خالق جي تخليق ڪيل ھر ھڪ شيءَ جو پنھنجو مقام آھي، پر ٻوليءَ جھڙي نعمت جو ھجڻ به تمام تخليقن مان تمام بھتر تخليق آھي. جنھن جي ايجاد دنيا جي اندر انقلاب آندو. ٻوليون نه صرف ڳالھائڻ جي لاءِ ضروري آھن، پر ٻوليون پنھنجي ثقافت ۽ قوم جي اثاثن کي بچائڻ لاءِ به ضروري آھن. تاريخ ۾ انھن ٻولين کي اھم درجو ڏنو ويندو آھي، جن ۾ انھن جي قوم جي تاريخ، پنھنجي ٻوليءَ جي لفظن ۾ قيد ٿيل ھوندي آھي. جنھن قوم جي ٻولي تباھ ٿي وڃي، مري وڃي، ڳالھائيندڙ ختم ٿي وڃن ته سمجھو ان قوم جو دنيا جي نقشي تان نالو نشان مِٽجي وڃڻ وارو آھي. ٻوليون قومن جو شان، مانُ، مرتبو ۽ وقار ھونديون آھن.
اھي ٻوليون جيڪي ڳالھايون وڃن ٿيون پر انھن جو ادبي ڪم ناھي، جن وٽ لکڻ جو ڪو به نمونو ناھي، انھن ٻولين جي وجود وڃائڻ جا امڪان ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ھوندو آهي. ٻولي آھي ڇا؟! ٻولي ڳالهھ ٻولهھ جو ھڪ ذريعو آھي، جنھن سان پنھنجي ڳالهھ ٻين کي سمجھائجي ۽ ٻين جي ڳالهين کي پاڻ سمجھجي. پنھنجي ٻوليءَ کي مادري ٻولي ان ڪري چيو ويندو آھي ته اھا ماءُ ۽ گھر وارن جي محبت ۽ ڳالھائڻ جي ڪري ٻار جلدي سمجھي ۽ سکي ويندو آھي ۽ ڳالھائڻ شروع ڪندو آھي. لسانيات جا ماھر پڻ ان ڳالھه کي اھميت ڏين ٿا ته پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ جيترو سکڻ ۽ سمجھڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي، ايتري ڪنھن ٻي ٻولي منجهھ نه ٿي ٿئي. پروفيسر انعام ڀٽي جي ٻولين جي عالمي ڏھاڙي تي لکيل ڪالم مطابق "ٻولين جي تاريخ ڏيڍ لک سال ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ثبوتن آڌار ڳالهائجندڙ ۽ لکجندڙ ٻولين جي ابتدا ڇهه هزار سال پهرين ٿي. انهي حساب سان سنڌي ٻولي جو وجود پڻ ڇهه هزار سال کان به پهرين ٿي چڪو هوندو. انهي جو ثبوت اهو آهي ته موهن جو دڙو جيڪو پنج هزار سال جي لڳ ڀڳ قديم آهي انهي مان پڻ لکت لاءِ لپي ملي آهي.” سنڌي ٻولي نه صرف سنڌ ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، پر دنيا جي مختلف خطن ۾ پڻ ڳالھائي وڃي ٿي.
دنيا جون ٻيون ٻوليون جتي پنھنجو مقام بلند رکن ٿيون، اتي سھڻي ٻولي سنڌي ٻوليءَ جو مقام ۽ نالو پڻ مٿانهين ٻولين ۾ اچي ٿو. سنڌي، دنيا جي قديم ٻولين مان ھڪ آھي. سنڌي ٻولي ٻين ٻولين جيان منتخب رسم الخط ۾ لکي، ڳالھائي ۽ سمجھي وڃي ٿي. مختلف ملڪن ۾ ھڪ کان وڌيڪ ٻولين کي قومي ٻولي ھجڻ جو درجو ڏنل آھي، اھڙيءَ طرح انڊيا جي اندر ٻين قومي ٻولين جيان سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنل آھي. انڊيا ۽ پاڪستان جي ورھاڱي کان اڳ، انگريز سرڪار وٽ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي طور استعمال ڪيو ويندو ھو. سنڌي ٻولي شروع کان ئي وٺي وسيع لفظن جي ڪري دنيا جي شاھوڪار ٻولي رھي آھي. سنڌي ٻولي سنڌ جي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙن جي مادري ٻولي آھي، سنڌ جي اندر جيڪي قومون ٻاھران آيون، انھن پڻ ھن ٻوليءَ کي اپنايو. ٻولين جو معاملو ۽ مسئلو تمام اھم ۽ سنگين رھيو آھي، ڇاڪاڻ ته بنگلاديش جي ٺھڻ ۾ ٻوليءَ جو پڻ نمايان ڪردار ھو، جنھن جي ڪري 21 فيبروري کي ٻولي جو ڏھاڙو ڪري ملھايو ويندو آھي. سنڌ ۾ سالن کان وٺي سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو جائز درجو ڏيارڻ جي لاءِ ڪاوشون ڪيون وڃن ٿيون. ڇاڪاڻ ته اھو ھڪ فطري عمل آھي ته ھر ڪو پنھنجي ٻوليءَ سان پيار ڪري ٿو ۽ پوءِ ان جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ پنھنجون ڪاوشون سرانجام ڏئي ٿو. ان جو مثال توھان جنرل اسيمبلي ۾ ايران جي صدر شھيد ابراھيم رئيسي جي ڪيل تقرير مان وٺي سگھو ٿا ته جتي ٻين ملڪن جا حڪمران پنھنجي ٻوليءَ کي ڇڏي ٻي ٻوليءَ ۾ تقرير ڪري رھيا ھئا، اتي پاڻ پنھنجي ٻوليءَ ۾ تقرير ڪري دنيا کي اھو پيغام ڏنو ته منھنجي ٻولي ڪنھن ٻي ٻوليءَ جي محتاج ناھي ۽ آئون پنھنجي ٻوليءَ سان پيار ڪيان ٿو. اھڙي طرح سنڌ جي سھڻي شاعر شيخ اياز پڻ ان ڳالهھ کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ھن طرح پيش ڪيو آھي،
پنھنجي ٻوليءَ ۾، ميان جي تون چوندين ماءُ ،
توکي اھڙو ساءُ ڏيندي، ٻي ٻولي ڪٿي.
احسان لغاري جي لکيل ڪالم مطابق ” دنيا جي چاليهھ سيڪڙو آباديءَ کي ان ٻوليءَ ۾ تعليم نٿي ڏني وڃي، جيڪا ھو سمجھن ۽ ڳالھائين ٿا”. اھو ٻار جو بنيادي حق پڻ بڻجي ٿو ته کيس تعليم پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻار مادري ٻوليءَ کي چڱي طرح سمجھي ٿو ۽ ان جي ڪري ان کي سکڻ ۾ سولائيءَ سان گڏوگڏ وقت جو بچاءُ پڻ ٿئي ٿو. دنيا جا حڪمران ۽ رھندڙ ماڻھون پنھنجي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ پنھنجي ٻوليءَ کي زور ڏياريندا اچن پيا. جيئن انھن جي ٻولي وڌ کان وڌ ڳالھائي وڃي، ماڻھو اسان جي ٻوليءَ مان متاثر ٿي سکڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ، ته جيئن ٻوليءَ جو وجود به زنده رھي سگھي. انگريزي جھڙي زبان جيڪا اڄڪلهه دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. پر ھتي ملڪ پاڪستان ۾ ابتڙ نظام آھي، ھتي پنھنجي مادري ٻوليءَ کي ڇڏي، اسين ٻي ٻولين کي وڌيڪ اھميت ڏئي ڪري، انھن کي فخر سان سکڻ، سمجھڻ ۽ ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. اسان جي ملڪ جو تعليمي حال به اھو آھي، جو مادري ٻوليءَ کي ڇڏي ٻي ٻوليءَ ۾ پڙھايو وڃي ٿو، پوءِ نه ڪو استاد چڱيءَ طرح سمجھائي سگھي ٿو نه ئي وري ٻار استاد جي ڳالھ سمجھي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته مادري ٻولي ھن جي پنھنجي ٻولي آھي، جنھن ۾ نه صرف ھو سمجھي ۽ سکي سگھي ٿو پر سکيا ۾ تڪڙي واڌ ويجهه پڻ ڪري سگھي ٿو. مادري ٻوليءَ ۾ نه پڙھائڻ جي ڪري ڪيترن ٻارن کي پڙهندڙ مضمونن جي بنياد جي ئي خبر ناھي ھوندي، پوءِ اھي دنيا جي تعليمي مقابلن جي لاءِ پاڻ کي نااهل ۽ ناڪارا سمجھي وٺندا آھن.
ٻيو ته ٺھيو پر سڪرنڊ جھڙي ننڍي شھر ۾ پڻ مادري ٻوليءَ کي ڇڏي ٻارن کي اردو ٻوليءَ ۾ سمجھايو ۽ سيکاريو ويندو آھي، ۽ سنڌ جي شھرن جي اسڪولن ۾ پڙھندڙ ٻارن ۽ انھن جي والدين کي زوريءَ اسڪول توڙي گھر ۾ اردو ڳالھائڻ لاءِ زور ڀريو وڃي ٿو. جيڪو اسان جي ايندڙ نسل لاءِ نقصانڪار آھي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ پنھنجي ٻولي، پنھنجي ثقافت ، تھذيب، ريتون ۽ رسمون آھن. مادري ٻوليءَ ۾ تعليم نه ھجڻ جي ڪري، اسان انھيءَ ۾ ڏينھون ڏينھن پوئتي ٿيندا وينداسين ۽ ٻوليءَ جو استعمال به گھٽجندو ويندو.
اردو ٻولي پاڪستان جي قومي ٻولي آھي. انھيءَ سان ڪو تعصب يا نفرت ناھي، پر ٻار کي مادري ٻوليءَ جو اچڻ ۽ ان ۾ سکيا ملڻ به لازمي آھي. ننڍڙي شھر سڪرنڊ م مادري ٻوليءَ سان اھڙو سلوڪ آھي ته پوءِ سنڌ جي وڏن شھرن ۾ خبر ناھي ته ڪھڙي حالت ھوندي!؟.
سنڌي ٻولي انگريزن جي حڪمرانيءَ ھوندي به پنھنجو وجود برقرار رکيو ۽ موجوده حالتن ۾ به برقرار رکندي پئي اچي، جنھن ۾ اديبن کان ويندي شاگردن جي جدوجهد ۽ محنت شامل آھي. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو جائز درجو ڏيارڻ لاءِ اسيمبليءَ ۾ پڻ بل پيش ٿيا. وڏي ڳالهھ ته اھا آھي جو سنڌ جي اسيمبليءَ ۾ ھلندڙ ڪاررواين ۾ پڻ پنھنجي ٻوليءَ جو استعمال گھٽ ڪيو وڃي ٿو. اڄ جي دؤر ۾ سڃاڻپ ڪارڊ کان ويندي ھڪ عام معمولي پرچيءَ تي به سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لکيل ناھي ھوندي.
پاڪستان ۾ تعليمي حالت اھا آھي جو اڪثر سرڪاري استاد پنھنجا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ پڙھائڻ لاءِ تيار ناھن. انھن جو مقصد اھو آھي ته اسان جا ٻار انگريزي ميڊيم اسڪول ۾ پڙھي نالو روشن ڪندا، نالو روشن ٿئي يا نه ٿئي پر پنھنجي ٻوليءَ جو ستياناس ضرور ٿيندو.
اسان اھو چئي ڇڏيندا آھيون ته سنڌي ٻولي دنيا جي عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ٻولي آھي، ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته سنڌي ٻوليءَ کي دنيا تائين پھچائڻ ۾ سندس جي شاعريءَ لفظن جو ڪمال رھيو آھي. جنھن جي ڪري سندس رسالي کي سنڌيءَ مان ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي. ھيءَ لطيف جي نه پر سنڌ ۾ رھندڙ ھر مزدور، پورھيت ، اديب، ليکڪ، شاگرد کان ويندي آفيسرن جي پنھنجي سنڌي ٻولي آھي. ھيءَ اسان سڀني سنڌ جي رهواسين جي ٻوليءَ آھي. ھن ٻوليءَ جي لاءِ جيئن گوگل جھڙا ادارا ڪاوشون سرانجام ڏين پيا، اھڙيءَ طرح اسان کي به پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. وڌ کان وڌ سنڌيءَ ڳالھائجي ۽ لکڻيءَ ۾ استعمال ڪجي، ان سان گڏوگڏ وڻج واپار، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ پڻ ھن کي استعمال ڪري ٻوليءَ کي مضبوط ڪجي. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي قرار ڏئي، ان تي عمل ڪرايو وڃي. عمل نه ڪندڙن کي سزا ۽ ڏنڊ لاڳو ڪيا وڃن. سنڌي ٻوليءَ جا مختلف پروگرام منعقد ڪري سنڌي ٻوليءَ جي اھميت بابت ڄاڻ مهيا ڪئي وڃي. ٻوليون سڀ اسان کي پياريون آھن، پر پنھنجي ٻوليءَ اسان کي پنھنجي جيءَ کان به وڌيڪ پياري آھي.
سنڌي ٻولي انگريزن جي حڪمرانيءَ ھوندي به پنھنجو وجود برقرار رکيو ۽ موجوده حالتن ۾ به برقرار رکندي پئي اچي، جنھن ۾ اديبن کان ويندي شاگردن جي جدوجهد ۽ محنت شامل آھي. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو جائز درجو ڏيارڻ لاءِ اسيمبليءَ ۾ پڻ بل پيش ٿيا. وڏي ڳالهھ ته اھا آھي جو سنڌ جي اسيمبليءَ ۾ ھلندڙ ڪاررواين ۾ پڻ پنھنجي ٻوليءَ جو استعمال گھٽ ڪيو وڃي ٿو. اڄ جي دؤر ۾ سڃاڻپ ڪارڊ کان ويندي ھڪ عام معمولي پرچيءَ تي به سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لکيل ناھي ھوندي.