخت سزا نه ملڻ به اهڙن ڏوهن کي وڌائي ٿو. معاشي ۽ ذاتي مفاد: اڪثر ڪري ملڪيت، وراثت يا ذاتي دشمني کي به غيرت جو رنگ ڏئي قتل ڪيو ويندو آهي. عورتن جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ کان خوف: عورتن جي تعليم، روزگار ۽ آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ کي پدرشاھي سوچ جا حامي ماڻهو پنهنجي روايتي طاقت لاءِ خطرو سمجهندا آهن. اهي سڀ ڪارڻ گڏجي ڪارو ڪاري جهڙي سنگين سماجي مسئلي کي جنم ڏين ٿا، جنهن جي روڪٿام لاءِ تعليم، شعور، قانون جي مضبوط عملداري ۽ سماجي سوچ ۾ تبديلي ضروري آهي.
ڏٺو وڃي ته غيرت جو تصور هاڻي پنهنجي اصل معنيٰ وڃائي چڪو آهي. اهو ھاڻي اخلاقي قدرن يا انساني وقار سان لاڳاپيل ناھي رهيو، پر هڪ اهڙو اوزار بڻجي چڪو آهي، جنهن ذريعي عورت جي آزادي، چونڊ ۽ وجود تي اختيار قائم رکيو وڃي ٿو. جڏهن ڪا عورت پنهنجي مرضي سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي، تعليم يا روزگار ذريعي خودمختياري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، يا وراثت ۾ پنهنجو حق گهري ٿي ته ان کي خطرو سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ غيرت جو جواز تيار ڪيو وڃي ٿو.
سنڌ ۾ هر سال اهڙن قتلن جا انگ اکر هن حقيقت جي تصديق ڪن ٿا. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (HRCP) ۽ عورت فائونڊيشن جي رپورٽن موجب، پاڪستان ۾ هر سال سوين عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿين ٿيون، جن مان هڪ چڱو خاصو انگ سنڌ سان لاڳاپيل آهي. اندازي طور رڳو سنڌ ۾ 200 کان 300 تائين ڪيس هر سال رپورٽ ٿين ٿا، جڏهن ته اصل انگ ان کان گهڻو وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ڪيترائي واقعا يا ته رپورٽ ئي ناهن ٿيندا يا جرڳن ۽ سماجي دٻاءَ هيٺ حل ڪيا وڃن ٿا.
تازو واقعو روبينه عرف خالده چانڊيو جو، جنهن کي سندس پنهنجي مامي هٿان، پنهنجي ڏاڏي ۽ ٻين مرد مائٽن جي موجودگي ۾ قتل ڪيو ويو، هن نظام جي بي رحميءَ جو زنده مثال آهي. هتي قاتل رڳو هڪ فرد ناھي پر پورو ماحول، سمورو خاندان، ۽ ڪڌي سوچ شامل آهي. اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن، جتي عورتن کي پنهنجن ويجهن مائٽن جي هٿان ماريو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان کي غيرت جو نالو ڏئي سماجي قبوليت ڏني وڃي ٿي. سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ جرڳن جو غيرقانوني نظام هن ظلم کي وڌيڪ طاقتور بڻائي ٿو. جرڳا اڪثر ڪري انصاف جو متبادل بڻجي بيهن ٿا، جتي فيصلا قانون، اخلاقيات يا انساني حقن جي بنياد تي نه، پر طاقتور ڌرين جي مفادن موجب ڪيا وڃن ٿا. عورتن کي سزا طور ڏي وٺ ۾ ڏيڻ، جبري شاديون ڪرائڻ يا ڪاري قرار ڏئي قتل جي منظوري ڏيڻ، اهي سڀ فيصلا هڪ اهڙي سماجي ڍانچي کي ظاهر ڪن ٿا، جتي عورت جي حيثيت هڪ انسان نه پر ملڪيت طور سمجهي وڃي ٿي.
هن سڄي صورتحال جو قصوروار ڪردار صرف قاتلن تائين محدود ناهي. ھن ڪڌي عمل جون متاثر (Victims) اهي عورتون(ڪجهه انگ ۾ مرد پڻ) آهن، جيڪي پنهنجي حقن، چونڊن يا رڳو شڪ جي بنياد تي جان وڃائين ٿيون. ھن سڄي وارتا ۾ سهولتڪار (Facilitators)وري اهي ماڻهو آهن، جيڪي خاموشي اختيار ڪن ٿا، جرڳن ۾ ويهن ٿا، يا سماجي دٻاءَ کي اڳتي وڌائين ٿا، جن ۾ خاندان جا فرد، برادري جا وڏا ۽ ڪڏهن ڪڏهن مقامي اثرائتا ماڻهو به شامل آهن. ۽ ھن سڄي عمل جا فائدو وٺندڙ (Beneficiaries) اهي آهن، جيڪي ان قتل مان سڌو يا اڻ سڌو فائدو حاصل ڪن ٿا، جهڙوڪ ملڪيت تي قبضو، ذاتي دشمني جو خاتمو، يا سماجي طاقت کي برقرار رکڻ.
هن سڄي عمل ۾ ڪمزور قانوني عملداري هڪ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿي. جڏهن قانون موجود هوندو آهي پر ان تي عمل نه ٿيندو آهي، ته اهو ڏوهارين لاءِ تحفظ بڻجي ويندو آهي. ڪيترن ئي ڪيسن ۾ قاتل آساني سان بچي وڃن ٿا. يا ته معافي جي قانوني گنجائش جو غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو، يا جاچ ۽ ڪارروائي ۾ سستيءَ سبب ڪيس ڪمزور ٿي وڃن ٿا. پوليس، عدالت ۽ سماج جي وچ ۾ موجود هي ڪمزوريون گڏجي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪن ٿيون، جتي انصاف هڪ خواب بڻجي وڃي ٿو.
ھاڻي سوال اهو ناهي ته ڪارو ڪاري جو عمل ڇو ٿئي ٿو پر سوال اهو آهي ته اهواڃان تائين جاري ڇو آهي؟ ڇاڪاڻ ته ڪارو ڪاري ذريعي هتي صرف هڪ عورت نه ٿي ماري وڃي، پر ڄاڻي واڻي هڪ سوچ کي زنده رکيو وڃي ٿو. هتي هڪ نظام کي بچايو وڃي ٿو، ۽ هتي خاموشي، قانون کان وڌيڪ طاقتور آهي .جيستائين اسان غيرت کي نئين معنيٰ نه ڏينداسين، جيستائين قانون کي رڳو ڪتابن مان ڪڍي عمل ۾ نه آڻينداسين، ۽ جيستائين سماج پنهنجي ئي ظلم خلاف بيهڻ جي همت نه ڪندو، تيستائين هر قتل کان پوءِ صرف نالا بدلجندا، قصو ساڳيو رهندو ۽ شايد سڀ کان وڏو سچ اهو آهي ته قاتل صرف اهو ناهي جيڪو هٿ کڻي ٿو، يا گولي ھلائي ٿو پر اهو به آهي جيڪو ڏسي ٿو، سمجهي ٿو ۽ پوءِ به خاموش رهي ٿو.