وزيراعظم ڊيزل جي اگهه ۾ وڏي لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڊيزل جي اگهه ۾ 32 رپيا 12 پيسا في ليٽر لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم هائوس طرفان جاري ٿيل پڌرائيءَ موجب وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ڊيزل جي قيمت 385.54 رپين مان گهٽجي 353.43 رپيا ٿي وئي آهي.
پڌرائيءَ موجب وزيراعظم چيو ته تيل جي اگهه ۾ لاٿ جو فائدو جيترو جلدي ٿي سگهي عوام تائين پهچايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.