عمر ايوب پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان مستعفي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. عمر ايوب چيئرمين سينٽرل فنانس بورڊ پي ٽي آءِ جي عهدي تان به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. عمر ايوب ٽوئيٽ ڪندي سيڪريٽري جنرل پي ٽي آءِ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. عمر ايوب پي ٽي آءِ باني کي خط لکي ڇڏيو. عمر ايوب جو چوڻ آهي ته مئي 2023ع کان پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏيڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان مون تي اعتماد ڪيو. هن چيو ته کيس پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو. عمر ايوب وڌيڪ لکيو ته هو سينيٽر شبلي فراز، ڪور ڪميٽي ۽ تنظيمي ميمبرن جو ٿورائتو آهيان جن شاندار سهڪار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.