حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ سرواڻ جتوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سکر بئراج جي گيٽ نمبر 44 ۽ 47 جو ٽٽڻ سنڌ حڪومت جي بدترين ڪرپشن جو ثبوت آهي. سنڌ جو آبپاشي کاتو ڪرپٽ ترين کاتو آهي. آبپاشي کاتي جي بدترين ڪارڪردگي ۽ نااهلي سبب سکر بئراج جا دروازا ٽٽي ويا. سنڌ حڪومت انگريزن جي دور جي ٺهيل بئراج جي مرمت ۽ سار سنڀال نه ڪري سگهي آهي. بئراج جي مرمت جا پيسا ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا.نااهل آفيسرن ۽ ذميوارن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي. ملڪ ۾ اهڙو ڪوبه ادارو ناهي جيڪو سنڌ حڪومت جي مها ڪرپشن خلاف قدم کڻي. هنن چيو ته آبپاشي کاتي جي اربين رپين جي بجيٽ سنڌ سرڪار ۽ ڪامورا ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪريو وڃن.