اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي (پي ايل ڊي اي ٽي) جي سربراهه احمد بلال محبوب چيو آهي ته آمريڪي قرارداد ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي اها پاڪستان جون سياسي پارٽيون به ڪري رهيون آهن، ان ڪري چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. جيو نيوز جي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ ڳالهائيندي احمد بلال محبوب چيو ته 90 سيڪڙو پارليامينٽ ميمبرن کي آمريڪي قرارداد جي حمايت ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اها ڪمزور قرارداد هوندي. پروگرام ۾ شريڪ اڳواڻ مسلم ليگ ن جي سينيٽر خليل طاهر سنڌو چيو آهي ته پاڪستان هڪ آزاد ملڪ آهي ۽ آمريڪي ايوان نمائندگان پاڪستان ۾ چونڊن بابت ٺهراءُ پاس نٿو ڪري سگهي.