ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ پوليس ڳجهي اطلاع تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي پراڻي سبزي منڊي پير الاهي بخش ڪالوني مان لياري گينگ وار جي ڪمانڊر احمد علي مگسي گروپ سان تعلق رکندڙ 3 انتهائي گهربل جوابدار عثمان شاهه عرف عثمان رڪشي وارو، عبدالله ۽ نثار عرف ڪاشان کي گرفتار ڪيو ڪري ورتو آهي . گرفتار جوابدارن جي قبضي مان وارداتن ۾ استعمال ٿيل غير قانوني هٿيار، دستي بم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا ، رينجرز ترجمان مطابق گرفتار جوابدار ڪراچي ۾ گينگ ڪمانڊر منا گهانچي ۽ صادق عرف سلو عرف ماما صادق جي نالي تي ڀتا خوري ۽ ٻين ڏوهن جو نيٽ ورڪ هلائي رهيا آهن، لياري گينگ وار جي ڪمانڊر احمد علي مگسي جو سڄو هٿ آهي. منشيات فروشن، فائرنگ، هٿيارن ۽ ٻين ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث رهيو آهي. جوابدارن جاچ دوران ٻڌايو ته جوابدارن منا گهانچي ۽ صادق عرف سلو عرف ماما صادق جي هدايت تي جوابدار عبدالله رند بلوچ، عثمان شاهه عرف عثمان رڪشا والا، علي عرف موتا، سلمان عرف سلو، بلال بلوچ، وقاص بلوچ، علي عرف گرانڊ ۽ وسيم ڀيا پڻ ڪيتريون ئي ڏوھاري ڪارروايون ڪيون آهن .