ٻوڏ جي امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظام ڪيا وڃن

آبڪلاڻي جي هڪ موسم آهي جنهن دوران درياءَ ۾ چاڙهه ايندي آهي ۽ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيندي آهي. هر سال بچاءَ بندن، گيٽن ۽ شاخن جي ڪپرن جي مرمت لاءِ لکين رپيا بجيٽ رکي ويندي آهي ته جيئن  ٻوڏ دوران  ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهجي.

انسان هر موسم کي منهن ڏيڻ ۽ ان جي خطرن کان خود کي محفوظ رکڻ لاءِ اڳواٽ ئي جوڳو بندوبست ڪندا آهن، مثال طور جيئن سياري جي سرد راتين کان بچڻ لاءِ گهر جي ڪمرن ۽ ڇتن جي ضروري مرمت ڪرائي ويندي آهي ته جيئن سردي ۽ سياري جي برساتن کان پاڻ کي بچائي سگهجي ۽ اهڙي ريت وري اونهاري جو گرمي کان بچڻ لاءِ ڇانو وغيره جو  پڻ انتظام ڪيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ موسم جي گرمي يا سردي بابت اسان اڳ ۾ئي آگاهه هوندا آهيون، پر اهو انتظامي نااهلي ۽ ڪرپشن جو ئي نتيجو آهي جو موسمون به اسان لاءِ قدرتي آفتون بڻجي اينديون آهن، جيڪي اسان کي سخت نقصان ڏئي وينديون آهن، جڏهن ته دنيا جي سڌريل ملڪن جون ترقي يافته قومون موسمن کي خوب انجواءِ ڪنديون آهن.

اهڙي ريت آبڪلاڻي جي موسم به پنهنجي مقرر وقت تي ايندي آهي، پر آبپاشي کاتو  جنهن وٽ اربين رپين جي بجيٽ به موجود هوندي آهي پر اهو ان وقت سجاڳ ٿيندو آهي جڏهن پاڻي پل جي مٿان وهڻ شروع ڪندو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان کان اڳ اهو کاتو سڄو سال ڪٿي ۽ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏيندو رهي ٿو؟ سنڌ جا ٻوڏ بچاءُ وارا بند ڏسجن ٿا ته لڳي ٿو ته ورهين کان انهن کي ڪو هٿ ئي نه لڳو آ معنيٰ  ته سنڌ جا سڀ بند اوهان کي ڪمزور نظر ايندا. ڏٺو ويو آهي ته ٿورو به پاڻيءَ جو دٻاءُ اچي ٿو ته ڪمزور بندن ۾ گهارا پئجي ٿا وڃن سو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آبڪلاڻي وارن کي جيڪا بجيٽ ملي ٿي سا ڪٿي ڪتب اچي ٿي؟

سنڌ ۾ ٽي بئراج آهن، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جن مان ڪيئي واهه نڪرن ٿا، جن تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. سنڌ جي ٻيو نمبر سکر بئراج  جنهن جو اٽڪل هڪ هفتو اڳ ۾ ستيتاليهون نمبر گيٽ پاڻي جي وهڪري ۾ لڙهي ويو هو ۽  سکر بئراج مان نڪرندڙ واهن جي پاڻي ۾ لاٿ اچي وئي، جنهن سبب هارين جو پوکيل ٻجارو سڙي رهيو آهي ۽ اهي پڻ رپورٽون آهن ته پاڻي جي کوٽ سبب ڪيترن ئي هنڌن تي ساريالي ٻجاري جي پوکي نه ٿي سگهندي. ڏٺو وڃي ته درياءَ ۾ پاڻي جي ڪا به کوٽ ناهي، پر آبپاشي کاتي جي نااهلي، ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب سنڌ جي هارين جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، جيڪي ڪڻڪ جو مناسب اگهه نه ملڻ ڪارڻ اڳ ۾ ئي معاشي بدحالي جو شڪار آهن، ۽ هاڻ سندن ساريالي مند پڻ ضايع ٿيڻ جو خطرو وڌندو پيو وڃي، ڇو ته سکر بئراج جو لڙهي ويل گيٽ اڃا تائين نه لڳي سگهيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته نااهل آبپاشي عملدارن ۽ هارين جي ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪير ڪندو؟

ميڊيا رپورٽس موجب ته سکر بئراج جي گيٽن کي اربين رپين جو رڳو گريس ڏنو ويو آهي، اندازو ڪريو ته بئراج جي گيٽن جي مرمت تي ڪيترو خرچ ايندو هوندو، جيڪڏهن ان خرچ جو ساليانو ڪاٿو لڳايو وڃي ته معلوم ٿيندو ته پنج سالن دوران في گيٽ تي ان تي قيمت کان به ٻيڻا پيسا ان جي مرمت تي خرچ ڪيا وڃن ٿا.

گڊو بئراج تي پڻ اهڙي طرح ڪيترن ئي سالن کان ڪم هلندڙ آهي، جتي ڳريون مشينون لڳائي ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بند ڪيو ويندو آهي، پر عملي طور تي ڪو خاص ڪم ٿيندي نظر ناهي ايندو ۽ نه ئي اهو ڪم ختم ٿي رهيو آهي، ايترو وقت ته شايد گڊو بئراج جي تعمير وقت به نه لڳو هوندو.

آبپاشي کاتي جي ڪرپشن جون ڪيئي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي ٻڌي ڏندين آڱريون اچيون وڃن پر ان متعلق کانئس ڪير به پڇڻ وارو ناهي.ڪجهه سال پهريان گڊو بئراج مان نڪرندڙ بيگاري سنڌ فيڊر جي پل جيڪا پنجيتاليهه آر ڊي طور مشهور آهي، ان جي رپيئرنگ تي پڻ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا، پر جڏهن پاڻي آيو ته ناقص ميٽريل  استعمال ٿيڻ سبب ان جا ٺل پاڻي جو دٻاءَ برداشت نه ڪري سگهيا ۽ انهن ۾ ڏارون اچي ويون، ۽ سرڪاري خزاني مان  ان تي خرچ ڪيل ڪروڙين رپيا پاڻي ۾ لڙهي ويا، جنهن جي اڄ ڏينهن تائين ڪا به انڪوائري نه ٿي سگهي آهي.

جڏهن پنجيتاليهه آر ڊي جي نئين پل تعمير ڪئي وئي ته پراڻي پل کي فوري طور تي ٽوڙي ان مان حاصل ٿيل لکين ٽن قيمتي لوهه غير قانوني طريقي سان وڪرو ڪيو ويو، خدا نخواسته جيڪڏهن نئين پل به ڪامياب نه ٿئي ها ته سرڪار کي ڪيترو نقصان پهچي ها ۽ سوين ٻهراڙي جا ڳوٺ شهر کان ڪٽجي وڃن ها.

مٿي بيان ڪيل ڳالهه جو مقصد رڳو  ايترو آهي ته آبپاشي نظام ڪنهن به طريقي ڪار ۾ نه پيو هلي.

موسمياتي کاتي پاران هن سال به سخت برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي، جنهن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي  ٿي پر ان کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ڪا به حڪمت عملي جڙندي ته نظر نٿي اچي پر آبپاشي کاتي سميت سنڌ سرڪار پڻ ان کان لاتعلق بڻيل آهي.

سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي کي گهرجي ته ٻوڏ جي امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ جوڳو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن غريب ماڻهو تباهي ۽ در بدري کان بچي سگهن، جن ماضي ۾ سرڪار غفلت سبب زندگي جو تمام وڏو درد ڀوڳي چڪا آهن، جنهن جو تصور ايندي ئي لڱ ڪانڊارجو وڃن ۽ هڪ اڻ ڃاتل خوف ورايو وڃي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.