عزم استحڪام ۽ عدم استحڪام واري سياست

تحرير: عباس پٺاڻ

هن ملڪ جو وڏو الميو اهو آهي ته ڏکيو وقت مٿان اچڻ تي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا آهن ان دوران چيو ويندو آهي ته ايندڙ وقت ۾ اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي جو وري هن صورتحال مان گذرڻو نه پوندو پر جڏهن حالتون ڪجهه بهتر ٿي وينديون آهن ۽ ڏکيائي مان ٻاهر نڪري ايندا آهيون ته معاملي جو مستقل حل ڳولڻ واري ڳالهه وسري ويندي آهي ان ڳالهه جي عڪاسي حڪومت طرفان اعلانيل عزم استحڪام آپريشن ڪري رهيو آهي.

هي آپريشن چين جي طرفان سي پيڪ جي حوالي سان سڪيورٽي تي خدشن کانپوءِ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو چين جي واپار واري وزير ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جو دورو ڪيو جنهن دوران هن سياسي توڙي عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ سي پيڪ جي رهيل رٿائن کي مڪمل ڪرڻ ۽ نون منصوبن تي ڪم شروع ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. انهن ملاقاتن دوران چين جي اڳواڻن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهش ته ظاهر ڪئي پر چين جي وزير واضح طور تي چيو ته سڪيورٽي جي بهتر انتظامن سان ئي ترقي ڳنڍيل آهي پاڪستان جي وزيراعظم چين جي اڳواڻن جون ڳالهيون ٻڌي فوري طور تي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس سڏائي ورتو جنهن ۾ وزيراعظم، صوبن جي وڏن وزير ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي ان وچ ۾ ملڪ جي امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ان گڏجاڻي ۾ خاص طور تي اها ڳالهه سامهون آئي ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي سان گڏ انتهاپسندي جي ڪري امن امان داءَ تي لڳل آهي ان ڪري ملڪ کي انهن مرضن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ آپريشن جي ضرورت آهي جنهن جي ڪري عزم استحڪام جي نالي سان ملڪ ۾ آپرِشن شروع ڪيو وڃي.

هي ڪو پهريون ڀيرو دهشتگردي جي خلاف آپريشن نه پيو ڪيو وڃي پر ان کان اڳ سوات جي سرزمين تي حڪومتي عملداري چيلنج ٿيڻ بعد سيڪيورٽي ادارن طرفان آپريشن ڪيو ويو  جنهن م ادارن کي ڪاميابي حاصل ٿي. ان کانپوءِ وقت سر ٿيندڙ دهشتگردي تي ضرب عضب، ردالفساد، راهه نجات سميت ڪجهه ٻيا آپريشن ڪيا ويا انهن آپريشنز ۾ خاص طور تي اهي علائقا ٽارگيٽ رهيا جيڪي افغانستان جي سرحد جي ويجهو آهن پاڪستان ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي اڪثر واقعن م افغان سرزمين جي استعمال ٿيڻ جي شاهديون هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ واقعن م پابندي پيل تحريڪ طالبان جي ملوث هجڻ جون به شاهديون پيش ڪيون آهن.

ملڪ اندر دهشتگردي جا ته ڪيترائي جيءُ جهوريندڙ واقعا ٿيا آهن پر 16 ڊسمبر 2014ع تي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٿيل دهشتگردي هر ذهن تي اهڙي ريت نقش ٿي وئي آهي جو اهو ڏينهن ڪنهن کان به وسري نه ٿو سگهي. ان واقعي ۾ معصوم ٻارڙن سميت لڳ ڀڳ پوڻا 2 سئو ڄڻن شهادت جو جام پيتو هو ان کانپوءِ ان وقت جي وزيراعظم نوازشريف هڪ اجلاس سڏايو جنهن ۾ ملڪ جي گهڻي ڀاڱي سياسي قيادت سان گڏ عسڪري اڳواڻن به شرڪت ڪئي جنهن ۾ ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، قومي ايڪشن پلان ترتيب ڏنو ويو جنهن تحت ملڪ مان ڏوهارين جي خاتمي جي رٿابندي ڪئي وئي ايڪشن پلان تي عمل لاءِ اپيڪس ڪميٽيون قائم ڪيون ويون جن جو وجود اڄ تائين آهي پر انهن کي غيرفعال رکڻ ڪري دهشتگردي جا واقعا ٿيندا رهيا.

اهڙن واقعن بعد ڪجهه سياسي اڳواڻ ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ تي دانهون ڪندا رهيا پر حڪومتن انهن کان ڪن لاٽار ڪئي جنهن جي ڪري دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر مستحڪم ٿيا ان سان گڏ ملڪ مان دهشتگردي جون پاڙون نه پٽجڻ جو ڪارڻ تحريڪ انصاف جي دور ۾ پابندي پيل ٽي ٽي پي سان واسطو رکندڙن کي رعايت ڏيڻ به قرار ڏنو پيو وڃي.

عزم استحڪام آپريشن جي حوالي سان وزيراعظم شهبازشريف جو چوڻ آهي ته هن آپريشن جو مقصد ملڪ ۾ جٽادار امن قائم ڪرڻ سان گڏ انتهاپسندي جو خاتمو آهي آپريشن سان ڪنهن به علائقي مان لڏپلاڻ نه ٿيندي نه وري شهرين کي پريشان ڪيو ويندو. دهشتگردن جو خاتمو ٿي چڪو آهي پر صرف ڪجهه ماڻهو حالتون خراب ڪري رهيا آهن جن کي سيکت ڏيڻ لآءِ آپريشن ڪريون پيا، شهبازشريف جي انهيءَ موقف سان اپوزيشن جون جماعتون سهمت ٿيڻ لاءِِ تيار ئي نه آهن پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، اي اين پي سميت اپوزِشن جي اڪثر جماعتن جو چوڻ آهي ته آپريشن جي ڪنهن به ريت حمايت نه ڪنداسين اڳ به آپريشن ڪيا ويا انهن جا به نتيجا نه نڪتا. هن آپريشن جو به ڪو فائدو نه ٿيندو. ڏسجي ته اپوزيشن جي جماعتن جو اهو موقف پختو آهي بلڪل عزم استحڪام کان اڳ لڳ ڀڳ 6 آپريشن ٿيا آهن انهن جي باوجود دهشتگردي جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي ان جو وڏو ڪارڻ رياست جي بي وسي آهي، قومي ايڪشن پلان تحت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جيڪي مول متا جوڙيا ويا هئا انهن ۾ مدرسن جي مانيٽرنگ، سرحدن تي سڪيورٽي جو نظام بهتر بڻائڻ صوبائي حڪومتن کي دهشتگردن جي نيٽ ورڪس جو پتو لڳائي انهن کي ٽوڙڻ هو پر ادارن ان حوالي سان پنهنجون ذميواريون نڀائڻ کان ڪن لاٽار ڪئي ۽ حڪومتن غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو جنهن جي ڪري ملڪ مان نه دهشتگردي جون پاڙون پٽجي سگهيون ۽ نه وري انتهاپسندي جو انت اچي سگهيو.

توهين مذهب واري الزام هيٺ ملڪ ۾ ڪيترائي واقعا ٿيا جن م 2021ع ۾ سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري پريانٿا جو هجوم هٿان بيدردي سان قتل هو ان واقعي کانپوءِ حڪومتي توڙي رياستي ادارن اهڙيون ته ڦڙتيون پئي ڏيکاريون جو قوم کي تسلي ملي ته هاڻي ملڪ ۾ ڪوبه اهڙو واقعو نه ٿيندو جنهن سان قوم جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي پر ان کانپوءِ پنجاب ۾ مسيحي برادري جي گهرن مٿان حلا ڪيا ويا وري ويجهڙائي ۾ ڪي پي جي مدين واري علائقي ۾ توهين مذهب جي الزام هيٺ پوليس جي تحويل مان هڪ شخص کي ڇڏائي تذليل بعد قتل ڪيو ويو. ان واقعي کانپوءِ دنيا ڏانهن وڌيڪ پيغام ويو ته پاڪستان ڪنهن به لحاظ کان پرامن ملڪ نه آهي جيڪڏهن اسان پنهنجي وطن کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي مان آجو نه ڪرايو ته مستقبل ۾ وڌيڪ ڏکيائيون ڏسنداسين ان ڪري حڪومت سميت سمورن رياستي ادارن توڙي سياسي جماعتن کي گڏ ويهي حڪمت عملي تيار ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو بلوچستان جو معاملو الڳ آهي، قبائلي علائقن جي ماڻهن کي به اعتراض آهن جتي اپوزيشن جماعتون جرڳو ڪوٺائي اتان جي رهواسين جي خدشن کي نروار ڪيو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي آهي پر ان جي خاتمي لاءِ بنا مصلحت ۽ رعايت جي حڪمت عملي جوڙي عزم استحڪام ۽ عدم استحڪام واري سياست کي ترڪ ڪري مستحڪم پاڪستان ڏانهن وک وڌائڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.