سکر ( رپورٽ:آزاد مهر) صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو سکر بيراج جي گيٽن کي نقصان پھچائڻ واري معامري تي نوٽيس وٺندي پنج رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، آبپاشي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو 5 رڪني تحقيقاتي ٽيم جوڙي ورتي آھي جيڪا ڪميٽي2 مھينن ۾ رپورٽ آبپاشي ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي کي ڏيندي واقعي جا سبب ٻڌائيندي ۽ ذميوار آفسيرن خلاف ڪارروائي ٿيندي، واقعي جو اصل ذميدار ڪير ھوندو ۽ ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، ڄام خان شورو آبپاشي وزير پاران سکر بيراج جي دروازن جي مرمت بهتر ۽ جلد ڪرائڻ لاءِ سکر بيراج مان نڪرندڙ ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي ستن ڪينال جو پاڻي بند ڪرڻ سبب آبادگارن کي پاڻي جي نه ملڻ تائين صوبائي وزير سکر ۾ موجود ھوندو، مختلف سببن ۽ کوڙ سارين پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو، جڏهن ته بيراج مان نڪرندڙ ڪينالن ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سکر سميت سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ به ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ٿر واسين لاءِ خاص طور تي نارا ڪينال مان آبادي توڙي چوپائي مال سميت پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ٿيندي آهي ۽ نارا ڪينال ئي ٿر جي ماڻهن کي پاڻي جو واحد ذريعو آهي، جيڪو پڻ بند ٿيڻ سبب ٿر جي ماروئڙن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندو، ان سلسلي ۾ ترجمان صوبائي وزير سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران واضع ڪيو ويو آهي ته ٽن ڏينهن تائين مڪمل پاڻي ڪينالن ۾ بند رهندو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ ئي واضع ڪري سگهجي ٿو ته ڪڏهن پاڻي ڇڏيو ويندو هڪ طرف ترجمان صوبائي وزير جو اهو موقف آهي ته ٻي طرف ايس اي سکر بيراج فياض علي شاهه جو چوڻ آهي ته سکر بيراج جو دروازو تيستائين بحال نه ٿو ٿئي جيستائين پاڻي گهٽ نه ٿو ٿئي.
-
آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب سکر بئراج کي نقصان پهتو آهي: نواب زبير ٽالپر
حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد جي مرڪزي صدر نواب زبير احمد ٽالپر ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن سکر بئراج جي دروازن کي نقصان پهچڻ تي افسوس ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب سنڌ جي 80 سيڪڙو زراعت کي آباد ڪندڙ بئراج کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي، جنهن جو ذميوار سنڌ جو آبپاشي کاتو ۽ ان ۾ ويٺل آفيسر آهن، جيڪي سياسي سفارشي ڀرتين تي مقرر ٿيل آهن. هنن چيو ته روهڙي توڙي نارا ڪينال تي آباد ٿيندڙ فصل پاڻي نه هجڻ ڪري سڪي سڙي رهيا آهن، جن جو ازالو نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته هن وقت انهن ڪينالن تي ڦٽي ۽ ٻيا فصل تيار حال ۾ بيٺل آهن. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سکر بئراج جي مرمت بحاليءَ لاءِ 5 سالن جي دوران خرچ ڪيل رقم جا تفصيل ڏنا وڃن ته ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪهڙي مد ۾ خرچ ڪيا ويا آهن. سنڌ آبادگار اتحاد مطالبو ڪيو آهي ته هنگامي بنيادن تي بئراج جي مرمت ڪئي وڃي ۽ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هنن چيو ته فوري طور تي ان اهم معاملي جي تهه تائين پهچڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وڃي ۽ جڊيشل ڪميشن جوڙي ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن اڳتي لاءِ اهڙو واقعو پيش نه اچي.
-
سکر بئراج جي مرمت جي بهاني اربين رپيا هڙپ ڪيا ويا: عوامي تحريڪ
حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ سرواڻ جتوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڪرپٽ نااهل حڪومت ۽ ڪاموراشاهي سکر بئراج جي دروازن جي مرمت جي نالي ۾ رکيل اربين روپيا هڙپ ڪري ويا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ سکر بئراج جا دروازا لڙهي ويا. هن وقت جڏهن بيٺل فصلن کي پاڻي جي سخت ضرورت آهي ان وقت آبادگارن جو پاڻي سکر بئراج جا دروازا ٺاهڻ جي نالي ۾ بند ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري پوڇڙ وارن علائقن ۾ ڪربلا جو منظر آهي. انسان، جانور، پکي پکڻ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن. پاڻي نه هجڻ ڪري آبادگارن ۽ هارين کي اربين روپين جي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته آبادگارن ۽ هارين کي معاشي ڏيوالي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جلد پوڇڙ تائين پاڻي پهچايو وڃي. وارا بندي جي نالي ۾ بند ڪيل واهه، شاخون ۽ واٽر کوليا وڃن. آبادگارن ۽ هارين جا زرعي قرض معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي. پاڻي نه هجڻ ڪري بيٺل فصل جيڪي هاڻي سُڪي ويا آهن انهن تي ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائن جي مد ۾ ڪيل خرچ جو معاوضو ڏنو وڃي. سکر بئراج جي دروازن جي مرمت ۾ جن آفيسرن ڪرپشن ڪئي آهي انهن خلاف قدم کنيو وڃي.سکر بئراج جي تباهي جو ذميوار ايريگيشن جو وزير آهي جنهن کي فورن هٽائي ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
-
سکر بئراج جي دروازن جي 6 سالن کان گريسنگ نه ڪئي وئي،ڪروڙين رپيا هڙپ: سوشل ميڊيا
ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سوشل ميڊيا تي سکر بئراج جو 47هون گيٽ لڙهي وڃڻ واري واقعي تي سنڌ حڪومت تنقيد جو نشانو بڻيل آهي، هڪ صارف مولابخش جوڻيجو پوسٽ رکي آهي ته سکر بئراج جي اڳوڻن ڪامورن فضل الله قريشي، خالد حيدر ميمڻ، مظهر شاهه موجب 6 سالن کان بئراج جي دروازن تي نه گريسنگ ڪئي وئي نه ان جا رسا تبديل ڪيا ويا، انڪوائري ٿيڻ گهرجي ته ڪروڙين رپيا ڪيڏانهن ويا؟ عطا محمد ٻگهيو لکيو ته انڪوائري ڪري ڏسو متان نه متان ڪو کڙتيل نڪري اچي