اسٽيبلشمينٽ جي حمايت وٺڻ هاڻ شوق بڻجي ويو آهي:خواجا سعد رفيق

لاهور (م ڊ) حڪمران پارٽي مسلم ليگ (ن) جي  سينيئر اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سان اقتدار ۾ اچڻ سياسي قيادتن جو شوق بڻجي ويو آهي.  لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ خواجا سعد رفيق وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سياسي اڳواڻن جي ضرورت هوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن اها مجبوري به بڻجي ويندي آهي.سڀني کي خبر آهي ته ڪير ڪهڙي ڪهڙي ٽائيم ڇا ڇا ڪري پارليامينٽ ۾ پهتو، هر ڪو پنهنجا گناهه لڪائڻ ۽ ٻين کي بي نقاب ڪرڻ چاهي ٿو.خواجا سعد رفيق چيو ته سٺو ٿيندو ته سڀ گڏجي ڊگھي مدي جو حل ڳولين، ٻي صورت ۾ مقبول ۽ گهٽ مقبول، قبول ۽ ناقابل قبول سڀ فارغ ٿي ويندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.