آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي خدمتون آڇيندڙن کان سڌي ريت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿيون\ايڊيشنل اٽارني جنرل

اسلام آباد(م ڊ) ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل آڊيو ليڪس ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) ۽ انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) سڌي ريت سروس فراهم  ڪندڙن ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان ڊيٽا گڏ ڪري سگهن ٿا . اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار آڊيو ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڳجهن ادارن کي ڊيٽا ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، اهي ساڳي پاليسي جي ميڪنزم موجب ڊيٽا وٺي رهيا آهن. پي ٽي اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪنهن به ايجنسي کي نگراني جي اجازت ناهي ڏني وئي. جسٽس بابر ستار پوليس جي وڪيل طاهر ڪاظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته ماڻهن کي خبر هئڻ گهرجي ته اوهان ماڻهن جي پرائيويسي ۾ داخل ٿي رهيا آهيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل جي چيمبر ۾ ٻڌڻي جي درخواست ڪئي، جنهن کي جسٽس بابر ستار رد ڪندي چيو ته اها قومي سلامتي جي ڳالهه ناهي، چيمبر مچ جي ٻڌڻي شروع نه ڪندو، ڇا توهان اهو چئي رهيا آهيو ججز چيمبر ۾  يا وزيراعظم هائوس جي ٽيپنگ دشمن ايجنسيون ڪن پيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.