بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ بلن ۾ واڌ خلاف جماعت اسلامي جو ملڪ گير احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان ) جماعت اسلامي پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ بلن ۾ واڌ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي بندش خلاف 26 جون تي ڪراچي ۾ شارع  فيصل تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي. امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪنهن به شعبي ۾ گورننس نالي ڪا شيءِ ناهي.  راولپنڊي، بهاولپور، اوڪاڙا، گجرات، سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ جيڪب آباد سميت مختلف شهرن ۾ جماعت اسلامي جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ۽ لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪيو ويو،  . احتجاج ڪندڙن چيو ته جيڪڏهن بجلي جي بلن ۾ اضافو واپس نه ورتو ويو ته هو احتجاج جو دائرو وسيع ڪندا. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته لوڊشيڊنگ، بلن ۽ ٽيڪسن خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ گورننس نالي ڪا شيءِ ناهي، تاثر ڏنو پيو وڃي ته کير جا درياهه وهايا ويا آهن، حڪومت آءِ پي پيز جي نالي تي 2800 ارب رپيا ڏئي رهي آهي،ڪنهن شعبي کي ڏسون ٿا ته اتي گورننس نالي ڪا شيءِ ناهي. امير جماعت اسلامي ڪراچي منيم ظفر چيو ته جماعت اسلامي 26 جون تي بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف شارع فيصل تي ڌرڻو هڻندي. هن چيو ته مهانگي بجلي، بدترين لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف عوام احتجاجي تحريڪ شروع ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي گذريل 16 سالن ۾ ترقياتي منصوبن جي نالي تي رڳو ڪرپشن ڪئي آهي.هوڏانهن ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، جيڪب آباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، ٺل، کڏڙو، ٽنڊو آدم، ۽ ٿرپارڪر سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ٽنڊو آدم ۾ پريس ڪلب آڏو ٿيل احتجاجي مظاهري ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻ راشد نسيم ۽ ٻين خطاب ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ کان پريس ڪلب تائين جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي کان نور چوڪ تائين عقيل احمد خان جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ميرپورخاص ۾ حاجي نور الهي مغل جي اڳواڻي ۾ مارڪيٽ چوڪ کان ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي، نوابشاهه ۾ چڪرا بازار چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ضلعي امير سرور قريشي ڪري رهيو هو، ٺٽي ۾ ايڊووڪيٽ عبدالمجيد سمون جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، کڏڙو ۾ سانگهڙ ضلعي جي اڳواڻ ارشد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ، ٺل ۾ ابو عبيد مهر جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، سيوڻ ۾ عبدالنبي ۽ علي بوزدار جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي، ۽ مٺي ٿرپارڪر ۾ ضلعي امير محمد بليدي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.