اسلام آباد (م ڊ) نيب جي 179 ميگا ڪرپشن ڪيسن مان لڳ ڀڳ اڌ بند يا ختم ٿي چڪا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ فائدو وٺندڙن ۾ نواز شريف، شهباز شريف، پرويز اشرف، چوڌري شجاعت حسين شامل آهن. فردوس عاشق اعواڻ، آفتاب احمد شيرپائو، نواب اسلم خان رئيساڻي ۽ ٻيا شامل آهن. آصف علي زرداري خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس به لسٽ ۾ شامل هو پر ان ڪيس مان کيس بري ڪيو ويو. ميگا ڪرپشن ڪيسن ۾ نيب ايڇ بي ايل جي اڳوڻي سربراهه يونس حبيب، حسين حقاني، سينيٽر سحر ڪامران، شون گروپ ۽ ٻين خلاف به انڪوائريون بند ڪري ڇڏيون آهن. انهن 179 ڪيسن مان هن وقت تائين صرف 10 کي سزا ملي آهي. نيب موجب بري ٿيل ڪيسن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي هدايت تي نيب طرفان پنهنجي آفيشل ويب سائيٽ تي شيئر ڪيل معلومات موجب مئي 2015ع ۾ 179 ميگا ڪيسن جي لسٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي هئي. ان وقت انهن 179 ميگا ڪرپشن ڪيسن ۾ 81 انڪوائريون، 52 انڪوائريون ۽ 46 عدالتي ريفرنس شامل هئا. لڳ ڀڳ 9 سالن کانپوءِ انهن ڪيسن جي تفصيلن ۾ ٽي انڪوائريون ۽ چار تحقيقات شامل آهن، جن ۾ 87 ريفرنسز رولڙي ۾ آهن ۽ 85 ڪيس 30 اپريل 2024 تي ختم ڪيا ويا. انهن 85 ڪيسن ۾ ريفرنسز به شامل آهن، احتساب عدالتن جوابدارن جي حق ۾ يا خلاف فيصلو ڏنو. جولاءِ 2023ع ۾ نيب ميان نواز شريف، ميان شهباز شريف ۽ ٻين خلاف رائيونڊ کان شريف خاندان جي رهائشگاهه تائين روڊ جي تعمير بابت اختيارن جي ناجائز استعمال جي ڪيس ۾ جاچ بند ڪري ڇڏي هئي. ايف آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين جو الزام آهي2017ع ۾ نيب طرفان نواز شريف خلاف ڪيس ۾ هڪ ٻي جاچ بند ڪئي وئي هئي. 2017ع ۾ نيب اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف، سندس پرنسپل سيڪريٽري ۽ ٻين خلاف به اختيارن جي غلط استعمال ۽ فنڊ جاري ڪرڻ جي الزام ۾ انڪوائري بند ڪئي. نيب چوڌري شجاعت حسين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ 2021ع ۾ جاچ بند ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي سبب 3 انڪوائريون اڃا التوا ۾ آهن. 9 سالن کانپوءِ به ڊي ايڇ اي وادي اسلام آباد جي انتظاميه ۽ ٻين خلاف جاچ جاري آهي. اهڙي ريت واپار ۽ صنعت واري اڳوڻي وزير مير عبدالغفور لاهوري خلاف به جاچ جاري آهي. 179 ميگا ڪرپشن ڪيسن ۾ گرانڊ حيات ٽاور جي تعمير ۾ سي ڊي اي عملدارن ۽ بي اين پي گروپ انتظاميا خلاف جاچ جو ڪيس به شامل آهي. ان ڪيس جي موقف بابت نيب جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي، انهن 179 ڪيسن مان هن وقت تائين رڳو 10 جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي آهي، جن ۾ پلي بارگين ڪيس به شامل آهن، جڏهن ته هن وقت تائين رڳو 19 ڪيسن مان جوابدار بري ٿيا آهن.