ڇا حالتون مڊٽرم چونڊن طرف وڃن پيون؟

تحرير: حبيب ٽالاڻي

ملڪي حالتون هن وقت انتهائي غير يقيني واري صورتحال جي ور چڙهيل آهن حڪومت هن وقت سياسي معاشي سيڪيورٽي توڙي عدالتي مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ توڙي جو پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت کي حڪومت سازيءَ ۾ حمايت ڪري رهي آهي پران هوندي به نه ئي پيپلزپارٽي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿي رهي آهي ۽ نه وري پيپلزپارٽي قيادت اسان کي اهم حڪومتي فيصلن ۾ شامل نظر اچي پئي توڙي جو وزيراعظم شهبازشريف صدرآصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان ملاقاتون ڪري وفاقي ڪابينا ۾شامل ٿيڻ لاءِ چوندو رهيو آهي پرپيپلزپارٽي وارن هن مهل تائين وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو نه ئي حڪومت سازي ۾ حڪومت جي ويجهو نظراچن پيا. اهو صرف انڪري ته پيپلزپارٽي سمجهي ٿي ته جيڪڏهن موجودا حڪومت جي مشڪل فيصلن ۾ شامل رهياسين ته پوءِ هن حڪومت جي ڪيل  فيصلن سبب مستقبل ۾ اسان لاءِ عوامي سطح تي مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون ان ڪري پيلپزپارٽي بجيٽ سميت اهم حڪومتي فيصلن ۾ حڪومت جي حمايت ته ضرور ڪري رهي آهي پر فيصلا ڪرڻ يا پاليسي سازيءَ واري مرحلي ۾ حڪومت کان پري بيٺي آهي بجيٽ ان جو واضع ثبوت آهي.

پيپلزپارٽي بجيٽ جي مخالفت ڪري پنجاب اندر پاور شيئرنگ وارو پنهنجو مسئلو حل ڪرائي ورتو آهي پ پ قيادت جي اهڙي پوزيشن مان اها ڳالهه واضع ٿي پئي آهي ته پيپلزپارٽي وفاقي سرڪار ۾ شامل ٿيڻ بدران صوبن ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي خاص ڪري پنجاب صوبي ۾ توڙي جو هن وقت نوازليگ پنجاب ۾ پاورشيئرنگ بابت پيپلزپارٽيءَ جا تمام مطالبا تسليم ڪري ورتا آهن پر سوال اهو آهي ته ڇا بجيٽ پاس ڪرائڻ بعد پنجاب ۾ پاورشيئرنگ بابت پ پ سان ڪيل واعدا پورا ڪيا ويندا؟ ان جو دارومدار ويجهي مستقبل ۾ ملڪي سياست ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن تي هوندو پي ٽي آءِ مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي سني اتحاد جي پليٽ فارم تان مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن توڙي پشاور هاءِڪورٽ ۾ ناڪاميءَ بعد وڃي سپريم ڪورٽ پهتي آهي جتي فل ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي هلي رهي آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سپريم ڪورٽ مان ڪهڙو فيصلو اچي ٿو جيڪڏهن سپريم ڪورٽ مان پي ٽي آءِ کي رليف ملي وئي ته پوءِ ملڪي سياسي حالتون وچ مدي وارين چونڊن طرف وينديون ان ڪري ته پي ٽي آءِ کي هيڏيون ساريون مخصوص سيٽون ملڻ بعد قومي اسيمبليءَ ۾ حڪومت لاءِ وڏيون مشڪلاتون پيدا ٿينديون قانونسازيءَ کي ته ڇڏيو ايوان کي هلائڻ به حڪومت لاءِ مشڪل بڻجي ويندواهڙي صورتحال ۾ هڪ پاسي پي ٽي آءِ حڪومت جي مٿي ۾ سور وجهندي ٻئي پاسي پ پ جا پنجاب بابت فرمائشون مٿان وري ملڪ ۾ عزم استحڪام آپريشن وارو اشوءَ بجيٽ سبب پيدا ٿيندڙ مهانگائي سبب عوامي ردعمل اهي سڀ اهڙيون شيون آهن جن کي منهن ڏيڻ شهبازشريف جي وس ۾ نه هوندو هاڻي سان ئي آپريشن عزم استحڪام تي جي يو آئي جمائت اسلامي اي اين پي توڙي پي ٽي آءِ هڪ پيج تي بيٺيون آهن ۽ آپريشن جي مخالفت ڪن پيون مولانا کي راضي ڪرڻ لاءِ وزيراعظم هن جي گهر ويو پر اهو به ڪم نه آيو مولانا نيون چونڊون ڪرائڻ کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ٻڌي ئي نه ٿو مٿان وري آپريشن عزم استحڪام سڀني حڪومت مخالف جمائتن کي هڪ پيج تي آڻڻ جو سبب بڻجي رهي آهي جنهن سبب پڻ حڪومت لاءِ منجهارا پيدا ٿي رهيا آهن.

اهڙي صورتحال ۾ نوازليگ وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه هوندو ته قومي اسيمبليءَ کي ٽوڙي مڊٽرم چونڊون ڪرايون وڃن هونئن به ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن بابت سڄي دنيا کي خدشا آهن بجيٽ اشو مخصوص سيٽن وارو اشو آپريشن اشو مالي مشڪلاتون ۽ وري اهم ڳالهه ته پ پ جو رڳو حڪومت سازيءَ ۾ مدد ڪرڻ حڪومتي فيصلن کا پري رهڻ يقينن نوازليگ قيادت کي سوچڻ لاءِ مجبور ٿيندي ته ڇا ڪجي؟

اهو به ممڪن آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ملي ويون ته شهبازشريف سني اتحاد ڪائونسل کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏيئي پنهنجي جان ڇڏائي وڃي اهو نامڪن ناهين بلڪل ائين ٿي به سگهي ٿو سياست ۾ هر شئي جائز هوندي آهي هونئن به ڪجهه هفتا اڳ وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُالله هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ڳالهائيندي چيو ته اسان جي حڪومت پنج سال پورا ڪري يا نه  ڪري اسانجي اها خواهش آهي ته اسيمبلي مدت پوري ڪري اهڙي بيان مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته نوازليگ ذهني طور تي حڪومت کان الڳ ٿيڻ لاءِ تيار آهي يا تياري ڪري رهي آهي ٻئي پاسي ڪجهه هفتا اڳ سنڌ جي صوبائي وزير منظور وساڻ اها ڳالهه ڪئي ته مستقبل ۾وزير اعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيندو ان ڳالهه مان پيپلزپارٽي جي سوچ جي پڻ عڪاسي ٿي رهي آهي.

بهرحال ايندڙ ڏينهن ۾حڪومت کي وڏين  مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو موجودا بجيٽ به حڪومت جي ڳچي ۾ ڪنڊي جيئان ڦاسي پيو آهي هاڻي ته وزيراعظم شهبازشريف قومي اسيمبليءَ ۾ اهو اعتراف ڪري ورتو آهي ته اسان آئي ايم ايف سان گڏجي بجيٽ تيار ڪئي آهي جنهن سان ملڪ ۾ هڪ نئون بحث ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ گوڙ شروع ٿيندو. بجيٽ پاس ٿيڻ کان پوءِ جيڪو مهانگائي جو طوفان کڙو ٿيندو اهڙي صورتحال سبب آزاد ڪشمير ۾ جيڪو ٿيو هو يا جيڪو هاڻي ڪينيا ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي جيڪڏهن اهڙو ڪجهه اسان وٽ ٿيو ته پوءِ نه حڪومت بچندي نه حڪومتون ٽاهيندڙ بچندا ڪير به ڪنهن کي بچائي نه سگهندو. بس ٿورو انتظار جي ضرورت آهي ڏسجي ته مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ مان ڪهڙو فيصلوٿو اچي پوءِ ملڪي سياسي حالتون نروار ٿي وينديون ته ملڪ ۾ ڇا ٿو ٿئي پر اهو طئي آهي شهبازسرڪار جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿيڻ وارا آهن آپريشن عزم استحڪام بجيٽ اشوءَ توڙي ايندڙ مهنگائي حڪومت لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهن انهن اشوز مان حڪومت ٻاهر نڪتي ته پوءِ حڪومت ڪجهه وقت تائين رهي سگهي ٿي جيڪڏهن حڪومت انهن اشوز مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ناڪام رهي ته پوءِ حڪومت جو الله حافظ هوندو ۽ مڊٽرم چونڊون اڻٽر هونديون.

نوازليگ وفاقي حڪومت مان هٿ ڪڍي ويندي باقي صوبائي اسيمبليون برقرار رهنديون اهڙي صورتحال جڙڻ سان به پيپلزپارٽي جو نقصان ناهي حڪومت نوازليگ جي ويندي صدرزرداري پنهنجي عهدي تي برقرار رهندو سينيٽ چيئرمين به برقرار رهندو باقي نين چونڊن بعد جيڪا پارٽي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آئي پيپلزپارٽيءَ کي ان سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ ڪي به مشڪلاتون پيش نه اينديون پوءِ کڻي پي ٽي آءِ اقتدار ۾ ڇو نه اچي. زرداري مفاهمت جو بادشاهه آهي هو ڪنهن به پارٽي سان گڏ هلڻ ڄاڻي ٿو بس سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي ان بعد ئي سياسي حالتون ظاهر ٿي سامهون اينديون ته مستقبل ۾ڇا ٿيندو؟ پر هتي اهو نه وساريو وڃي ته هي اسان جي ملڪ جي سمجهه ۾ نه ايندڙ سياست آهي هتي ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿيڻ واري آپشن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. هتي ٿيندڙ شيون رهجي وينديون آهن ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن نه ٿيندڙ شيون ٿي وينديون آهن

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.