سواليه نشان بڻيل وفاقي بجيٽ

تحرير: منظور کوسو

هر سال جيان هن سال به اعتراضن،اختلافن ۽ تحفظات جي باوجود وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ نعريبازي جي گونج ۾ 18877ارب جو بجيٽ 8500 ارب روپين جي خساري سان پارليامينٽ ۾ پيش ڪري سک جو ساهه کنيو۔ڪنهن به حڪومت لاءِ  بجيٽ پيش ڪرڻ هڪ ڪٺن امتحان هوندو آهي جنهن مان ڪاميابي سان گذري وڃڻ هو پنهنجي لاءِ  هڪ وڏو اعزاز سمجهندا آهن۔ماڻهو سک جو ساهه کڻن يا نه کڻن اهو حڪمرانن جي مٿي جو سور ناهي۔ماڻهو سالن کان سسڪي سسڪي تڙپي تڙپي پيا جيون گذارين حڪمرانن کي پڪ آهي ته پوءِ  به پيا گذاريندا يا”گذاري“ ويندا،سندن صحت تي ڪوبه اثر ڪونه پوندو ۽ نه ڪڏهن پيو به اٿن۔2023 ۾ عوام جيترو ڀوڳيو آهي 2024-25 جي بجيٽ ۾ انهن کي اوترو رليف ڪين ڏنو ويو آهي۔

ورلڊ بيورو آف اسٽيٽڪس پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته 2023 ۾ مهانگائي جي اعتبار سان29.4في سيڪڙو شرح سان پاڪستان دنيا ۾ ستين نمبر  تي هيو جڏهن ته ونزويلا پهرئين،لبنان ٻئين،شام ٽئين،ترڪي پنجين ۽ مصر ڇهين نمبر تي رهيو۔حيرت جي ڳالهھ هي آهي ته 9/11 واري واقعي کانپوءِ  امريڪا جي اڳواڻي ۾ ويھ سال افغانين مٿان بارود جي باه وسندي رهي گهڻو ڪجھه  تباه ٿي ويو،افغانستان ڄڻڪ نيٽو جي جديد ۽ خطرناڪ بارود جي آزمائش جي ليبارٽري بڻيو رهيو،اڄ ان افغانستان ۾ مهانگائي جي شرح%1- ۽ چين ۾ %0 آهي۔پاڪستان ۾ مئي 2023 ۾ ماڻهو موتمار مهانگائي کي منهن ڏئي رهيا هيا يعني تاريخ جي بلند ترين سطح 38 في سيڪڙو مهانگائي جنهن ماڻهن جو جيئڻ زهر ڪري ڇڏيو مزدور ۽ ”آڻين ۽ چاڙهين“ واري طبقي کي ته هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي پنڻ جهڙو ڪري ڇڏيو ٻي ته ڪنهن آسائش ۽ عيش عشرت جو تصور ئي ڪين هو پر ماڻهو اٽي لاءِ  پريشان هئا۔ڪڻڪ ٻاهر سمگلنگ ٿئي پئي،گدامن ۾ سڙي پئي،فوڊ کاتي جي آفيسرن ڪروڙين اربين روپين جي ڪڻڪ خردبرد ڪئي،ڪڻڪ گودامن ۾ موجود هئي قوم جا اربين روپيا غبن ڪرڻ لاءِ  وري ڪڻڪ برآمد ڪئي وئي ۽ مٿان وري ملڪ ۾ پنهنجو به ڪڻڪ جو ڀرپور فصل لٿو ۽ ڪرپشن جي ان چين قومي خزاني سان گڏ هاريءَ  کي به ناقابل تلافي نقصان پهچايو۔مئي 2023 جي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي سطح بتدريج گهٽجندي مئي 2024 ۾ اچي 12في سيڪڙو تي پهتي اناج ۽ کاڌي پيتي جي شين جا ڪجھه  اگھه لٿا ته ماڻهن ڪجھه  سک جو ساه کنيون پر دوائن جا اگھ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا،چڱو علاج ڪرائڻ غريب ماڻهن جي پهچ کان گهڻو پري ٿي ويو۔38في سيڪڙو واري مهانگائي 12 في سيڪڙو تائين پهچڻ جي باوجود به ماڻهن جي پريشانين ۾ گهٽتائي ڪين آئي بجلي ۽ گئس جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اگهن سبب ماڻهو پريشان آهن ظلم جي حد ٿي وئي جڏهن گذريل سال مئي جي ڀيٽ ۾ هن سال مئي ۾ گئس جي اگهھ ۾ 570 في سيڪڙو اضافو نوٽ ڪيو ويو۔2023 جي انهن حالتن کي ڏسندي جي غور ڪجي ته اتحادي حڪومت جي پهرئين بجيٽ کي عوام دوست بجيٽ چئي نه ٿو سگهجي۔هر طبقي کي ٽئڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي وري به ٽئڪس جو وڏو ٻوجھ سرڪاري ملازمن تي ڦٽو ڪيو ويو %25 پگهارون وڌائي وري ٻئي طرف ٽئڪس وڌائي وئي يعني هڪ هٿ سان ڏئي ٻئي هٿ سان واپس ورتو ويو.ايف بي آر جي انگن اکرن موجب ملڪ جا ڏه شعبا اهڙا آهن جيڪي سڀ کان وڌيڪ ٽئڪس ادا ڪن ٿا انهن ۾ سرڪاري ملازم به شامل آهن جن گذريل سال 264 ارب روپيا ٽئڪس ادا ڪيو جڏهن ته 2013 ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن تي 50 ارب روپيا ٽئڪس وصول ٿيو جڏهن ته هلندڙ مالي سال سرڪاري ملازمن کان 330 ارب روپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويندو۔جڏهن به آءِ ايم ايف وڌيڪ ٽئڪس اوڳاڙڻ لاءِ  چئي ٿو ته حڪومت کي سڀ کان وڌيڪ آسان ملازم ٿا نظر اچن جن جي پگهار مان ئي ٽئڪس ڪاٽي وڃي ٿي۔

حڪومت جي پيش ڪيل بجيٽ مان ان جا اتحادي به خوش ڪين آهن خاص ڪري پ پ پ ڪافي ڀيرا پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪري چڪي آهي ۽ بجيٽ اجلاس ۾ پ پ پ جي فقط پنجن ميمبرن شرڪت ڪئي بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه پارليامينٽ ۾ موجود هوندي به اجلاس ۾ نه آيا۔تازو پارليامينٽ ۾ آصفه ڀٽو زرداري بجيٽ تي  اظهار خيال ڪندي وفاقي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي هن کي رد ڪري ڇڏيو۔هن چيو” ته هن بجيٽ ۾ هارين،مزدورن ۽ غريبن لاءِ  ڪجھه  به ڪين آهي۔بجيٽ عوام جي نمائندگي ڪونه ٿو ڪري ڇا پاڪستان جا ماڻهو هن عوام دشمن بجيٽ جا مستحق آهن!“۔بهرحال اتحادي حڪومت جي هڪ وڏي پارٽي جڏهن بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏئي چڪي آهي ته پوءِ  هن کان وڏو ٻيو ڪهڙو مضبوط دليل ٿي سگهي ٿو ته واقعي هن بجيٽ ۾ غريبن لاءِ  جيڪي ڪافي سالن کان وٺي مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ   جي چڪي ۾ پسبا رهيا آهن ڪا ڳائڻ جهڙي ڳالھه ڪين آهي۔

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.