روڊ حادثا، ڪارڻ ۽ ڊرائيونگ جا اصول

تحرير:  ساگر ميمڻ 

سنڌ ۾ اڪثر ھر ڏينهن ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن روڊ حادثي جي خبر ايندي رھندي آھي، ڪو به اھڙو ڏينهن خالي ڪو نه ھوندو آھي، جنهن ڏينهن روڊ جي حادثي خبر نه آئي ھجي، روڊ حادثن ۽ ايڪسيڊنٽ جي منحوسيت جو پاڇو سنڌ جي ڪڍ رھي ٿو، جنهن پاڇي آباد ڪيترن گهرن کي ويران ڪري ڇڏيو، مائرن کان معصوم ۽ ٽڙندڙ گلن جهڙو اُولاد ڇني ورتو، ونين کان ور ڇني ورتا، ڀينرن کان ڀائرن جي محبت واري چانوءُ کسي ورتي، ۽ پوءِ انهن وارثن جي دلين ۽ چهرن تي مايوسيءَ، اداسيءَ ۽ نراسائي جي موسم واسو ڪري وڃي ٿي، اِھو ئي سبب آھي ته مجموعي طور تي ڳالهه ڪجي ته سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن جيان روڊ حادثن ۽ ايڪسيڊنٽ ۾ انساني جانيون تمام گهڻيون ضايع ٿينديون رھن ٿيون، جنهن جي سبب ۽ ڪارڻن بابت اڳتيءَ ھلي، ڳالهائيندس، پر ڳڻتيءَ جهڙي ڳالهه ھيءَ آھي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ روڊ ايڪسيڊنٽ جي ڪري، ھاڻي اگر ڪو شخص، وڏو توڙي ٻار گهر کان ڪنهن ڪم سانگيءَ ٻاھر نڪري وڃي ٿو ته پويان سندس گهروارا، امڙ، وني، ڀينرون فڪر مند ٿي وڃن ٿيون، آسمان جي ڏانهن نهاري، خالق ڪائنات کان دعا گهرن ٿيون، شل! خير عافيت سان ماڳ ڏانهن موٽي اچي!؟

سوال ھيءَ آھي ته سنڌ م وڌندڙ روڊ حادثن جا ڪهڙا سبب ۽ ڪارڻ آھن؟ اسان جڏھن انهن سوالن تي ويچاريون ٿا ته اسان جي ذھن جي زمين تي ڪيترائي سوال ڊوڙون پائي، اچي بيهن ٿا، سوچ ويچار ڪرڻ، مشاھدو ۽ جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪيترائي سوال، سبب ۽ ڪارڻ ڪنڌ کڻي سامهون نظر ايندا، پر جن منجهان چند ھيءَ آھن، روڊس کاتي ۽ ايريگيشن کاتي سميت سمورن لاڳاپيل ادارن جي ڪوتاهي ۽ لاپرواهيءَ، روڊن جي بدتر ۽ خراب حالتون، ڊرائيونگ جي حوالي سان ناتجربيڪاري ۽ منشيات جي واھپو، ننڍي عمر جي ٻارڙن جو ڊرائيونگ ڪرڻ، ايڪسپائر سيلينڊر، اوور لوڊينگ، تيز رفتاريءَ، لاپرواهيءَ ۽ بي احتياطي ۽ ٻيا به سبب آھن، جن جي ڪري اسان کي ھر روز ڪو نه ڪو ۽ ڪٿي نه ڪٿي روڊ حادثو ٿيڻ جو اطلاع ملي ٿو، اخبار جي ڪاغذ جي سيني کان وٺي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اسڪرين تائين ۽ سوشل ميڊيا جي وسيلي اھڙيون دکدائڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ خبرون پڙھڻ جي لاءِ ملنديون رھن ٿيون، نتيجن افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته اھڙن حادثن سنڌ جي ماڻهو کي ذھني طور نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو آھي.

مون سنڌ ۾ اڪثر ڪري ڏٺو آھي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن سميت سموري سنڌ ۾ والدين پاران پنهنجي اُولاد کي گاڏيون وٺي ڏيڻ يا وري عارضي طور ھلائڻ جي لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون، جيڪي ھلائيندي نظر اچن ٿا، ۽ انهن ۾ گهڻو تڻو موٽرسائيڪل ھوندي آھي، جيڪي اسڪول تي وڃڻ يا اچڻ، گهمندي ڦرندي ھلائيندي ڏسجن ٿا، والدين پنهنجي اُولادن کي مصروفيت کان يا وري ٻارڙن جي فرمائش ۽ ضد جي ڪارڻ انهن کي گاڏي ھلائڻ جي لاءِ ڏين ٿا، ڊرائيونگ جي باقاعده سکيا ۽ اصول ھوندا آھن، جن جو خاص خيال رکڻو پوي ٿو، ٻارڙا اھڙي سکيا ۽ ڊرائيونگ جي اصولن کان اَڻ واقف ۽ اَڻ ڄاڻ ھوندا آھن، انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه ھيءَ آھي ته والدين اھڙين حساس ۽ اھم ڳالهين کي نظر انداز ڪري ڇڏين ٿا، ۽ پوءِ انهن جي اُھا لاپرواهيءَ ۽ غير ذميواريءَ سندن جي لاءِ پريشانيءَ، پڇتاءُ، غم ۽ صدمي جو سبب بڻجي وڃي ٿي، جڏھن اسان سموري سنڌ ۾ روڊ ايڪسيڊنٽ جي صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته اسان کي گهڻي کان گهڻا ايڪسيڊنٽ ” ٻارڙن” جا ٿيندي، رپورٽ ٿيندا آھن، ھن ڳالهه کان ڪو به انڪار ڪونهي ته زندگيءَ ۽ موت، الله تعاليٰ جي ذات ھٿ وس آھي، پر ھن ڳالهه جو مقصد ھيءَ ڪونهي ته اسان ڊرائيونگ جي سکيا ۽ اصولن جو خاص خيال نه رکون، ۽ نه وري پنهنجي ٻچڙن ۽ اُولادن کي اُن حوالي سان ھدايت ۽ نصيحت ڪريون، توڪل! جي گاڏيءَ کي ڌڪيندا رھون، جيڪو نصيب ۾ لکيل ھوندو، اُھو ئي ٿيندو، جهڙي سوچن ۽ خيالن تي ڳنڍ ٻڌي ويهي رھون، تنهنڪري آئون سمجهان ٿو ته اُولاد جو خيال رکڻ والدين جي ذميواريءَ ۽ فرض ھوندو آھي ته پنهنجي اُولاد کي گاڏيءَ ھلائڻ جي سکيا، اصول ۽ آداب سيکارڻ گهرجن، ته جيئن ٻارڙن کي بي احتياطيءَ ۽ لاپرواهيءَ جهڙن روين کان بچائي سگهجي.

جيئن آئون  مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان ته سنڌ ۾ اڪثر ڪري روڊ حادثن جا واقعا گهڻي کان گهڻا رپورٽ ٿيندا آھن، لڱ ڪانڊاريندڙ گهرن ۽ دلين جي اڱڻ تي سوڳواري جي موسم کڻي ايندڙ واقعا ڪنهن عذاب کان گهٽ نه ھوندا آھن، اھڙي صورتحال کان اخبار جو سينو ڀريل ملي ٿو، ٽي وي چينلن روز ڳوڙھا ڳاڙيندي ڏسجن ٿيون، سوشل ميڊيا تي ڪنهن نه ڪنهن جي وال تان اپلوڊ ٿيل پوسٽ تي تعزيت جو تڏو وڃايل ملي ٿو، پر انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه ھيءَ آھي ته سنڌ حڪومت، ٽرانسپورٽ، روڊس ۽ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي ذھن جون اکيون کلي ناھين سگهيون، اگهور ننڍ جا ڄارا سندن ذھين ۽ اکين تي ڄمي ويا آھن، ٿيڻ اَئين گهرجي ته سنڌ حڪومت سميت مذڪورہ ادارن کي مٿي ڄاڻايل سبب ۽ ڪارڻن کي حل ڪرڻ گهرجي، مثال طور روڊن جي بدتر ۽ خراب حالت، روڊن جي ٻنهيءَ پاسن کان وڌيءَ ايندڙ ديوين ۽ ٻين وڻن جو روڊ تي پکيڙجي وڃڻ، ايڪسپائر سلينڊر، سيکڙاٽ ڊرائيورن، منشيات جي استعمال، ٻارڙن جي ڊرائيونگ ۽ تيز رفتاريءَ جهڙن مسئلن تي توجهه ڏئي حل ڪيو وڃي، ھيءَ اھڙيون ڳالهيون آھن، جيڪي بظاهر اسان کي ننڍيون ۽ سطحي لڳن ٿيون، پر واقعن جون بنيادي ڪارڻ بڻجن ٿيون، جن تي خاص ڌيان ڏيڻ ضرورت آھي

مشاھدي مان گذريو آھي ته اسان وٽ ڊرائيونگ جي باقاعده سکيا ۽ اصول جي ڄاڻ نه ورتي ويندي آھي، مثال طور جيڪڏهن ڪو شخص اسٽينگ تي ويٺو، ھو اُھو سمجهي ٿو ته ” مون ڊرائيونگ سکي ورتي” ايئن ناھي، ھن سان گڏ ڪافيءَ ڳالهين جو خيال رکڻو پوي ٿو، جيئن روڊن جي حساب سان اسپيڊ ڏيڻ ۽ گهٽائڻ، مک روڊ ڏانهن ڳوٺن مان نڪرندڙ لنڪ روڊن جو خيال رکڻو پوي ٿو، موڙ جي دوران اسپيڊ کي گهٽائي ڇڏڻ ۽ ڪراسنگ نه وٺڻ، اوور ٽيڪنگ، ڊرائيونگ ڪرڻ مهل منشيات ۽ موبائيل جو استعمال نه ڪرڻ، اُوجاڳي جي حالت ۾ ڊرائيونگ نه ڪرڻ، موٽرسائيڪل ۾ اضافي لڳل تيز بتين جو استعمال گهٽ ڪرڻ، ساڄي ۽ کاٻي جي اينڊي گيٽر جي استعمال ڪرڻ جو خيال رکڻو پوي ٿو، ھيءَ اھڙيون ڳالهيون آھن، جيڪي بظاهر ننڍيون، سطحي ۽ عام رواجي لڳن ٿيون، جن جي حوالي سان اسان کي اَئين لڳندو آھي ته "جيڪو گاڏيءَ ھلائيندو، ظاھر آھي ته اُھو انهن ڳالهين جو خاص خيال رکندو” پر سنڌ ۾ ٿيندڙ روڊن حادثن ۽ ايڪسيڊنٽ جي واقعن جي سببن ۽ ڪارڻن تي غور ويچار ڪرڻ کان پوءِ چڱي رپت پروڙ پوي ٿي ته ڄاڻايل  ڳالهيون ٿيندڙ واقعن جو سبب ۽ ڪارڻ ضرور بڻجن ٿيون.

اسان وٽ ڊرائيونگ جي باقاعده سکيا ۽ اصول جي ڄاڻ نه ورتي ويندي آھي، مثال طور جيڪڏهن ڪو شخص اسٽينگ تي ويٺو، ھو اُھو سمجهي ٿو ته ” مون ڊرائيونگ سکي ورتي” ايئن ناھي، ھن سان گڏ ڪافيءَ ڳالهين جو خيال رکڻو پوي ٿو، جيئن روڊن جي حساب سان اسپيڊ ڏيڻ ۽ گهٽائڻ، مک روڊ ڏانهن ڳوٺن مان نڪرندڙ لنڪ روڊن جو خيال رکڻو پوي ٿو، موڙ جي دوران اسپيڊ کي گهٽائي ڇڏڻ ۽ ڪراسنگ نه وٺڻ، اوور ٽيڪنگ، ڊرائيونگ ڪرڻ مهل منشيات ۽ موبائيل جو استعمال نه ڪرڻ، اُوجاڳي جي حالت ۾ ڊرائيونگ نه ڪرڻ جو خيال ناهي ڪيو ويندو.

، اُھو انهن ڳالهين جو خاص خيال رکندو” پر سنڌ ۾ ٿيندڙ روڊن حادثن ۽ ايڪسيڊنٽ جي واقعن جي سببن ۽ ڪارڻن تي غور ويچار ڪرڻ کان پوءِ چڱي رپت پروڙ پوي ٿي ته ڄاڻايل  ڳالهيون ٿيندڙ واقعن جو سبب ۽ ڪارڻ ضرور بڻجن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.