اوڏيري لال ۾ واپاري جي اغوا خلاف شٽربند هڙتال، بازيابي لاءِ احتجاج

مٽياري /اوڏيرو لال اسٽيشن (رپورٽ: ضمير خاصخيلي+ سڪندر ساهووال)اوڏيرولال اسٽيشن ۾ نوجوان هندو واپاري جي اغوا خلاف شٽربند هڙتال ڪري ڪاروبار کي بند ڪيو ويو . گذريل رات اوڏيرولال اسٽيشن جي هندو واپاري نريش ڪمار کي حيدرآباد ويندي سيکاٽ ٿاڻي جي حد ڏهه  دري وٽان نامعلوم هٿياربندن سندس گاڏي کي روڪي زبردستي هٿيارن جي زور اغوا ڪري نامعلوم هنڌ تي کڻي ويا هئا، جنهن کان پوءِ اوڏيرولال اسٽيشن جي واپارين، سياسي سماجي ڌرين احتجاجن دڪانن جا شٽر ڊائون ڪري ڪاروبار کي بند ڪري ڇڏيو، انجمن تاجران جي اڳواڻ سيٺ ٺاڪو مل، مسعود بهلم، ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين محمد قاسم ابڙو، ٽائون ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين محمد حنيف ڇٽو، سياسي سماجي اڳواڻ نبي بخش جت، لڇو مل، رميش ڪمار، سيٺ موتي مل ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اغوا ٿيل هندو واپاري نريش ڪمار کي جلد آزاد نه ڪرايو ويو ته احتجاج جي دائري کي وسيع ڪري پوري سنڌ جي ڪاروبار کي بند ڪيو ويندو. هوڏانهن ايس ايس پي مٽياري اصغر شاهه اوڏيرولال اسٽيشن ۾ اقليتي برادري جي احتجاجي ڌرڻي ۾ پهچي مغوي جي وارثن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوشش آهي ته اغوا ٿيل نريش ڪمار کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو ويندو. هن اقليتي برادري کي پڻ سهڪار ڪرڻ لاءِ چيو ته هڪ ڏينهن اندر اغوا ٿيل کي بازياب نٿو ڪرائي سگهجي، جنهن ڪري کين ٿورو وقت ڏنو وڃي ۽ اميد آهي ته جلد اغوا ٿيل کي بازياب ڪرايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.