انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام غريب عورتن جي مالي مدد جو هڪ چڱو پروگرام آهي ۽ پ پ جي حڪومت جو مقبول پروگرام آهي پر ساڳي وقت بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ جا پيسا وٺڻ لاءِ غريب عورتن جي جيڪا تذليل ٿيندي آهي تنهن سان هن پروگرام جي بدنامي به گهڻي ٿي آهي. ميڊيا تي پوءِ اها پرنٽ هجي يا اليڪٽرانڪ ان تي بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تي گهڻو ڪجهه ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي، ان پروگرام ۾ بهتري لاءِ ڪيتريون ئي سگهاريون تجويزون ڏنيون ويون آهن پر افسوس ته انهن تجويزن تي عمل ڪري عورتن جي مالي سهائتا واري هن پروگرام تحت عورتن کي عزت سان وظيفو ملڻ بجاءِ صورتحال خراب کان خراب ئي ٿيندي رهي آهي.
ان پروگرام جي حوالي سان غريب عورتن جون جيڪي شڪايتون ۽ دانهون آهن تن جو الڳ داستان آهي. انهيءَ حوالي سان سوشل ميڊيا تي غريب عورتن جون دانهون ۽ شڪايتون موجود آهن. سوشل ميڊيا تي غريب عورتن جي شڪايتن ۾ جيڪو آواز شدت سان ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي تنهن ۾ هڪ سگهارو آواز بدين جي هڪ ڳوٺ جي غريب ۽ بزرگ عورت حاجاڻي شيدي جو پڻ آهي جيڪا بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام ۾ عورتن سان ٿيندڙ تذليل جي حوالي سان سڀني مظلوم عورتن جي نمائندگي ڪندي نظر ايندي آهي. سوشل ميڊيا تي ڪجهه نوجوان کائنس رايا وٺندا آهن ۽ هوءَ عورت پنهنجي مخصوص انداز سان مسئلن جي نشاندهي ڪندي آهي جنهن کي وڏي پئماني تي ٻڌو ويندو آهي ۽ سندس اهي ويڊيو ڪلب وائرل ٿيندا آهن. هڪ ڪمينٽ ۾ هوءَ چوندي نظر اچي ٿي ته انڪم سپورٽ پروگرام ڏيندڙ مقامي انتظاميا جڏهن هر هر عورت کان ان امداد رقم عيوض 1500 روپيا وٺي ٿي ته پوءِ سندن لاءِ اها امدادي رقم عزت سان وصول ڪرڻ جو انتظام به ته ڪري نه. اسان غريب عورتون ڏورانهن علائقن کان ڀاڙا خرچ ڪري اچون ٿا ته ويهارڻ جو به ڪو انتظام ناهي. تنبو هڻي ڇانو جو به بندوبست نٿو ڪيو وڃي نه ئي ويهڻ لاءِ ڪرسيون آهن نٽهڻ اُس ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاريو وڃي ٿو. پاڻي جو به انتظام ناهي هوندو.
اهڙي صورتحال ۾ وري سروس نه هلڻ جو بهانو ڪندي چوندا ته پيسا ناهن پهتا باقي 1500 جي ڪٽوتي ضرور ڪندا. وري ڪڏهن اڌ پيسا ڏئي وري ٻئي ڀيري ڌڪا ٿاٻا کائڻ جو چوندا. سندس چوڻ ته پهرين هوءَ بينڪ مان امدادي رقم ڪڍائيندي هئي پر گذريل ٽن سالن کان اها رقم دڪاندارن جي ذريعي ڏني وڃي ٿي جنهن ان معاملي کي تمام گهڻو خوار ڪري ڇڏيو آهي. اڪثر عورتن جا عملي سان جهيڙا يا عورت جا قطار ۾ پهريون بيهڻ تي پڻ مارا ماري ٿيندي آهي جهن ۾ ڪيتريون ئي عورتن زخمي ٿي رتورت ٿي واپس موٽي وينديون آهن. اها صورتحال هرجاءِ تي هوندي آهي. رمضان مهيني ۾ روزن ۾ به خيال ناهن ڪندا. ڪڏهن ڪڏهن ته سخت گرمي ۾ بيهي بيهي عورتون بي هوش ٿي وينديون آهن.اهڙي جيئڻ کان بهتر آ ته آپگهات ڪري ڇڏجي.
سو بهتر اهو آهي ته بينڪ اندر اڪائونٽ کولي هر عورت کي خودمختيار ڪيو وڃي ته جيئن اها جڏهن چاهي پيسا ڪڍرائي يا بينڪ ۾ سندس اڪائونٽ ۾ محفوظ رهن جيئن اهي نٽهڻ اُس ۾ قطارن ۾ بيهڻ واري تذليل کان بچي سگهن. مان پنهنجي ڪالم ذريعي حڪومت کي صلاح ڏيندس ته ان معاملي تي غور ڪيو وڃي۽ عورتن کي اها امدادي رقم بينڪ ذريعي عزت ۽ آبرو سان ڏياري وڃي.
بهتر اهو آهي ته بينڪ اندر اڪائونٽ کولي هر عورت کي خودمختيار ڪيو وڃي ته جيئن اها جڏهن چاهي پيسا ڪڍرائي يا بينڪ ۾ سندس اڪائونٽ ۾ محفوظ رهن جيئن اهي نٽهڻ اُس ۾ قطارن ۾ بيهڻ واري تذليل کان بچي سگهن.