ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ آپريشن عزم استحڪام جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي ڇو ته صوبي ۾ وڏي انگ ۾ بغاوت موجود آهي، بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ به مذهب جي نالي تي بغاوت ٿي رهي آهي پر بلوچستان ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن ۾ بغاوت آهي، جنهن ڪري آپريشن عزم استحڪام جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت بلوچستان ۾ آهي، هن چيو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر جبلن ڏانهن ويندڙ عام بلوچن کي دعوت ڏيان ٿو ته هو اچي پرامن بلوچستان ۾ اچي گڏ ٿين پر رياست جي رٽ کي چيلينج ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته ناراض بلوچن سان ڳالهائڻ لاءِ ان هائوس ڪاميٽي ٺاهڻ تي صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون، مان ذاتي طور تي ان ڳالهه تي پريشان آهيان ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪجن، جيڪي ماڻهو صرف سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي ڪري ماڻهن کي قتل ڪري رهيا آهن، عالمن، استادن، ڊاڪٽرن ۽ عام بلوچن کي جاسوس سمجهي ماريو وڃي ٿو، انهن سان ڪهڙي قسم جون ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، بلوچستان ۾ رياستي رٽ قائم ڪرڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته پڪنڪ پوائنٽ کان اغوا ٿيل 10 ڄڻن جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، جلد خوشخبري ملندي.
-
ٽنڊوآدم ۾ پورهيت جو نادرا عملدارن خلاف احتجاج
ٽنڊوآدم (ن ع آ) ٽنڊوآدم جي بلوچ پاڙي جي رهواسي پورهيت عبدالواحد بلوچ پنهنجي گهرڀاتين گهرواري فوزيه، ڌيئرن نازيه بيبي، زينب ۽ ٻين ٻارڙن سان گڏجي پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي نادرا عملدارن خلاف ٽنڊوآدم پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي هن پاڪ ڪتاب تي هٿ ۾ کڻي ڏکاري انداز ۾ دانهيندي چيو ته اسان ٽنڊوآدم شهر جا ئي رهواسي آهيون ۽ منهنجا 9 ئي ٻار هتي پيدا ٿيا آھن جن جو سمورو رڪارڊ به موجود آھي پر نادرا وارا منهنجي پٽ عبدالقيوم جو ڪارڊ ٺاهي نٿا ڏين، مختلف جواز ڄاڻائي رلائي رهيا آھن، هاڻي چون ٿا سانگهڙ يا ميرپورخاص مان تصديق ڪرائي اچو. اسان غريب ڪرايا ڀري نٿا سگهون، هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪرڻ جي گهر ڪئي.02
-
سکر ۾ سبزي منڊي جي واپارين جو احتجاج
سکر (رپورٽر) سکر ۾ ڏينهن ڏٺي جو سبزي منڊي جي واپاري ۽ سندس پٽ کان لکين رپيا ڦرڪري فرار، ڦرواقعي خلاف سبزي منڊي جي واپارين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بند ڪيو، ان سلسلي ۾ سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد مين سبزي منڊي جي واپاري نديم آرائين پٽ سان گڏ موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته ٻن نامعلوم هٿياربندن ڪلاشنڪوف سان مقامي سبزي جي واپاري نويد آرائين ۽ سندس پٽ کي يرغمال بڻائي 5 لک رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا ڦر واقعي جو اطلاع ملڻ تي واپاري ۽ مزدور سراپا احتجاج بڻجي ويا سبزي منڊي روڊ تي احتجاج ڪندي سکر شڪارپور روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون مظاهرين جو چوڻ هو ته ڦر واقعو پوليس چوڪي جي سامهون پيش آيو آھي پر اطلاع ملڻ باوجود پوليس چوڪي جا اهلڪار سمهي رهيا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد احتجاج ختم ڪيو.
-
سکر ويجھو رھواسين جو بااثر جي زيادتين خلا ف احتجاج
سکر (رپورٽر) شڪارپور جي علائقي چڪ جي ڳوٺ ڊرٻ ٽانوري واسي غلام ياسين ٽانوري بااثر جي زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته بااثر پنجن جڳھن جي سودو چاليھ لکن ۾ ڪيو جنھن مان پنجويھ لک روپين جو فراڊ ڪري ويو آھي ڀڄي جوابدار پئيسن ڏيڻ کان ٺپ جواب ڏيندي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي جنھن سبب زندگي کي خطرو اھي . ھن وزيراعلي سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته فراڊ ڪندڙ جوابدار خلافت سخت ڪارروائي ڪري مُنھنجا واپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
-
جهمپير ۾عورت جو بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج
جھمپير(ڊ ر) يوسي جھمپير جي ڪوھستاني ڳوٺ ملوڪ جاکرو جي رھواسڻ مسمات ناني حليمان جاکري صحافين اڳيان دانھيندي الزام ھڻندي ڇيو آھي ته ھو رڳو چار ڀينرون جن ۾ ناني حليمان، حلو، ولائي ۽ ڦاپي آھن، سندن ڪوبه ڀاءُ ناھي، سندن والد احمد ولد الھبچايو جاکرو جي زمين فتوجي مڪان ۽ حسڻجي مڪان ۾ 20 کان 25 ايڪڙ زمين آھي، جيڪا سندن والد جي وفات بعد مقامي بااثر ماڻھن روينيو کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان بااثر لينڊ مافيا سان وڪرو ڪري کين پنھنجي ئي ملڪيتن مان بيدخل ڪري ڇڏيو آھي، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪري کين پنھنجو حق ڏياري سندن ملڪيتيون وڪرو ڪندڙ بااثر ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ انصاف لاءِ عدالت ۾ وينداسين.