پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب پهرين جولاءِ کان  پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا 50 پئسا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي، اگهن جي حوالي سان حتمي فيصلو حڪومت 30 جون تي ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت 3 ڊالر في بيرل واڌ سان 84 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 4 ڊالر واڌ سان 95.50 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.