اسلام آباد (بيورو+م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي زرتاج گل جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس طارق محمود جهانگيري اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته نالو اي سي ايل مان ڪڍي هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻئي طرف جسٽس طارق محمود جهانگيري 5 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ لکيو ته ڊائريڪٽر جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن موجب پنجاب جي گهرو کاتي جي 16 مئي جي خط تي زرتاج گل جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو. جنهن موجب 9 مئي ۽ 12 مئي تي ڊي جي خان ۾ داخل ڪيسن ۾ نالو اچڻ بعد نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته زرتاج گل جي وڪيل طرفان رڪارڊ پيش ڪيو ويو، جنهن موجب ٻنهي ڪيسن ۾ زرتاج گل جي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي. زرتاج ڪنهن به ڪيس ۾ مفرور يا اشتهاري ناهي پر ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي. عدالتي فيصلي موجب زرتاج گل جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو ڪو به جواز يا جواز ناهي.
-
ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جو برو حال آهي: مخالف ڌر
ڪراچي(رپورٽ:محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سرڪار مخالف ڌر جا منصوبا بجيٽ ۾ شامل ئي نه ڪيا آهن، حڪومت جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي، اي ڊي پي جي اسڪيمن جو بروحال ڪراچي کان ڪشمور تائين آهي، بجيٽ تي بحث ۾ حصووٺندي مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي سميت پوري سنڌ سان خراب سلوڪ رکيو آهي،لاڙڪاڻوڊولپمينٽ اسڪيم 2014 کان رلي پئي آهي، هن چيو ته مخالف ڌر جي تجويزن کي حڪومت نظرانداز ڪيو آهي، ايندڙ نسل پڇندا ته ماحولياتي تبديلين لاءِ ڇا ڪيوويو، علي خورشيدي چيو ته بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي ۾ جيڪي مسئلا پيش ڪيا اهي مسئلا سنڌ ۾ به آهن، سنڌ حڪومت وٽ مسئلا حل ڪرڻ جي سگهه نه آهي، ڪراچي لاءِ بجيٽ رڳودستاويزن تائين محدود آهي، گرائونڊ تي ڪجهه به ناهي، هن چيو ته سمنڊ جي پاڻي کي مٺوڪرڻ واري منصوبي سميت ڪراچي جي منصوبن کي لٽڪايو پيو وڃي، آواز اٿاريون ٿا ته چون ٿا ته توهان ڪراچي ڪراچي ڪيو ٿا، ڌاٻيجي اڪنامڪ زون جو اعلان ڪيو ويو پر اهو به نه ٺهيو آهي، هن چيو ته بجيٽ ۾ پراڻا منصوبا شامل آهن،جيڪي گذريل 10 سالن کان مڪمل نه ٿيا آهن، هن چيو ته سالن کانپوءِ صوبي کي گهرو وزير مليو آهي، اهو ٻڌائي ته ان عوام جي تحفظ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ان بعد اسپيڪر اجلاس اڄ صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
-
پي ٽي اي کي ٽڪ ٽاڪ تان گستاخي ۽ اعتراض واريون وڊيوز هٽائڻ جو حڪم
پشاور ( م ڊ ) پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي کي ٽڪ ٽاڪ تان گستاخي ۽ اعتراض وارين وڊيوز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کي ٽڪ ٽاڪ تان گستاخانا ۽ قابل اعتراض وڊيوز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ايس ايم عتيق شاهه ۽ جسٽس شڪيل احمد ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي پي ٽي اي کي 7 ڏينهن ۾ اعتراض واري مواد هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران بئريسٽر بابر شهزاد عدالت کي ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ تي توهين ۽ اعتراض وارو مواد شيئر ڪيو ويندو آهي ان ڪري ان کي بند ڪيو وڃي، جسٽس شڪيل احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته هي تمام اهم معاملو آهي، گستاخي وارو مواد شيئر نه ڪيو وڃي.پي ٽي اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ تي روزانو لکين وڊيوز شيئر ڪيون وينديون آهن ۽ گستاخانا مواد کي فوري طور هٽايو ويندو آهي پر گستاخي وارو مواد شيئر ڪرڻ وارا ڪجهه اڪائونٽ هولڊر ٻاهرين ملڪن جا آهن ان ڪري هي ٽيڪنيڪل مسئلو آهي. جسٽس عتيق شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو ممڪن ناهي ته ڪو به گستاخي وارو مواد جيئن ئي اچي ته فائر وال ٺاهي ۽ بلاڪ ڪيو وڃي. پي ٽي اي جي وڪيل چيو ته اسان وٽ اهڙي ٽيڪنالاجي ناهي، نامناسب مواد جي نشاندهي کانپوءِ ئي ان کي ٽڪ ٽاڪ تان ڊيليٽ ڪري سگهجي ٿو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
-
تازي صورتحال مان ڪو بيوقوف ئي سمجهندو هوندو ته عمران خان آزاد ٿيندو : شيخ رشيد
راولپنڊي( م ڊ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته موجودا صورتحال ۾ ڪو بيوقوف ئي اِهو سمجهندو هوندو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي آزاد ڪيو ويندو.اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اڄ ڪو به فرد جرم لاڳو ناهي ٿيو، 650 ماڻهن کي گرمي ۾ ماريو ويو.هن چيو ته اڄ سندس پراسيڪيوٽر سان جهيڙو ٿي پيو، پراسيڪيوٽر چيو هو ته مان هتي پيش نه ٿيندس، پراسيڪيوٽر جج خلاف بي اعتمادي جي رٿ داخل ڪرائي هئي جيڪا رد ڪئي وئي.شيخ رشيد چيو ته ڪينيا جي فلم پاڪستان ۾ به ٻيهر هلي سگهي ٿي، 30 آگسٽ کان اڳ حساب ٿيندو.هن چيو ته شهباز شريف چيو ته موجودا بجيٽ آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي، آءِ ايم ايف ٺاهي آهي، قوم ڪنهن اڳواڻ جو انتظار نه ڪندي، هر پاسي بک ئي بک آهي، هي ويڙهه غريب جي ويڙهه آهي عمران خان جي آزادي بابت سوال تي شيخ رشيد چيو ته ڪو بيوقوف ئي سمجهندو هوندو ته پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪيو ويندو، موجوده صورتحال ۾ پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد نه ڪيو ويندو.