جعلي حڪومت مسلط ڪرڻ تان دنيا ۾ بدنامي ٿي رهي آهي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته اسٽيبلشمنٽ ذريعي جعلي حڪومت مسلط ڪرڻ واري فيصلي سان سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمنٽ جي غلام بڻيل آهي جيسيتائين ان جي غلامي مان آزاد ڪرائي خودمختيار نٿي بڻجي تيستائين ملڪ ۾ ووٽ ذريعي تبديلي وارو خواب پورو نٿو ٿي سگهي.آمريڪي ڪانگريس ۾ منظور ٿيل  قرارداد08 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي پَت وائکي ڪري ڇڏي آهي، ان کان اڳ ۾ برطانيه، فافن سميت مختلف ادارن پڻ چونڊن جي شفافيت تي سوال اُٿاريا هئا، جنهن ملڪ ۾ چونڊن ۽ عوامي حقن تي ڌاڙو هنيو وڃي ان ملڪ ۾ استحڪام ڪئين ٿو اچي سگهي، سياسي ۽ معاشي استحڪام کان بنا ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ ڪارڪنن سان گڏ عيد ملن پارٽي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ جي مخالف ڌُر وارين پارٽين، عوام، ميڊيا کان پوءِ هاڻي ته سموري دنيا اها ڳالهه ورجائي رهي آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ چونڊون فراڊ هنيون ۽ عوامي مينڊيٽ تي ڏينهن ڏٺي جو وڏي دليري سان ڌاڙو هڻي جعلي اڪثريت جي نالي تي جعلي حڪمران مسلط ڪيا ويا ۽ هاڻي ته انصاف ڏيندڙ ادارا به مقتدر قوتن جي نشاني تي اچي ويا آهن جنهن سان ملڪي معاشي ۽ سياسي استحڪام تي منفي اثر پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.