افغان طالبان جو ڏچو ۽ پاڪستان جي نيازمندي

تحرير: امتياز عالم

امارات اسلامي طالبان هڪ وڏي مونجهاري ۾ آهي. ويهن سالن تائين وڏي دم خم ۽ گوريلا حڪمت عملي سان  افغان تي آيل ڦوروئن کي شڪست ڏيڻ لاءِ انھن افغان مزاحمتي روايت کي خوب نڀايو، پر جيئن ئي آمريڪا اتان نڪتو ته ان سان گڏ اھي سمورا وڏي مقدار وارا وسيلا، معيشت ۽ رياست جو ڪاروبار، انتظاميه ۽ ان سان جڙيل تعليم يافته ۽ پيشه ور عنصر ۽ سماجي خدمتن جا عالمي ادارا به غائب ٿي ويا.

افغان طالبان بنا مزاحمت جي پيدل ڪابل ۾داخل ٿيا تھ  سڀ ڪجهه اجڙي چڪو ھو،رھيل سھيل ڪسر سماج جي سمورن سرگرم ۽ پيشه ور عنصرن ۽ ڊالرن جي واپسي پوري ڪري ڇڏي.

اسلامي امارات طالبان جي فتح جو بنياد تھ ان امن معاھدي رکي ڇڏيو ھو جيڪو  قطر ۾ آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ ٿيو ھو، پر ان معاهدي جي تسلسل ۾ افغانين جي وچ ۾ جيڪا وسيع البنياد حڪومت وجود ۾ اچڻي هئي، سا افغانين جي پاڻ ۾روايتي خلفشار جو شڪار ٿي وئي.

اڳوڻي صدر اشرف غني جي خواريءَ سان فرار ٿيڻ سان ميدان مڪمل طور افغان طالبان جي هٿ ۾ اچي ويو. ان سان گڏ، افغان طالبان جي سياسي ۽ سفارتي صلاحڪارن کي پاسيرو ڪيو ويو ۽ مرد  ميدان جهادي ڪمانڊرن جو جلدي اسلامي امارت تي غلبو حاصل ٿي ويو.

ان جو تازو مثال ڪابل ۽ بلخ جا گورنر آھن ۽ اڪثر وزارتي ۽ حڪومتي مقرريون آهن. مٿان کان داعش خراسان ۽ ٻيا مستقل جهادي عنصر ۽ انهن جون تنظيمون آهن جن وٽ جهاد کانسواءِ ٻيو ڪو به متبادل ناهي ۽ اھي پنھنجي سمجھه ۾ افغان طالبان کي سمجهوتو ڪندڙ سمجهن ٿا، جڏهن ته لبرل اپوزيشن فرار ٿيڻ جو رستو اختيار ڪيو آهي.جنھن بعد  جهاد کان پوءِ واري دور ۾، شرعي قانون جي نفاذ جون گھرجون پوريون ٿي چڪيون آھن. جيڪي افغانستان جي قبائلي اسلام جي صورت ۾ نھايت  انسانيت سوز آهن.

هڪ مذهبي تنظيم جي حيثيت سان، افغان طالبان کي ڪا جوڙجڪ سمجھه ۾ اچي ٿي تھ اھا فقط هڪ امير يا خليفو ۽ ان جي پسند جي شوريٰ  آھي. جنهن کي هو اڳئين ۽ موجوده اسلامي رياست سان ملندڙ جلندڙ تصور ڪن ٿا.

هاڻي جڏهن جھاد ڪندي ڪندي  اوچتو طالبان ڪابل تي قابض ٿيا  ته رياست ۽ ان جون سموريون گھرجون، معيشت، ڪاروبار، ماهر ۽ اھلڪار سڀ گم ٿي ويا، نه ماني آھي، نه پاڻي آھي، نه دوا آھي، نه نوڪري آھي، نه ڪاروبار، نه رياستي عملدار آھن. نه ئي مالي نظام آهي. اڌ کان وڌيڪ افغاني بک مري رهيا آهن ۽ رياست ۽ معيشت بيهي رهيو آهي.

جيڪڏهن عالمي مالياتي بندش ڪجهه وقت اڃان  جاري رهي ته ڏسجو ته ڏڪار جو شڪار، مفلس، بيروزگار، افغاني ڪهڙو حشر ٿا ڪن ؟  پر طالبان جي حڪومت جو ضد آهي جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نھ پيو وٺي ۽ عالمي برادري پنهنجي شرطن تي سختي سان قائم آهي.

اسلام آباد ۾ آمريڪا، چين، روس ۽ پاڪستان جي سفارتي نمائندن جو اجلاس ٿيو، جنهن جي پڌرنامي ۾ انھن ئي شرطن جو ذڪر ٿيو جنھن جو اظھار عالمي برادري مسلسل ڪندي رھي آھي.افغانستان ۾ وسيع بنياد تي ڀائيواري واري حڪومت، عالمي انساني حقن خاص ڪري عورتن جي حقن تي عملدرآمد ۽ افغان سرزمين تي ممڪنه دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ عالمي دهشتگرد تنظيمن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو، پاڪستان، ايران ،چين سميت وچ ايشيا جا سمورا ملڪ ڪري رھيا آھن.ان سان ملندڙ جلندڙ  مطالبا دهلي ۾ ٿيندڙ افغانستان بابت ڳالهين دوران 8 ملڪن جي سڪيورٽي صلاحڪارن به ڪيو آهي، جنهن ۾ گھڻو زور  افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ تي ڏنو ويو آهي.

افغان طالبان وٽ ٻه رستا آهن: پاڪستان ۽ قطر کان سواءِ، افغان طالبان جي حڪومت سڄي دنيا ۾ اڪيلائي جو شڪار آهي ۽ ان کي سفارتي قبوليت نھ ملي رھي آھي. جنهن جي ان کي سخت ضرورت آهي.

افغان انتظاميه کي معيشت جي بحالي، رياست انتظام ڪرڻ ۽ وڌندڙ انسانيت الميي کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي پئماني جي ٻاھرين  مدد جي ضرورت آهي. ان ڪري طالبان لاءِ وٽ  واحد عمل جوڳو رستو اھو آھي تھ عالمي برادريءَ جي مطالبن ۽ افغان عوام جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ عملي رستو اختيار ڪيو وڃي. دنيا کي افغانستان ۾ صرف ٻن سببن جي ڪري دلچسپي آهي: هڪ ته افغانستان ٻيهر عالمي دهشتگردي جو مرڪز نه بڻجي وڃي ۽ ٻيو اھو تھ وڏي پئماني تي  انساني الميي جي ڪري  لکين افغانين کي مهاجر بڻجڻ يا لڏڻ تي مجبور نه ڪري، انهن ٻنهي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ جيڪڏهن افغان طالبان عالمي برادري جو ساٿ ڏئي ٿي تھ ان لاءِ هڪ نرم رويو پيدا ٿي سگهي ٿو.

ٻي صورت ۾ عالمي برادري ڪنھن وڏي فتني کي ڇو مضبوط ڪندي ۽ طالبان جي زوال جو انتظار ڇو ڪندي؟  پاڪستان جي هٿ مروڙڻ لاءِ انھن وٽ تحريڪ طالبان موجود آھي ۽ هاڻي پاڪستان  لکين افغان پناهگيرن جو بار سھڻ جي سگھھ نٿو رکي. نه ئي وري پاڪستان وٽ ايترا وسيلا آهن جو اھو افغانين کي کارائي سگھي.

تحريڪ طالبان افغانستان جنهن طرح تحريڪ طالبان پاڪستان کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو آهي ۽ هاڻي اهي پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي، جي وچ ۾ ڳالهين جا ضامن بڻيا آهن، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو پنهنجي ئي واحد سرپرست سان ڪھڙي  چالاڪ واري راند کيڏي سگھن ٿا.سو افغانستان ۾ موجود ٻاھرين دھشتگردن جي حوالي سان ايران، وچ ايشيا، چين ۽ روس سان افغانستان ڪهڙي راند آهي، جيڪا نه کيڏي سگهندو.اهو ئي سبب آهي جو ھاڻي خطي جا سمورا ملڪ انهن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي رهيا آهن ۽ آمريڪا ۽ يورپ چئي رهيا آهن ته ايندڙ مھينن ۾داعش ۽ القاعده  ٻيهر عالمي دهشتگردي ڪرڻ جي قابل ٿي  سگهن ٿيون. عالمي اڪيلائي ۽ اندروني بحران مان نڪرڻ لاءِ طالبان کي سڀ ڪجهھ تبديل ڪرڻو پوندو ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو جنهن جو عالمي برادري مطالبو ڪري رهي آهي.

جيڪڏهن اهي ائين نٿا ڪن ۽ ٻين جهادي گروهن سان سندن جهادي اتحاد نظرياتي طور تي مضبوط رهي ٿو ۽ پنهنجي موجوده روش کي برقرار رکيو وڃي ٿو  ته پوءِ هو پاڻ کي ۽ افغانستان کي هڪ ٻئي بدترين بحران ۾ وجھي ڇڏيندا.

افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ ان ڇڪتاڻ ۽ بحران جو سڀ کان وڌيڪ خراب اثر پاڪستان تي پوندو پر پاڪستاني انتظاميا افغان طالبان اڳيان نھ رڳو جھڪي رھي آھي بلڪھ  پر ٽي ٽي پي ھٿان بھ  بليڪ ميل ٿي رھي آھي ته جيڪڏهن انهن کي تسليم نه ڪيو وڃي ته سرحد پار کان خودڪش حملن لاءِ تيار رھو.

پاڪستاني طالبان افغان طالبان جي امير جي بيعت ڪئي آهي، تنهن ڪري اهي افغانستان جي اسلامي امارات جو حصو آهن ۽ انھن جي ڪاررواين جا ذميوار طالبان ۽ حڪومت آهي.ڪٿي ائين ته ٿيڻ نھ پيووڃي تھ افغان طالبان پاڻ سان گڏ  پاڪستان کي ٻوڙي ڇڏين  يا وري تحريڪ طالبان پاڪستان سان صلح ڪري پاڪستان کي پڻ اسلامي امارت بنائڻ جو رستو هموار ڪيو پيو وڃي؟

 

پاڪستاني طالبان افغان طالبان جي امير جي بيعت ڪئي آهي، تنهن ڪري اهي افغانستان جي اسلامي امارات جو حصو آهن ۽ انھن جي ڪاررواين جا ذميوار طالبان ۽ حڪومت آهي.ڪٿي ائين ته ٿيڻ نھ پيووڃي تھ افغان طالبان پاڻ سان گڏ  پاڪستان کي ٻوڙي ڇڏين  يا وري تحريڪ طالبان پاڪستان سان صلح ڪري پاڪستان کي پڻ اسلامي امارت بنائڻ جو رستو هموار ڪيو پيو وڃي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.