حڪومت پيپلزپارٽيءَ جا سمورا مطالبا منظور ڪري ورتا، ڳالھيون ڪامياب

اسلام آباد (م ڊ):حڪومت پيپلزپارٽي جا سمورا مطالبا منظور ڪري ورتا آهن. حڪومتي ذريعن موجب مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي طرفان راجا پرويز اشرف، علي حيدر گيلاني، نديم افضل چن ۽ حسن مرتضيٰ شامل هئا. ڳالهين واري ڪميٽي ۾ مسلم ليگ ن جي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان، راڻا ثناءُ الله ۽ خواجا سعد رفيق سميت ٻيا اڳواڻ شامل هئا. ذريعن مطابق حڪومت پ پ جا سمورا مطالبا تسليم ڪري ورتا آهن، پنجاب ۾ ترقياتي فنڊز ۽ انتظامي عهدن تي به پيپلز پارٽي کي ترجيح ڏني ويندي. ذريعن موجب ڳالهين جو ٽيون دور وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ٽيم اڄ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڳالهين جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي. ٻئي طرف وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ چيو ته پيپلزپارٽي جا سمورا مطالبا جائز هئا جيڪي قبول ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.