ڇا چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر به لنڊن پلان جو حصو آهن؟: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن الزام هنيو آهي ته اسان جي اهم درخواستن بدران غير اهم  درخواستون ٻڌڻ جو سلسلو جاري آهي. هن اهو به سوال اٿاريو ته ڇا چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر لنڊن  پلان جو حصو آهن؟ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  رئوف حسن چيو ته چيف جسٽس ٻڌائي ته ڪهڙي آئين ۾ لکيل آهي ته توهان پٽيشن هيٺ رکي ويهي رهو. مختلف طريقن سان سچ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اهي سڀ شيون لنڊن پلان جو حصو آهن، ڇا چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر پڻ لنڊن پلان جو حصو آهن؟ راڻا ثناءُ الله چيو هو ته هو پي ٽي آءِ باني کي اندر رکڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪندا، ڇا چيف جسٽس کي اهو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي؟ هن چيو ته آمريڪي ڪانگريس پاڪستان جي چونڊن بابت ٺهراءُ پاس ڪيو، 98.3 سيڪڙو ميمبرن ان قرارداد جي حمايت ڪئي، قرارداد ۾ پاڪستان حڪومت کان 5 مطالبا ڪيا ويا. هن چيو ته سڄي دنيا چوي ٿي ته پاڪستان جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.