پشاور ۾ هٿياربندن پاران گهر تي حملو،هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڄڻا مارجي ويا

پشاور ( م ڊ )  پشاور ۾جوابدارن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڀاتي قتل ڪري ڇڏيا، پشاور جي علائقي بڙ بير ۾  جوابدارن جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا.ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر ٻڌ بير موجب فائرنگ جو واقعو ملڪيت جي تڪرار تان پيش آيو، جنهن ۾ مخالف ڌر گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ سبب گهر ۾ موجود 4 عورتون ۽ 4 ٻارڙا موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڊي ايس پي ٻڌ بير جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ پوليس جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ۽ زخمين کي کڻائي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي. ٻئي طرف مقتول جي وارث صحافي خالد رحمان  واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته واقعو پوليس جي لاپرواهي سبب پيش آيوآهي، سندس چوڻ هو ته هو هڪ ڪلاڪ تائين مسلسل پوليس کي فون ڪندو رهيو. واقعي دوران پوليس پاران ڪو به جواب نه ڏنو ويو، جنهن سبب قيمتي جانيون ضايع ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.