اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا، شهريار آفردي کانپوءِ شير افضل خان مروت به پارٽي ۾ اختلافن سبب قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. شير افضل مرورت ايڪس تي لکيو آهي ته باجوائي مافيا پارٽي کي موروثي واري تباهي ڏانهن ڌڪڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ مصروف آهي. ڪارڪن احتجاجي اعلان ٻڌڻ لاءِ بيتاب آهن،شير افضل مروت لکيو ته عمران خان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪابه ڪوشش نه ڪئي پئي وڃي. عوام کي انهن بدمعاشن جا بدصورت چهرا سڄاڻڻ گهرجن. هاڻي اسان شوڪاز نوٽيس وٺنداسين، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هن جعلي تسلط کي ختم نه ڪيو ويو ته عمران خان جي حياتي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي، جنهن جي ذميوار باجوائي ٽيم هوندي، چوڻ جي ضرورت ناهي پر مان هن ڀيري خوفناڪ حقيقتن جي انڪشاف سان خاموشي ٽوڙيندس.