عدت ڪيس جو فيصلو اچڻ بعد ڪارڪنن پاران عمر ايوب جو گهيراءُ

اسلام آباد (م ڊ) عدت ڪيس جو فيصلو اچڻ بعد پي ٽي آءِ ڪارڪنن پنهنجي ئي اڳواڻن جو گهيراءُ ڪري ورتو، عمر ايوب ۽ فيصل جاويد  ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا.عمران خان ۽ بشرا بي بي جي سزا خلاف اپيلون رد ٿيڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي جمع ٿيل ڪارڪنن عمر ايوب خان ۽ سينيٽر فيصل جاويد خان جو ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ٻاهران گهيرو ڪيو.قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب ۽ سينيٽر فيصل جاويد عدالت مان ٻاهر نڪتا ته سندن منهن ڍڪيل هئا ۽ سندن پريشاني واضح هئي.اڳواڻ جيئن ئي عدالت مان ٻاهر آيا ته سينيٽر اعظم سواتي ڌار ٿي ويو ۽ روڊ تي بيٺل ڪارڪنن سان گڏ بيهي ڇتي نعريبازي ڪرڻ لڳو، هوڏانهن ڪارڪنن عمر ايوب جو گهيراءُ ڪري ورتو، ڪارڪنن چيو ته عمران خان کي ڪجهه ٿيو ته قيادت کي نه ڇڏينداسين، هر ڪو پنهنجي مفادن لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي عمران خان جي آزادي جي ڪنهن کي به فخر ئي ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.