اڏيرو لعل مان اغوا ٿي ويل واپاري بازياب نه ٿيو، شهر ۾شٽربند هڙتال، نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻي جو چتاءُ

اوڏيرولال (رپورٽ: سڪندر ساهو وال ) اوڏيرولال ويجهو ڀائو خان پٺاڻ ۾ جي يو آئي، تاجران برادري ۽ سياسي سماجي ڌرين جي سڏ تي اغوا ٿي ويل هندو واپاري نريش ڪمار جي بازيابي لاءِ شٽربند هڙتال ڪري  ڪاروبار کي بند ڪري ڇڏيو آهي. ست ڏينهن اڳ اوڏيرولال اسٽيشن جي واپاري نريش ڪمار کي سيکاٽ ٿاڻي جي حد ڏهه دري موري وٽان اغوا ڪيو ويو هو، ست ڏينهن گذرڻ باوجود اڄ تائين مغوي جي بازيابي نه ٿي سگهي آهي. مغوي جي بازيابي لاءِ جمعيت علماءِ اسلام، انجمن تاجران ڀائو خان پٺاڻ ۽ سياسي سماجي ڌرين سيٺ ريلو مل، سيٺ دليپ ڪمار، خادم خاصخيلي، حاجي نعيم خاصخيلي، نبي بخش هاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪاروباري ماڻهن شٽربند هڙتال ڪري پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مغوي جي اغوا کي ست ڏينهن گذري چڪا آهن، پر اڃان تائين مٽياري پوليس سکڻا دلاسا ڏئي رهي آهي ۽ مغوي جي ڪابه خبر ناهي ته هو ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ هنڌو واپارين خلاف ڪات ڪهاڙا تکا ڪيا ويا آهن، هنن چيو ته اسان هن وقت احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون ۽ پنهنجو ڪاروبار به نٿا ڪري سگهون. هنن سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته اڄوڪو آخري ڏينهن آهي جيڪڏهن مغوي نريش ڪمار کي بازياب نه ڪرايو ويو ته سڀاڻ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ احتجاج کي سنڌ تائين وڌائي اڻ کٽ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.