چوڌري اسلم شعيب خان کان هڪ ئي ڏينهن ۾ 80 ڪروڙ حاصل ڪيا؟

ڪراچي(آغا خالد) ماضي ۾ ڪراچي جي ناليواري انڊر ورلڊ ڊان شعيب خان کي ڪيئن ماريو ويو، اهم انڪشاف سامهون اچي ويا، ذريعن موجب متحده باني الطاف حسين شعيب خان جو سخت مخالف هو، فوجي آمر جنرل مشرف جڏهن اقتدار ۾ آيو ته الطاف حسين سندس آڏو شرط رکيو ته شعيب خان کي منظر تان هٽايو وڃي ڇو ته هو رياستي ادارن سان گڏجي متحده جا ويڙهاڪ ٽوڙي رهيو آهي، جنهن بعد  شعيب خان کي دوکي سان لاهور مان گرفتار ڪيو ويو، کيس ڪراچي آڻڻ جي ذميواري مارجي ويل پوليس آفيسر چوڌري اسلم جي هئي جيڪو پاڻ به ڪرمنل ٽائيپ جو آفيسر هو، هن رستي ۾ شعيب خان کان مختلف حوالن ذريعي 80 ڪروڙ رپيا اوڳاڙي ڇڏيا، شعيب خان کي ڪراچي سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو ۽ جيلر کي چيو ويو ته هن جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو جنهن انڪار ڪيو جنهن بعد هڪ ٻئي ڪرمنل ٽائيپ جي معطل جيل سپرنٽينڊنٽ امان الله نيازي کي بحال ڪري ان عهدي تي رکيو ويو جنهن ٻن ڏينهن ۾ ئي شعيب خان کي هڪ هوا واري انجيڪشن نسن ۾ هڻي ماري ڇڏيو، ان انجيڪشن جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ثابتي ظاهر ناهي ٿيندي ته همراهه ڪهڙي سبب مئو،ان کانپوءِ متحده ڪراچي پوليس آپريشن ۾ حصو وٺندڙ 200 پوليس آفيسرن کي شهيد ڪري ڇڏيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.