هٽڙي ڀرسان شهري کان 18 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿيندڙ 3 ڦورو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پوليس ڦر دوران مقابلي ۾ ٽن ڏوهارين جي مارجڻ جي دعوي ڪئي آهي. پوليس ترجمان موجب هٽڙي ٿاڻي جي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 3 ڏوهاري ماريا ويا آهن، هٽڙي بائي  پاس وٽ شهري لعل بخش کان 3 ڏوهاري هٿيارن جي زور تي 18 لک 50 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ان دوران پوليس پهچي کين گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڏوهارين فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڏوهاري موقعي تي مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن وٽان ڦر ٿيل رقم 18 لک 50 رپيا روڪ رقم تحويل ۾ ورتا ويا. جنهن بعد مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي ٿيل 2 ڏوهاري به فوت ٿي ويا، ڊاڪٽرن سندن موت جي تصديق ڪئي. مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويلن مان ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ امتياز علي ڀنڊ ۽ علي اڪبر جوڻيجو جي نالن سان ٿي آهي، جڏهن ته هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي. پوليس موجب هٽڙي پوليس ترت ڪارروائي ڪندي ڦر جي واردات کي ناڪام بڻائي ورتو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ مارجي ويلن جي ڏوهاري رڪارڊ جي پڻ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن مقابلي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڪنهن به پوليس اهلڪار يا پوليس موبائيل کي ڪنهن به قسم جو نقصان پهچڻ جا اطلاع نه هئا ۽ نه ئي پوليس جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ان بابت ڪجهه ٻڌايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.