پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر سيف الله چيو آهي ته ڪي پي جي وڏي وزير جي ”گڊ ۽ بيڊ طالبان“ جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي، علي امين گنڊاپور اهڙي بي بنياد بيان تي لاتعلقي جو اظهار ڪري ٿو، غلط بيان بازي ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي ۾ رڪاوٽ بڻجندي.جاري ڪيل بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ۽ استحڪام سڀني جي پهرين ترجيح آهي. وفاقي حڪومت عزم استحڪام جي طريقيڪار، مدي ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي وضاحت ڪري ڇو ته ان اهم ترين معاملي تي سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي.